مامو ملاح ڳوٺ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف ڌرڻو، “پاني ناهي ڇو، بلا ڪربلا” جا نعرا بلند
مامو ملاح (رپورٽر )ڳوٺ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج، “پاني ناهي ڇو، بلا ڪربلا” جا نعرا ملير (ذوالفقار علي نصيراڻي) يوسي چوڪنڊي جي ڳوٺ مامو ملاح ۾ گذريل ٻن سالن کان پاڻي جي شديد کوٽ خلاف رهواسين جي صبر جو بند ڀڄي پيو پاڻي جي مسلسل اڻهوند خلاف ڳوٺاڻن رزاق آباد پهچي […]
ملير ۾ ڪانگو وائرس وڪوڙي ويو: نوجوان زبير لکيو فوت، 3 ڏينهن ۾ ٻه ڄڻا حياتي وڃائي ويٺا
ڪانگو (رپورٽر ) وائرس ۾ مبتلا نوجوان زبير لکيو فوت، 3 ڏينهن ۾ ملير جا 2 شهري حياتيون وڃائي ويٺا ملير (ذوالفقار علي نصيراڻي) ڪانگو وائرس جو مرض ملير ۾ تيزي سان پکڙجي رهيو آهي جنهن سبب هنن 3 ڏينهن اندر 2 نوجوان حياتيون وڃائي ويٺا آهن ابراهيم حيدري سان تعلق رکندڙ 22 ورهين جو […]
سڪڻ: منشيات فروشيءَ ۾ ملوث ٽي عورتون گرفتار، نوجوان ڇوڪرين کي نشي ۾ مبتلا ڪرڻ جو انڪشاف – پوليس جي منظم نيٽ ورڪ خلاف ڪارروائي
سڪڻ ( رپورٽر ) پوليس جي ڪارروائي، منشيات وڪرو ڪندڙ ٽي عورتون گرفتار نوجوان ڇوڪرين کي نشي ۾ مبتلا ڪرڻ جو انڪشاف ڪراچي (ذوالفقار علي نصيراڻي) ملير سڪڻ پوليس ريڙهي ڳوٺ ۾ منشيات وڪرو ڪندڙ هڪ منظم نيٽ ورڪ خلاف ڪارروائي ڪندي ٽن عورتن رحمت بي بي، رقعيا ۽ رضيا کي گرفتار ڪري ورتو، جيڪي […]
سکر: هٿياربندن جو ڏينهن ڏٺي ڌاڙو، رائس مل مينيجر زخمي، 15 لک روپيا ڦر – واپاري حلقا پريشان
سکر( رپورٽ ۔امداد گل ڪلوڙ)سکر ۾ هٿياربندن جو حملو، رائس مل مينيجر زخمي، لکين روپيا ڦر خبر موجب سکر جي گوليمار واري علائقي ۾ اڄ ڏينهن ڏٺي جو هٿياربندن رائس مل جي مينيجر تي حملو ڪري کيس زخمي ڪري لکين روپيا ڦر ڪري ويا. اطلاعن موجب، دريا خان ناپر، جيڪو ٽائون چيئرمين طارق چوهاڻ جي […]
سانگهڙ: ڊپٽي ڪمشنر ساره جاويد جي صدارت هيٺ محرم الحرام دوران سيڪيورٽي، صفائي، روشني ۽ اتحاد بابت اهم اجلاس – 2392 پوليس اهلڪارن تي ٻڌل جامع پلان جو اعلان
سانگهڙ(رپورٽ:شاهنواز رونجهو) ڊپٽي ڪمشنر سانگھڙ ساره جاويد جي صدارت هيٺ محرم الحرام دوران امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ ۽ ٻين انتظامن کي يقيني بڻائڻ لاءِ سڀني قانون لاڳو ڪندڙ ادارن علماءِ ڪرام ۽ لاڳاپيل آفيسرن سان گڏ هڪ گڏجاڻي اڄ ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ منعقد ڪئي ويئي. انهي موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر خطاب […]
سکر: جھانگڙو پوليس جي ناڪه بندي دوران فائرنگ، رائفل سميت هڪ ڏوهاري گرفتار، ٽي فرار – ايس ايس پي پاران شاباش
سکر(رپورٽ. : امداد گل ڪلوڙ) ايس ايس پي سکر اظھر خان مغل جي ھدايتن تي ايس ايچ او ٿاڻو جھانگڙو جي دوران ناڪه بندي اهم ۽ ڪامياب ڪارروائي ٿاڻو جھانگڙو جي حد ۾ قومي شاهراهه فش فارم ويجهو پوليس گشت دوران ڏوهارين کي واردات جي ارادي سان بيٺل ڏسي پوليس جي اچانڪ اچڻ تي فرار […]
سکر: عورت ڪلثوم مستوئي جو قاتل گرفتار – جوابدار پاران دوستي جي انڪار تي قتل جو اعتراف
سکر(بيورو رپورٽ) سکر پوليس پاران ٽي ڏينهن اڳ آباد ٿاڻي جي حد ۾ قتل ٿيل عورت ڪلثوم مستوئي جي قتل جو مرڪزي جوابدار گرفتار ٽي ڏينهن اڳ ٿاڻي آباد جي حد مان مقتولا عورت ڪلثوم مستوئي جي گولي لڳل لاش سندس گهر مان هٿ آئي هئي، جنهن تي ايس ايس پي سکر اظهر خان قتل […]
سکر: ميئر بئريسٽر ارسلان اسلام شيخ جو چوڻ – ترقياتي ڪم آخري مرحلن ۾، عوام کي جلد بنيادي سهولتون مهيا ڪيون وينديون
سکر (رپويٽ : امداد گل ڪلوڙ) سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ سکر جي ميئر بئريسٽر ارسلان اسلام شيخ چيو آهي ته عوامي نمائندا عوام کي هر ممڪن بنيادي ۽ مقامي حڪومتي سهولتون فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. ترقياتي ڪمن جي ڪري علائقي جي رهواسين جي مسئلن جو اندازو لڳايو ويو آهي. يوسي سميت […]
ڇور: وڌندڙ چورين خلاف شھرين جو ڇور پريس ڪلب آڏو احتجاج، پوليس جي خاموشي تي سخت تنقيد، ڪارروائي جو مطالبو
ڇور ( رپورٽ : لالجي سوڍو) ڇور شھر ۾ چورين آزار وڌي وڃڻ ۽ پوليس طرفان ڪابـ ڪاروائي نه ڪرڻ خلاف ڇور جي سماجي آڳواڻن ۽ شھرين ڇور پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪندي عمر اعجاز نھڙي , رب نواز ڪنڀر , نظر علي , ڪامريڊ رميش , يوسف علي احمد علي ۽ ٻين چيو […]
سيوھڻ: ايس ايڇ او ذوالفقار اوڍاڻو جي ڪامياب ڪارروائي، ڦر ٿيل موٽرسائيڪل واپس ڪرائي مالڪ حوالي، دوڪاندار پاران اجرڪ جو تحفو پيش
سيوهڻ ( رپورٽ : محمد صفر ايم سيوھاڻي) سيوھڻ پوليس جي ايس ايڇ او جي بھترين ڪارروائي ، ڪجھ ڏينھن پھريان ڦر ڪيل موٽرسائيڪل ڦورن کان واپس ڪرائي موٽرسائيڪل مالڪ جي حوالي، تفصيل موجب سيوھڻ ٿاڻي جي ايس ايڇ او ذوالفقار علي اوڍاڻو پاران کوسه پيٽرول پمپ سيوھڻ وٽان ڪجھ ڏينھن پھريان ڦر ٿيل موٽرسائيڪل […]
