پشپا ٽو رليز کان اڳ نئين تاريخ رقم ڪري ڇڏي
ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اسٽار الو ارجن جي ايڪشن ٿرلر فلم“پشپا“ جي سيڪيوئل جا ڊجيٽل نشرياتي حق رڪارڊ ماليت ۾وڪرو ٿيا آهن.پرڏيهي خابرو اداري موجب، انٽرنيشنل اسٽريمنگ سروس نيٽ فلڪس ”پشپا ٽو“ جا ڊجيٽل رائٽس 275 ڪروڙ رپين ۾ خريد ڪري ورتا آهن، جيڪو هنيئر تائين ڪنهن به فلم جو سڀ کان وڏو معاهدو آهي.ان […]
ماڻهو وڏي شوق سان بالي ووڊ فلمون ڏسندا آهن: محمد احمد
ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان جو مشهور سينير اداڪار محمد احمد هڪ انٽرويو ۾ چيو آهي ته پاڪستاني عوام پنهنجي ملڪ خلاف ٺهندڙ بالي ووڊ فلمون شوق سان ڏسندي آهي. رپورٽس موجب محمد احمد تازو هڪ انٽرويو ۾ پاڪستاني فلم انڊسٽري جي زوال ۽ حال ۾ ريليز ٿيندڙ پاڪستاني فلمن جي مواد تي ويچار ونڊيا. هن چيو […]
وڊيو ڪنهن ٺاهي ۽ ڪٿان آئي؟ حريم شاهه جو اهم بيان
ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه پنهنجي مخالفن کي جواب ڏيندي چيو آهي ته هڪ پاڪ عورت تي الزام لڳائڻ سخت گناهه آهي. رپورٽس موجب هڪ انٽرويو ۾ صحافيءَ حريم شاهه کان سوال ڪيو ته ڳالهيون ٿي رهيون آهن ته سندس تڪراري وڊيوز وائرل ٿيڻ واريون آهن، اهي وڊيوز حريم شاهه پاڻ به ريليز ڪري […]
انجلينا جوليءَ جي براڊ پَٽ کي ڳجهون وڊيوز ليڪ ڪرڻ جي ڌمڪي
لاس اينجلس ( ويب ڊيسڪ ) هالي ووڊ جي ليجنڊري اداڪارا انجلينا جولي پنهنجي اڳوڻي مڙس اداڪار براڊ پٽ کي تشدد واريون ڳجهون وڊيوز ليڪ ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب، اداڪارا ڳجهي نموني وڊيوز ٺاهيندي رهي ۽ هاڻ هوءَ انهن کي قانوني ويڙهه ۾ فتح لاءِ استعمال ڪرڻ چاهي ٿي.انجلينا جوليءَ دعويٰ ڪئي […]
فائرنگ جو واقعو، سلمان خان جو گهر ڇڏي ٻئي هنڌ وڃڻ کان انڪار
ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ ميگا اسٽار سلمان خان پنهنجي رهائشگاهه تي فائرنگ واري واقعي کي نظرانداز ڪندي پنهنجي ٽيم کي معمول جون سرگرميون جاري رکڻ جي هدايت ڪئي آهي. ڀارتي ميڊيا موجب سلمان خان هن وقت ڪنهن به فلم جي شوٽنگ ۾ مصروف ناهي پر هو ايندڙ ڏينهن ۾ ڪجهه اشتهارن ۾ ڪم ڪندو […]
”خوبصورت ته آهيان پر مرد ڊپ سبب مون سان ڊيگهه ئي ناهن ڪندا، تڏهن شادي ناهي ٿي“
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا مهوش حيات چيو آهي ته مرد هن کان ڊڄندا آهن، ساڻس لاڳاپا رکڻ جي ڪوشش ئي ناهن ڪندا، اڄ تائين ڪنهن سنجيدگي سان ساڻس رابطا وڌائڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي. هڪ انٽرويو ۾ هن شادي ۽ لاڳاپن سميت پاڪستاني انڊسٽري ۾ گهٽ معاوضي تي ڳالهايو هو جيڪو ٻيهر ٽي وي تي […]
شرميلا فاروقي ۽ سائرا يوسف پاران انوکي انداز ۾ فلسطينين سان ٻڌيءَ جو اظهار
ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پ پ اڳواڻ شرميلا فاروقي ۽ پاڪستان شوبز انڊسٽريءَ جي مشهور اداڪارا سائرا يوسف عيدالفطر جي موقعي تي مظلوم فلسطينن سان انوکي انداز ۾ ايڪي جو اظهار ڪيو .سائرا يوسف انسٽاگرام جي اسٽوري تي پنهنجي هٿ جي هڪ تصوير شيئر ڪئي جيڪا وائرل ٿي وئي.وائرل تصوير ۾ اداڪارا جي هٿ […]
ايشوريا رجني ڪانت جو شادي جي 18 ورهين بعد مڙس ڌنوش کان طلاق وٺڻ جو فيصلو
چنائي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت جي ليجنڊري اداڪار رجني ڪانت جي نياڻي ۽ پلي بيڪ گلوڪارا ايشوريا شادي جي 18 ورهين بعد پنهنجي مڙس کان رستا ڌار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب، اداڪار ۽ فلمساز ڌنوش ۽ ايشوريا بظابطا طلاق وٺڻ لاءِ عدالت سان رابطو ڪيو آهي.ايشوريا رجني ڪانت ٻن ورهين کان […]
سنجي جي سياست ۾ انٽري؟ اداڪار اهم بيان جاري ڪري ڇڏيو
ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ انڊسٽري ۾ اهي خبرون هلن ٿيون ته ايڪشن اسٽار سنجي دت سياست جي ميدان ۾ قدم رکڻ وارو آهي. ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب سنجي دت لوڪ سڀا جي چونڊن ۾ حصو وٺڻ وارو آهي ۽ ڪانگريس کيس بي جي پي جي مقابلي ۾ چونڊ وڙهڻ لاءِ رٿابندي ڪري رهي آهي. سماجي […]
