سکر شهر کي صاف سٿرو رکڻ اسانجو عزم آهي: ميئر ارسلان شيخ
سکر ( رپورٽ: امدد گل ڪلوڙ) حڪومت سنڌ جي ترجمان، ميئر سکر بئرسٽر ارسلان اسلام شيخ چيو آهي ته سکر شهر کي صاف سٿرو رکڻ اسانجو عزم آهي، انشاءَالله ايندڙ پنجن سالن ۾ سکر کي هڪ بهتر شهر بڻائي ڇڏينداسين. هن سلسلي ۾ حڪومت سکر لاءِ سيف سٽي پروجيڪٽ جي منظوري پڻ ڏئي ڇڏي آهي، […]
سکر: چيمبر آف ڪامرس جي وفد جي خورشيد شاهه سان ملاقات
سکر (رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) سکر چيمبر آف ڪامرس جي وفد جي سينيئر سياستدان ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر سيد خورشيد احمد شاهه سان ملاقات ڪئي ان سلسلي ۾ سکر چيمبر آف ڪامرس جي صدر محمد خالد کاکيزئي جي اڳواڻي ۾ نائب صدر ملڪ اويس رئيس ۽ اڳوڻي صدر عامر علي خان غوري تي مشتمل […]
مٺي: پروفيسر راڻاسنگه ۽ مانسنگه سشوديا جي وڇوڙي تي تعزيت جو سلسلو جاري
مٺي (ڊ-ر) ڳوٺ عالمسر ۾ پروفيسر راڻاسنگه ۽ سندس سڳي سئوٽ مانسنگه سشوديا جي وڇوڙي تي تعزيت جو سلسلو جاري آهي ۽ جن ڳوٺ پهچي تعزيت ڪئي ۽ ڏک ونڊيو تن ۾ ايم اين اڊ ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي. ڀڳت ماتورام. ايم پي اي راڻا هميرسنگه سوڍو. ارباب عمران. سابق ايم پي ار ارباب ذوالفقار. […]
مٺي: عيد واري رات موٽر سائيڪل سلپ ٿيڻ سبب نوجوان فوت، خوشيون ماتم ۾ تبديل
مٺي (ڊ-ر)عيد واري رات مٺي ۾ موٽر سائيڪل سلپ ٿيڻ نوجوان فوت ٿي ويو خبر موجب مٺي ۾ پرمار ڪالوني لڳ عيد واري رات موٽر سائيڪل سلپ ٿيڻ سبب 22 سالن جو نوجوان رضوان ولد صاحب ڏنو جوڻيجو دماغ ۾ ڌڪ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو. فوتي نوجوان جو مڙھه مٺي کان ڳوٺ چيچاري جوڻيجا […]
سيتا سرجڻهار فورم پاران سنڌو درياءَ تي ڌاڙا نامنظور ڪينال سمورا نامنظور
دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) سيتاسرجڻھارفورم پاران سنڌو درياھ مان غير قانوني نڪرندڙڪينالن خلاف سيتاروڊ ۾ روزاني ھلندڙ جدوجهد جي سلسلي ۾ مشهور ميمڻ جي اڳواڻي ۾ سيتاروڊ ۾ 89 ھين ڏينهن به احتجاجي ريلي ڪڍي ڪينال سمورا نامنظور جا اڀ ڏاريندڙ نعرا ھنيان ويا، مظاهرين شھزاد ميمڻ، آذان ميمڻ، ارباب علي جانوري، غلام حسين ملڪ، […]
دادو پوليس جو جوهي ۽ واهي پانڌي وارن علائقن ۾ منشيات فروشن خلاف آپريشن
دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) امير سعود مگسي جي هدايتن تي ضلعي ٽاسڪ فورس، سي آءِ اي، مختلف ٿاڻن جا ايس ايڇ اوز ۽ ڊي ايس پي جوهي جي سربراهيءَ ۾ جوهي ۽ واهي پانڌي ۾ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا ويا، سرچ آپريشن ۽ ڇاپن دوران، جوهي مان […]
دادو: سئوٽن ۽ پوليس جي زيادتين خلاف دادو جي رهواسي جو احتجاج، عورتن تي به تشدد، نوجوان گمشدگي جو شڪار
دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) دادو جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد پاڙي مڪي مسجد جو رهواسي ساجد علي شيخ پريس ڪلب دادو پهچي پنهجي سئوٽن ۽ پوليس جي زيادتين خلاف دانهيندي انصاف جي گهر ڪئي. ساجد علي شيخ صحافين آڏو داهيندي چيو ته هفتي اڳ منٺار شيخ ولد محمد خان پنهنجي ٽن ڀائرن سجاد، […]
دادو ۾ بدامني خلاف واپارين جو احتجاج ٽئين ڏينهن به جاري، ايس ايس پي جي بدليءَ جو مطالبو زور وٺي ويو
دادو (رپورٽ: سرور جلال سولنگي ) دادو ۾ وڌندڙ بدامني خلاف انجمن تاجران پاڪستان ضلع دادو جي سڏ تي واپارين، دوڪاندارن ۽ شهرين پاران احتجاج جو سلسلو ٽئين ڏينهن به جاري رهيو. مظاهرو شهر جي اسٽيشن روڊ تان شروع ٿي نعرن جي گونج سان دادو پريس ڪلب تائين ڪيو ويو. مظاهري جي اڳواڻي صدر حاجي […]
بلاول ڀٽو عالمي سطح تي ڀٽو جيان ڳالهائي ٿو: پير مظهر الحق
دادو (رپورٽ: سرور جلال سولنگي ) پاڪستان پيپلز پارٽي سي اي سي ميمبر، اڳوڻو سينيئر صوبائي وزيرِ تعليم سنڌ ۽ سينيئر پارليامينٽيرين پير مظهر الحق چيو آهي ته بلاول ڀٽو جي ذهانت ۽ قابليت کي سلام آهي، هو عالمي معاملن تي بلڪل پنهنجي نانا شهيد ذوالفقار علي ڀٽو وانگر ڳالهائي ٿو، سيد سردار شاهه سنڌ […]
سڪرنڊ: قومي شاهراهه تي ڪار جو ٽڪر، 60 ساله پيرسن شاهه محمد پٺاڻ زخمن جا تاب نه سهندي فوت
سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪماراوڏ) سڪرنڊ ويجهو قومي شاهراهه لڳ صابو راهو اسٽاپ وٽ روڊ ڪراس ڪرڻ دوران ڪار جو ٽڪر لڳڻ ڪري 60 ساله پيرسن شاهه محمد پٺاڻ سخت زخمي ٿي پيو. جنهن کي فوري طور همدرد ايمبولينس وسيلي تعلقه اسپتال سڪرنڊ آندو ويو جتي سندس حالت نازڪ هئڻ ڪري نوابشاهه اسپتال منتل ڪيو ويو […]
