نوابشاهه: والد پاران نافرمان پٽ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج، تحفظ جي گهر
نوابشاه( عبدالفتاح رند)ڳوٺ فقير خير محمد کوسو جي رھواسي غلام محمد کوسو پنهنجي پٽ علي حسن کوسو جي زيادتين خلاف نوابشاھ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو جتي ھن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته منھنجو پٽ علي حسن جيڪو خراب ماڻهن جي صحبت ۾ اچي ويو آهي بلاجواز مون سميت گهر ڀاتين کي ڌمڪيون ڏئي […]
ٺٽو: ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف عوامي تحريڪ جي جاڳرتا ريلي، 21 جون تي وڏو عوامي جلسو ڪوٺائڻ جو اعلان
ٺٽو (نظير احمد قريشي)ٺٺي ۾ عوامي تحريڪ پاران ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبا ۽ سنڌ جي معدني وسيلن جي لٽ مار خلاف جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي، جيڪا مڪلي مان شروع ٿي رسول بخش پليجو جي آخري آرامگاهه جنگشاھي تائين وئي. جاڳرتا ريلي ۾ وڏي انگ ۾ مردن سان گڏ عورتن ۽ ٻارن به ڀرپور شرڪت ڪئي. ريلي […]
سکر: قادرپور گھوٽڪي ۾ سردار رفيق احمد ڪلوڙ جي اعزاز ۾ شاندار دعوت، علائقائي اتحاد ۽ ترقي لاءِ گڏيل عزم جو اظهار
سکر(رپورٽ۔امداد گل ڪلوڙ )قادرپور گھوٹکی ۾ ڪلوڙ برادري جي نوجوان سردار رفيق احمد خان ڪلوڙ جي اعزاز ۾ شاندار دعوت خبر موجب گھوٹڪي ضلعي جي ڳوٺ قادرپور ۾ ڪلوڙ برادري جي نوجوان اڳواڻ، پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ، تعلقه پنو عاقل عشره و زڪوات ڪميٽي جي چيئرمين سردار رفيق احمد خان ڪلوڙ جي اعزاز […]
سکر: وفاقي محتسب ادارو غريبن لاءِ “مفت انصاف جي عدالت” بڻجي ويو، سال 2024 دوران 8.22 ارب رپين جو رليف، 93٪ فيصلن تي عملدرآمد – سيد محمود علي شاهه
سکر(بيورورپورٽ) وفاقي محتسب ريجنل هيڊ سکر سيد محمود علي شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آھي ته وفاقي محتسب غريبن کي مفت ۽ تڪڙو انصاف فراهم ڪندڙ ادارو آھي جيڪو چئن ڏهاڪن کان وڌيڪ پنهنجي ڊگهي سفر دوران هڪ مثالي جذبي ۽ لگن سان عوام ۽ خاص طور تي پسمانده ماڻهن جي خدمت ڪندڙ غريب انسان […]
سکر: مختيار گھمرو جي 16هين ورسي جي مناسبت سان ادبي ڪانفرنس، شاعرن ۽ اديبن جي سياسي ڪردار تي زور، اهم ٺهراءُ منظور
سکر (رپورٽ۔امداد گل ڪلوڙ)جاگرتا فورم سکر ۽ مختيار گھمرو يادگار ڪاميٽي جي زيـر اهتمام سنڌ جي ناليواري شاعر ۽ اديب مختيار گھمرو جي 16هين ورسي جي مناسبت سان سکر پريس ڪلب جي آڊيٽوريم هال ۾ هڪ ادبي ڪانفرنس منعقد ڪئي ويئي، جنهن ۾ صدر جاگرتا فورم غلام رسول گھمري خاص مھمانن اياز گل۔ادل سومرو۔ پروفيسر […]
سکر: باگڙجي جي ڪچي ۾ پوليس جو وڏو آپريشن، ڏوهارين جا ٺڪاڻا ساڙيا ويا، علائقي تي مڪمل ڪنٽرول قائم
سکر( رپورٽ۔امداد گل ڪلوڙ )سکر پوليس پاران باگڙجي جي ڪچي ۾ وڏو آپريشن، ڏوهارين جي ڪيترين ئي ٺڪاڻن کي ساڙيو ويوخبر موجب سکر ضلعي جي باگڙجي واري ڪچي ۾ ڏوهارين خلاف وڏي پيماني تي پوليس آپريشن ڪيو ويو، جيڪو ايس ايس پي سکر اظهر خان جي هدايتن تي عمل ۾ آندو ويو. پوليس جي وڏي […]
سکر: محترمه رُخسانه شاهين منڱڻيجو جي اعزاز ۾ آل پرائيويٽ اسڪولز مينيجمينٽ ايسوسيئيشن پاران شاندار ڀيٽا تقريب، تعليمي خدمتن کي ڀرپور ساراهه
سکر( رپوٽ۔امداد گل ڪلوڙ ) محترمه رُخسانه شاهين منڱڙنجو جي اعزاز ۾ شاندار تقريب خبر موجبآل پرائيويٽ اسڪولز مينيجمينٽ ايسوسيئيشن (APSMA) سکر ڊويزن جي ميزباني هيٺ، هڪ شاندار ۽ جذباتي ڀيٽا واري تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ محترمه رُخسانه شاهين اڳوڻي ڊائريڪٽر پرائيويٽ انسٽيٽيوشنز سکر، جي تعليمي خدمتن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي.تقريب ۾ […]
سکر: پاڪستان ورڪرز فيڊريشن جي چونڊن ۾ نوان عهديدار چونڊجي ويا، بجيٽ رد، سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 50٪ واڌ جو مطالبو
سکر(رپورٽ۔امداد گل ڪلوڙ) پاڪستان ورڪرز فيڊريشن جو انتخابي اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو جنهن ۾ پوري پاڪستان جي ورڪرن شرڪت ڪئي اجلاس ۾ چوڌري محمد ياسين سرپرست اعلي ۔ چيئرمين لاءِ چوڌري عبدالرحمان عاصي ۔جنرل سيڪريٽري لاءِ اسد محمود ۔ صدر شوڪت علي انجم بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا چونڊون NIRC ڪورٽ جي رجسٽرار جي […]
سکر: ايپڪا پاران بجيٽ رد، 19 جون تي ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاج جو اعلان، پگهارن ۽ پينشن ۾ واڌ جو مطالبو
سکر(رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) آل پاڪستان ڪلرڪ ايسوسي ايشن (ايپڪا)سنڌ جي صدر مقبول حسين مهر۔سينيئر نائب صدر اول عبدالوهاب ڪاغذي۔صوبائي پريس سيڪرٽري محمد بخش ڪنڀر ۔آغا شعيب خان پٺاڻ۔مجاهد حسين لانگاھ محمد پناه مهر۔محبوب علي کوکر۔شھزادو عباسي ۽ ٻين سان گڏ۔سکرپريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ حڪومت جي 13 جون تي پيش ڪيل بجيٽ […]
اسلام ڪوٽ: سني رابطا ڪائونسل پاران حضرت عثمان غني رضه جي شھادت تي ريلي، سرڪاري سطح تي عام موڪل جو مطالبو
اسلام ڪوٽ(احمدعلي سانگي)اسلام ڪوٽ ۾ حضرت عثمان غني رضه جي شھادت جي ڏھاڙي جي موقعي تي سني رابطا ڪائونسل اسلام ڪوٽ جي زير قيادت مولانا محمد خان ماويا،قاري عبدالقادر وسائيپوٽو،نظير معاويا، مولانا محمد خان ماويا،قاري عطاءُ الله،مولانا محمد اسماعيل ھنگورجو جي اڳواڻي ۾ ٽائون موڙ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي،اڳواڻن ڳالھائيندي چيو ته […]
