ايشين هاڪي چيمپيئنز ٽرافي: چين پاڪستان کي هارائي فائنل جي ٽڪيٽ ڪٽائي ورتي

بيجنگ ( ويب ڊيسڪ ) ايشين هاڪي چيمپيئنز ٽرافي ۾ ميزبان چين پاڪستان کي پنالٽي شوٽس تي 2-0 تان شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.پاڪستان ۽ چين وچ ۾ مقرر وقت دوران ميچ هڪ، هڪ گل تان برابر رهي جنهن کانپوءِ پنالٽي شوٽس ذريعي ميچ جو فيصلو ٿيو.پنالٽي شوٽس ۾ پاڪستان ڪو به گول […]
ايشين هاڪي چيمپيئنز ٽرافي: ڀارت جي سخت مقابلي کانپوءِ پاڪستان کي شڪست

ايشين هاڪي چيمپيئنز ٽرافي ۾ ڀارت پاڪستان کي سخت مقابلي کانپوءِ شڪست ڏئي ڇڏي.چين ۾ جاري ايشين هاڪي چيمپيئنز ٽرافي ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي ٽيمن وچ ۾ دلچسپ مقابلو ٿهيو، ميچ شروع ٿيندي ئي ڇهين منٽ ۾ احمد نديم گول ڪري پاڪستان کي برتري ڏياري پر اِها برتري گهڻي دير برقرار نه رهي ۽ […]
بابر ڪپتاني بدران ڪارڪردگي تي ڌيان ڏئي : يونس خان
ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان يونس خان بابر اعظم کي مشورو ڏنو آهي ته هو ڪپتاني بدارن ڪرڪيٽ ۽ ڪارڪردگي تي ڌيان ڏئي.ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي يونس خان چيو ته بابر اعظم ڪارڪردگي سڌاري ۽ ڪرڪيٽ تي ڌيان ڏئي، ننڍي عمر ۾ بابر اعظم ڪيئي ڪارناما انجام ڏنا آهن […]
ڪامران اڪمل بابر اعظم جي حمايت ڪري ڇڏي

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي وڪيٽ ڪيپر بيٽر ڪامران اڪمل ڪپتان تبديل ڪرڻ جي حوالي سان سوال اُٿاري ڇڏيا.لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪامران اڪمل چيو ته هيوي ويٽ جڏهن به ايندا آهن ته ڪپتان تبديل ڪرڻ جي ڳالهه ڇو ڪندا آهن، ڇا ڪپتان سندن فيورٽ ناهي هوندو يا هو […]
پاڪستاني ٽيم جديد ڪرڪيٽ جي گهرجن تي پوري نه ٿي لهي: سارو گنگولي

ڪولڪتا (ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان سارو گنگولي افسوس جو اظهار ڪندي نشاندهي ڪئي آهي ته ڪهڙي ملڪ ۾ ڪرڪيٽ جو ٽيلينٽ ختم ٿي ويو آهي.ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي اڳوڻو چيئرمين سارو گنگولي پاڪستان جي موجودا ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪارڪردگي تي انتهائي حيرت جو اظهار ڪندي قومي ٽيم کي ڇتي تنقيد […]
ايشين هاڪي چيمپيئنز ٽرافي ۾ پاڪستان جي پهرين فتح، جپان کي 1-2 تان شڪست

بيجنگ ( ويب ڊيسڪ ) ايشين هاڪي چيمپيئنز ٽرافي ۾ پاڪستان پنهنجي ٽِين ميچ ۾ پهرين ڪاميابي ماڻي ورتي آهي.چين جي شهر هولنبيئر ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان جپان کي 1-2 تان شڪست ڏئي ٽورنامينٽ ۾ پهرين ڪاميابي حاصل ڪري ورتي.قومي ٽيم طرفان نديم احمد پهرئين ڪوارٽر ۾ گول ڪري پاڪستان کي برتري ڏياري، پر […]
انگلينڊ جو پاڪستان خلاف ٽيسٽ سيريز لاءِ اسڪواڊ جو اعلان، بين اسٽوڪس ڪپتان

لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) انگلش ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان خلاف ٽن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز لاءِ 17 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو.انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ مهيني ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز لاءِ پاڪستان جو دورو ڪندي، انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ طرفان ٽيسٽ اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي.اي سي بي طرفان اعلانيل ٽيسٽ اسڪواڊ […]
پاڪستان ڪرڪيٽ ۾ پليئرز پول جو فقدان آهي: شاهين آفريدي

فيصل آباد(ويب ڊيسڪ) لائنز جي ڪپتان شاهين شاهه آفريدي چيو آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ ۾ پليئرز جي پول جو فقدان آهي.چيمپيئنز ون ڊي ڪپ جي حوالي سان لائنز جي ڪپتان شاهين شاهه آفريدي وڊيو پيغام جاري ڪري ڇڏيو.سندس چوڻ هو ته چيمپئنز ون ڊي ڪپ پاڪستان ڪرڪيٽ لاءِ انتهائي ضروري آهي، پاڪستان ڪرڪيٽ ۾ پليئرز […]
پاڪستان رڪارڊ پنجو ڀيرو ورلڊ يوٿ اسڪريبل چيمپيئن شپ کٽي ورتي

لفظن جي راند اسڪريبل ۾ پاڪستان هڪ ٻيو ڪارنامو انجام ڏيندي رڪارڊ پنجون ڀيرو ورلڊ يوٿ اسڪريبل چيمپيئن شپ کٽي ورتي.پاڪستان جو 16 ورهين جو عفان سلمان سريلنڪا ۾ جاري ورلڊ يوٿ اسڪريبل چيمپيئن شپ ۾ 23 مان 19 گيمز ۾ مخالفن کي مات ڏئي چيمپيئن شپ جو فاتح رهيو.ان فتح کانپوءِ پاڪستان 5 ڀيرا […]
انگلينڊ جي ٽيم سان گڏ جيمز اينڊرسن به پاڪستان ايندو

لنڊن (ويب ڊيسڪ) انگلش ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو فاسٽ بالر جيمز اينڊرسن پاڪستان جي دوري ۾ ٽيم سان گڏ هوندو.جيمز اينڊرسن انگلينڊ ٽيم سان گڏ فاسٽ بالر مينٽور طور ڪم جاري رکندو، هن هلندڙ سال جولاءِ ۾ عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو هو.انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم 3 ٽيسٽ ميچن جي سيريز لاءِ آڪٽوبر ۾ […]