مٺي: ترقي يافته ڳوٺ ڀڪوئو کي ٽائون ڪاميٽي جو درجو ڏيڻ ۽ آر او پلانٽ جي بحالي لاءِ ڳوٺاڻن جو سنڌ حڪومت کان مطالبو
مٺي(رپورٽ: الهڏنو بجير) تعلقي مٺي جو قديمي ڳوٺ ڀڪوئو جنهن کي اڪثر ڪري ڪافي سرڪاري سهوليتون مليل آھن جنهن ۾ هاءِ اسڪول، پرائمري اسڪولون، رورل هيلٿ سينٽر سميت هن ڳوٺ جي چوطرف مک روڊ به مليل آھن. مٺي کان 25 ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي هن ڳوٺ ڀڪوئو کي يونين ڪائونسل جو درجو مليل […]
ڄامشورو: ڊي سي غضنفر علي قادري جي صدارت ۾ محرم الحرام لاءِ امن امان ۽ انتظامن بابت اهم اجلاس، جلوسن لاءِ جامع سيڪيورٽي پلان جو اعلان
ڄامشورو (رپورٽ : محمد وارث ڪوريجو ) ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو غضنفر علي قادري جي صدارت هيٺ ضلعي ۾ محرم الحرام جي دوران امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ ۽ ٻين انتظامن کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر آفيس جي درٻار هال ۾ هڪ اهم گڏجاڻي منعقد ٿي گذري ان موقعي تي گڏجاڻيءَ کي خطاب […]
سڪرنڊ: مرحوم محمد مراد خانزاده جي ياد ۾ سنڌڙي پينل جي تعزيتي گڏجاڻي، خدمتن تي ڀيٽا پيش
سڪرنڊ ( رپورٽ : راج ڪماراوڏ ) شهري اتحاد سڪرنڊ جي اڳوڻي صدر مرحوم محمد مراد خانزاده جي ياد ۾ سنڌڙي پينل پاران اليڪشن آفيس ۾ تعزيتي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي جتي سنڌڙي پينل جي سرپرست اعليٰ علي شير انڙ ۽ صدارتي اميدوار احسان علي شاھ مرحوم مراد خانزاده جي خدمتن تي کيس لفظن جي ڀيٽا […]
سڪرنڊ ۾ وڌندڙ انڪروچمينٽ خلاف کلي ڪچهري، شهرين ۽ سماجي اڳواڻن جو قبضا مافيا خلاف ڪارروائي جو مطالبو
سڪرنڊ ( رپورٽ : راج ڪماراوڏ )سڪرنڊ شهر ۾ وڌندڙ انڪروچمينٽ ، قبضن خلاف ٽائون هال ۾ کلي ڪچهري ڪوٺائي وئي. کلي ڪچهري ٽائون ڪاميٽي سڪرنڊ جي چيئرمين سيد عذير اختر شاهه جي ميزباني هيٺ ٿي گذري. جنهن ۾ مختلف سياسي سماجي ڌرين اينٽي انڪروچيمينٽ ، روينيو ، پوليس عملدارن جي شرڪت ڪئي. جنهن ۾ […]
ملير: اسرائيل جي ظلم خلاف نذير چنا پاران عوامي پريس ڪلب آڏو علامتي ڌرڻو، عالمي برادري کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو
ملير (رپوٽ : ذوالفقار علي نصيراڻي) اسرائيل عالمي قانون کي ٿڏي غازه فلسطين ۾ ظلم جي انتها ڪري معصوم ٻارڙن سميت هزارين ماڻهن کي قتل ڪري تباهي مچائي ڇڏي آهي جنهن خلاف سنڌ جي دانشور منصور حلاج فائونديش جي چيئرمين نذير چنا عوامي پريس ڪلب ملير اڳيان رفعه جي بارڊر تي اسرائيل جي ظلم خلاف […]
دادو: سنڌو تي ڌاڙو، زمينن جي نيلامي ۽ قومي ڪارڪنن جي جبري گمشدگي خلاف شاگرد تنظيم سنڌ سڀا پاران احتجاجي ريلي
دادو: ( رپورٽر ) سنڌو تي ڌاڙو، زمينن جي نيلامي، قومي ڪارڪنن جي جبري گمشدگي خلاف سنڌ سڀا جي شاگرد تنظيم پاران دادو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي ريليدادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) سنڌ سڀا جي مرڪزي سڏ تي دادو ۾ بہ سنڌ سڀا جي نوجوان شاگرد تنظيم تعلقو دادو پاران پرامن احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، […]
دادو: 6 سالا نينگري سان مبينا زيادتي بعد بيهوشي جي حالت ۾ کڏ ۾ اڇلايو ويو، پوليس مرڪزي جوابدار گرفتار ڪري ورتو، ٻيو ملوث جوابدار فرار
دادو: (رپورٽر ) 6 سالا نينگري سان مبينا زيادتي بعد بيهوشي جي حالت ۾ کڏ ۾ اڇلايو ويو،نيگري جي مامي جي فرياد تي ڪيس داخل، پوليس مرڪزي جوابدار گرفتار ڪري ورتو،ايس ايڇ او بينظير متاثر نينگري جي گهر عيادت لاء پهتيدادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) دادو ٿاڻي بي سيڪشن جي حد مرکپور محلي ۾ انساني سڃاڻپ […]
دادو: پير مظهرالحق جي چاچي جي وفات، اڳوڻو IG سنڌ غلام حيدر جمالي سميت مختلف شخصيتن جي جنازي ۾ شرڪت ۽ تعزيت
دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) پيپلزپارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي جي ميمبر ۽ اڳوڻي سينئر صوبائي وزير تعليم پير مظھرالحق جي چاچي پير عبدالرشيد جي وفات تي اڳوڻو آءِ جي سنڌ پوليس غلام حيدر جمالي ٖ ضياءۡ صديقي ٖ حارث صديقي ٖ صحافي ولي محمد لنڊ ٖ غلام ياسين لغاري ٖڱ عبدالرشيد پنھور ٖ نبي بخش […]
سکر: محرم الحرام جي حوالي سان علماءِ ديوبند جو اجلاس، “شهداء اسلام” تي پروگرام، اتحاد ۽ هم آهنگي تي زور
سکر (بيورو رپورٽ) تنظيم خطباءِ اهلِ سنت والجماعت علماءِ ديوبند ضلع سکر جي سڌر ۾ محرم الحرام جي حوالي سان علماءِ ڪرام جو هڪ اجلاس مدرسه منزل گاهه سکر ۾ صدر مولانا عبدالرشيد ٽانوري جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو۔ اجلاس ۾ خاص مهمان طور تي جمعيت علماءِ اسلام جي مرڪزي ناظم حضرت مفتي سعود افضل […]
سکر: محرم الحرام جي انتظامن بابت ضلع ڪونسل جي صدارت هيٺ اجلاس، ڪنٽرول روم قائم، فوڪل پرسن مقرر
سکر(رپورٽ : امداد گل ڪلوڙ) ضلع ڪونسل سکر جي وائيس چيئرمين اختر خان مھر جي صدارت ھيٺ سکر ضلعي ۾ محرم الحرام جي اڳواٽ انتظامن جي سلسلي ۾ ھڪ گڏجاڻي ضلعي ڪونسل ۾ منعقد ٿي، جنھن ۾ سکر، روھڙي، صالح پٽ، ڪنڌرا سميت ضلعي جي ٻين علائقن سان تعلق رکندڙ اھل تشيع جي علماء ڪرام، […]
