ملير سٽي پوليس جي ڪارروائي: منشيات وڪرو ڪندڙ ٽولي جي ٻن عورتن سميت چار ڄڻا گرفتار، منشيات ۽ رقم هٿ
ملير (رپورٽر) سٽي ۾ منشيات وڪرو ڪندڙ ٽولي جي ٻن عورتن سميت چار ڄڻا گرفتار ملير (ذوالفقار علي نصيراڻي )ملير سٽي پوليس ڳجهي اطلاع تي ترت ڪارروائي ڪندي منشيات جي وڪري ۾ ملوث ٽولي جا چار ڄڻا ٻن مردن ۽ ٻن عورتن کي گرفتار ڪري ورتوپوليس موجب گرفتار ٿيل جوابدارن جا نالا محمد علي، راشد، […]
سکر بلڊ بئنڪ جو سنڌ پوليس پئنل فوڪل پرسن جو دورو، ٿيليسميا مريضن سان ملاقات ۽ خدمتن تي اطمينان جو اظهار
سکر (رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) سکر بلڊ بئنڪ ۾ سنڌ پوليس پئنل فوڪل پرسن جو دورو ميٽنگ مريضن سان ملاقات. خبر موجب ڊي آء جي سنڌ پوليس سکر ڊويزن فيصل عبدالله چاچڙ جي ھدايتن تي سنڌ پوليس پئنل فوڪل پرسن، ڊي ايس پي ھيڊ ڪوارٽرعبدالرشيد جوڻيجو اِبراھیم انصاري ويلفيئر انچارج سکر ، حنيف گادي ويلفيئر […]
ايريگيشن کاتي جي نااهلي سبب پاٽ شريف سميت سوين ڳوٺ ٻڏڻ جي خطري ۾، رهواسين پاران حفاظتي اپائن جو مطالبو
ڦلجي اسٽيشن (رپورٽر: غلام حيدر پنھور)ايريگيشن کاتي جي نااهلي ،تاريخي شهر پاٽ شريف سميت سوين ڳوٺ ٻڏڻ جو خطرو نه ٽريو ، پاٽ شريف وٽان دادو ڪينال جي ڪپرن کي مظبوط ڪرڻ لاء ڪي به اپاء نه ورتا ويا ، ڪپرن ۾ (سويٽ) مٺي مٽي نه هجڻ ڪري گزريل رات پوندڙ ٿورڙي برسات سبب ڪپرن […]
زبردستي برطرفي ۽ پگهار بندش خلاف احتجاج، حبيب الله ٻرڙو پاران نوڪري جي بحالي جو مطالبو
سکر (بيورورپورٽ) نوڪري مان زبردستي برطرفي ۽ پگهار جي عدم ادائيگي خلاف پنو عاقل جي ڳوٺ عمر ٻرڙو جو رهواسي حبيب الله ولد قاسم ٻرڙو سکر پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي چيو ته 1995ع ۾ عوامي نمائندن جي ڪوششن سان مون کي پارليامينٽ ۽ منهنجي ڀاءُ عبدالرشيد کي سپريم ڪورٽ ۾ اسپيشل ڪوٽا تحت نوڪري […]
سيپڪو جي مبينا زيادتين ۽ ڊگهي لوڊشيڊنگ خلاف زوار ڪاشف حسين جو احتجاج، بجلي جي بحالي جو مطالبو
سکر (رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ) باگڙجي شاهي بازار جي رهواسي زوار ڪاشف حسين ميمڻ پاران سيپڪو جي مبينا زيادتين ۽ علائقي ۾ ڊگهي بجلي جي بندش خلاف سکر پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي چيو ته سيپڪو گذريل ٻن سالن کان علائقي ۾ بنا اعلان جي لوڊشيڊنگ ڪري رهيو آهي ۽ هاڻي ته بجلي مڪمل طور بند […]
موٽر سائيڪل بغير لاڪ ڇڏڻ تي سخت ڪارروائي جو انتباہ، ايس ايس پي سکر پاران شهرين کي احتياط جي اپيل
سکر (بيورورپورٽ) ايس ايس پي سکر اظهر خان مغل پاران سوشل ميڊيا جي ذريعي عوام لاءِ جاري ڪيل پيغام ۾ چيو ويو آهي ته بغير لاڪ ٿيل موٽر سائيڪل ڇڏڻ، چورن کي کلي طور دعوت ڏيڻ جي برابر آهي. اڄ سي سيڪشن ٿاڻي جي حدن ۾ مختلف هنڌن تان وڏي انگ ۾ بغير لاڪ ۽ […]
روهڙي ڪئنال مان نوجوان جو لاش هٿ، وارثن پاران ريسڪيو 1122 تي عدم تعاون جو الزام
سکر(بيورورپورٽ) روهڙي جي ڇوهارا مارڪيٽ لڳ ڳوٺ خانڻ ماڇي جو رهواسي نوجوان سجاد علي پٽ اربيلو ميراڻي جو روهڙي ڪئنال مان لاش ھٿ۔لاش گھر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو۔فوتي جي وارثن پارارن ريسڪيو 1122 عملي مٿان عدم تعاون جو الزام ۔پنهنجي مدد پاڻ تحت لاش ڪڍيو آھي ڳوٺاڻا۔ان سلسلي ۾ روهڙي ٿاڻي جي حد ڇوهارا […]
سکر پوليس جو سماجي برائين خلاف ڪريڪ ڊائون، وڏي مقدار ۾ گٽڪو ۽ ماوا هٿ، ٻه جوابدار گرفتار
سکر (رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ) ايس ايس پي سکر اظهر خان جي هدايت تي سکر پوليس پاران سماجي برائين ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي۔ گذريل ڏينهن ايس ايڇ او بي سيڪشن ٿاڻو ڳجهي اطلاع تي حدن اندر ڪامياب ڪارروائي ڪندي هڪ گودام تي ڇاپو هڻي وڏي مقدار ۾ گٽڪو، ماوا ۽ نشي آور […]
جي يو آءِ پاران 30 جون تي سکر ۾ سنڌ جي سردارن جو تاريخي امن جرگو طلب
سکر(رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) جي يو آءِ پاران سنڌ جي سردارن جو تاريخي ڪٺ، امن جرگو علامه راشد محمود سومرو جي اڳواڻي ۾ 30 جون تي سکر ۾ ٿيندو..خبر موجب جمعيت علماءِ اسلام سنڌ جي قائد علامه راشد محمود سومرو جي اڳواڻي۾ 30 جون تي سنڌ جي قبيلن جي سردارن جو امن ڪٺ (جرگو) سکر […]
سکر پوليس ڀرتي جا ويٽنگ اميدوار آفر ليٽر نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو
سکر (رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) پوليس کاتي ۾ ڀرتي لاءِ ضلعي سکر جي مختلف علائقن سان تعلق رکندڙ ٽيسٽ پاس ويٽنگ اميدوارن پاران آفر ليٽر نه ملڻ خلاف سکر پريس ڪلب آڏو هٿن ۾ مطالباتي بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي۔ مظاهري ۾ شامل ويٽنگ اميدوارن مشھود احمد کنڊ ، […]
