ڊيويليئرز، بابر جي ڪپتاني ڇڏڻ واري فيصلي کي سٺو سنئوڻ قرار ڏئي ڇڏيو
ڪيپ ٽائون ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي ڏکڻ آفريڪي ڪپتان اي بي ڊيويليئرز بابر اعظم جي ڪپتاني ڇڏڻ واري فيصلي کي سٺو سنئوڻ قرار ڏئي ڇڏيو.بابر اعظم جي استعيفيٰ واري فيصلي تي اي بي ڊيويليئرز سوشل ميڊيا تي بابر اعظم کي مخاطب ڪندي چيو ته اوهان جو سفر انتهائي شاندار رهيو، اوهان بيٽر طور پنهنجي […]
ٽنڊولڪر جو 17 سال پراڻو رڪارڊ چٽ، ڪوهلي دنيا جو تيز ترين بيٽر بڻجي ويو
لٽل ماسٽر جي نالي سان مشهور ڀارت ۽ ڪرڪيٽ جي دنيا جي عظيم ترين بيٽر سچن رميش ٽنڊولڪر جو سڀ کان گهٽ ۾ اننگز ۾ 27 هزار رنسون ٺاهڻ وارو رڪارڊ ٽٽي ويو آهي.ٽنڊولڪر جو اِهو رڪارڊ ڪنهن ٻئي نه پر ڀارتي بيٽر ويرات ڪوهلي ئي ٽوڙيو آهي جنهن عالمي ڪرڪيٽ ۾ گهٽ ۾ گهٽ […]
غير معياري سهولتون، ڀارتي ميڊيا بي سي سي آءِ جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا
ڪانپور ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت ۽ بنگلاديش وچ ۾ ڪانپور ۾ جاري ٽيسٽ ميچ جي ٽئين ڏينهن جي راند به غير معياري سهولتن سبب نه ٿي سگهي.ڪانپور ٽيسٽ ميچ جي پهرئين ڏينهن 33.5 اوورن کانپوءِ برسات سبب راند روڪي وئي هئي جنهن کانپوءِ ٻئي ڏينهن به ڪانپور اسٽيڊيم ۾ راند نه ٿي سگهي هئي.پرڏيهي […]
سريلنڪا نيوزيلينڊ کي ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ شڪست ڏئي وائيٽ واش ڪري ڇڏيو
گال (ويب ڊيسڪ) سريلنڪا ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ به نيوزيلينڊ کي شڪست ڏئي سيريز ۾ وائيٽ واش ڪري ڇڏيو.گال ۾ کيڏيل ميچ ۾ نيوزيلينڊ اننگز ۽ 154 رنسن تان شڪست جو منهن ڏٺو، فالو آن کانپوءِ مهمان ٽيم ٻي اننگز ۾ 360 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي.واضح رهي ته سريلنڪا پهرين اننگز 5 وڪيٽن جي […]
لڳي ٿو پاڪستاني ڪرڪيٽرن کير پيئڻ ڇڏي ڏنو آهي: چاهت فتح علي خان
لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) پنهنجي گائيڪي جي انوکي انداز سبب سموري دنيا ۾ مقبول سوشل ميڊيا اسٽار چاهت فتح علي خان قومي ڪرڪيٽرز کي ڪارائتا مشورا ڏئي ڇڏيا.پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، هڪ انٽرويو ۾ سوشل ميڊيا اسٽار چاهت فتح علي خان قومي ٽيم جي ڪارڪردگي تي سوال اُٿاريندي چيو ته پاڪستان ٽيم ٽي ٽوئنٽي […]
پاڪ فوج جو اعزازي ڪيپٽن بڻجڻ فخر جوڳو لمحو هو : باڪسر عامر
لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڄائي برطانوي باڪسر پاڪ فوج جي اعزازي ڪيپٽن بڻجڻ تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو آهي.هڪ بيان ۾ باڪسر عامر خان چيو ته پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ راندين جي دنيا سان واسطو رکندڙ پهريون پاڪستاني آهيان جنهن کي اِهو اعزاز مليو آهي.ٻئي پاسي سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس […]
آءِ سي سي پليئرز رينڪنگ، ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ بابر جي بادشاهي برقرار
لاهور (ويب ڊيسڪ ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) ٽيسٽ ۽ ون ڊي رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي.آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل هفتيوار پليئرز رينڪنگ جاري ڪئي وئي آهي، ون ڊي رينڪنگ ۾ پاڪستاني ڪپتان بابر اعظم جي پهرين پوزيشن برقرار آهي، جڏهن ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ انگلينڊ جي جو روٽ جو […]
پوران بالرن جا ڌاڻا ڪڍي ڇڏيا، سال ۾ سڀ کان وڌيڪ ڇڪا هڻندڙ بيٽر بڻجي ويو
سينٽ لوشيا ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي ويسٽ انڊين ڪپتان ۽ وڪيٽ ڪيپر بيٽ نڪولس پوران هڪ سال دوران ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڇڪا هڻندڙ بيٽر بڻجي ويو آهي.نڪولس پوران هڪ سال دوران ڏيڍ سئو ڇڪا هڻندڙ دنيا جو پهريون ڪرڪيٽر بڻجي ويو آهي، هن اِهو ڪارنامو اڱاري ڏينهن ڪيريبيئن پريميئر ليگ […]
شاهين آفريدي جي چاهيندڙن لاءِ بُري خبر
فيصل آباد ( ويب ڊيسڪ ) چيمپيئنز ون ڊي ڪپ جي پهرئين پلي آف مرحلي ۾ فاسٽ بالر شاهين آفريدي جي شرڪت ڊاڪٽرن جي ڪليئرنس سان مشروط آهي.شاهين آفريدي کي ڊولفنز خلاف ميچ ۾ گوڏي تي بال لڳو هو جنهن کانپوءِ کيس رننگ ۾ پريشاني جو منهن ڏسڻو پيو.ذريعن جو چوڻ آهي ته شاهين آفريدي […]
ٻيانوي ورهين جي ڊگهي انتظار کانپوءِ ڀارت جو ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ تاريخي ڪارنامو
چنائي (ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم آچر جي ڏينهن چنائي ۾ بنگلاديش کي ٻه سئو اسي رنسن تان مات ڏئي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ تاريخي ڪارنامو انجام ڏئي ڇڏيو.ڀارت ۽ بنگلاديش وچ ۾ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ ۾ بنگال ٽائيگرز کي شڪست ڏئي آخرڪار ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم ٻيانوي ورهين کانپوءِ اهم اعزاز […]