وڳڻ: ناقص مٽيريل سان روڊ تعمير خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج، ٽريفڪ معطل، روڊ کاتي کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو
وڳڻ (رپورٽ:عاجز چانڊيو) وڳڻ ڀرسان مختلف ڳوٺن جي ڳوٺاڻن پاران وڳڻ کان قمبر تائين ٺھندڙ روڊ ۾ ناقص مٽيريل استعمال ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪڍي ڳوٺ گھٽڙ جي لاڙي وٽ وڪيل علي اصغر مغيري،پپن مغيري،احسان علي،حبدار علي تونيو،علي اڪبر چانڊيو،وزير علي شيخ، زاھد حسين مغيري، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٺيڪيدار خلاف ڌرڻو ھنيو ويو […]
مٺياڻي: عبدالحفيظ ڀرٽ جي وارثن جو انصاف لاءِ دانھون، جوابدار اڃا تائين گرفتار نه ٿي سگهيا
مٺياڻي (رپورٹ: رانا غلام سرور ) گذريل سال فيبروري ۾ وڏيري جي چرچ تي قتل ڪيل نوجوان عبدالحفيظ ڀرٽ جي وارثن معذور ٻارڙن سميت ميڊيا آڏو دانھيندي چيو آھي تہ ڏيڍ سال گذرڻ باوجود پوليس ھڪ بہ جوابدار گرفتار ناھي ڪري سگھي. مقتول حفيظ ڀرٽ جي وارثن ڀاء ۽ بيوہ معذور ٻارڙن سميت دانھيو تہ […]
سکر ۾ شديد گرمي ۽ ٻوسٽ سبب ڪاروباري ۽ گهريلو سرگرميون متاثر
سکر(رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ) سکر ۾ گرمي جو زور نه ٽٽو ٻوسٽ واري موسم سبب ڪاروباري ۽ گهريلو وهنوار سخت متاثر۔روڊن تي ٽريفڪ به معمول کان گهٽ۔ان سلسلي ۾ سکر ۾ ڪجھ ڏينهن اڳ پيل هلڪي برسات کانپوء سکر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ گرمي ۽ ٻوسٽ سبب واري موسم ماڻھن کي گهرن ۽ دوڪانن تائين […]
سيوهڻ ۾ منشيات فروش گرفتار، ايس اي پي عبدالله افضل گجر جو ڪامياب ڪريڪ ڊائون جاري
سيوھڻ (رپورٽ :محمد صفر ايم سيوھاڻي) ايس اي پي سيوهڻ عبدالله افضل گجر جو منشيات فروشن خلاف ڪريڪ ڊائون جو سلسلو جاري ۽ ساري، سيوھڻ شھر ۾ منشيات فروشن کان هفتيوار ڪرائي وصول ڪندڙ ڪاري بگھڙ بي نقاب ٿيڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آھي، اي ايس پي سيوهڻ ۽ ون فائيو انچارج پاران ڪالهه […]
سکر پريس ڪلب ۾ ميڊيا سائنس جي شاگردن لاءِ انٽرنشپ پروگرام جو آغاز، صحافتي تربيت ۽ شعور اجاگر ڪرڻ تي زور
سکر (رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ) سکر پريس ڪلب ۾ ميڊيا سائنس جي شاگردن لاءِ انٽرنشپ پروگرام شروع ڪيو ويو. سکر پريس ڪلب ۾ ميڊيا سائنس جي شاگردن لاءِ انٽرنشپ پروگرام جو باقاعده آغاز ٿي چڪو آهي. هن پروگرام جو مقصد شاگردن کي صحافت جي عملي ميدان ۾ متعارف ڪرائڻ ۽ انهن جي پيشه وراڻي تربيت کي […]
سکر: TDAP ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي نمائندن جو چيمبر آف ڪامرس جو دورو، برآمدات جي فروغ لاءِ سيمينار، ايس ايم ايز لاءِ جديد سهولتن تي روشني
سکر (رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ) ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان سکر جي ڊپٽي ڊائريڪٽر فدا حسين مهيسر، ڊپٽي مئنيجر مير محسن بلو، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان سکر جي ڊپٽي چيف مئنيجر عمران صدف ۽ ايس ايم ايز لاءِ فوڪل پرسن فواد انصاري سکر چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جو دورو ڪيو. ان موقعي تي چيمبر جي […]
سکر: تاريخي مسيت وارو ماتمي جلوس روايتي شان سان برآمد، هزارين عزادارن جي شرڪت، سخت سيڪيورٽي انتظامات
سکر(رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) پراڻو سکر جو قديمي ۽ تاريخي مسيت وارو ماتم جلوس لال مڪان واري پڙ کان ياحسين ياحسين جي صدائن ۾ برآمد ٿيو۔ان سلسلي ۾ پراڻو سکر مان سوين سال پراڻو مسيت وارو ماتم روايتي روٽ لال مڪان تان برپا ٿي معصومي امام بارگاھ، ميرڪي گهٽي، بکر چوڪ، موسوي پاڙو، جنات بلڊنگ، […]
سڪرنڊ: جسقم پاران قومي ڪارڪنن جي گمشدگي خلاف احتجاج، فوري آزادي ۽ انصاف جو مطالبو
سڪرنڊ(رپورٽ: راج ڪماراوڏ) جيئي سنڌ قومي محاذ سڪرنڊ پاران مرڪزي سڏ تي قومي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي قاضي سرفراز ميمڻ چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي ضلعي اڳواڻ مسعود شاه، تعلقي صدر مصطفٰى زئونر، قربان ٻنڀ، مورڙو مير بحر، برڪت جلباڻي، عالم ڪيريو ۽ ٻين […]
سڪرنڊ: تلي فارم اسٽاپ وٽ نامعلوم پيرسن جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع
سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪماراوڏ )سڪرنڊ جي ڀرسان تلي فارم اسٽاپ وٽ نامعلوم پيرسن شخص جو لاش ھٿ اتان جي مقامي ماڻھن جي اطلاع بعد ھمدرد فري ايمبولينس سروس ذريعي لاش تعلقا اسپتال سڪرنڊ آندو ويو جتي ابتدائي طور ڊاڪٽر جي رپورٽ مطابق تہ ظاھري طور فوتي تي ڪنھن بہ تشدد جا نشان ناھن وڌيڪ تفصيل […]
سڪرنڊ ۾ منشيات، جوا ۽ فحاشي خلاف احتجاجي مهم جو اعلان، 11 جولاءِ تي جاڳرتا ريلي ڪڍڻ جو فيصلو
سڪرنڊ(رپورٽ: راج ڪماراوڏ) سڪرنڊ ۾ وڌندڙ منشيات جي ڪاروبار ۽ واهپي، جوا ۽ فحاشي جهڙن ڪڌن ڌنڌن ۽ ٻين سماجي براين خلاف جدوجهد تيز ڪرڻ ۽ احتجاج کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ جي ڊبليو سي جي گڏجاڻي تعلقي صدر محمد وارث نوناريءَ جي صدارت ۾ سڪرنڊ پريس ڪلب ۾ ٿي گذري. جنهن ۾ مير محمد […]
