دادو: قاضي احمد جي پرڻيل ناري پاران ساهرن جي ظلمن خلاف دادو پريس ڪلب آڏو احتجاج، الڳ گهر، تحفظ ۽ انصاف جو مطالبو
دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) قاضي احمد ۾ پرڻيل ناري ماءُ، پيءُ سميت ساهرن جي ناجائزين خلاف دادو پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته ساهرن جي مهڻن کان تنگ ٿي پنهنجي والدين جي گهر دادو سورج آباد پاڙي ۾ پهتي آهيان، 5 مھينا اڳ قاضي احمد شھر ۾ منهنجي شادي الطاف بالادي […]
سکر: نثار احمد جي قتل خلاف منڱڻهار برادري جو ڊي آءِ جي آفيس آڏو احتجاج، بااثر جوابدارن جي گرفتاري ۽ انصاف جو مطالبو
سکر(بيورورپورٽ) انصاف جي حاصلات لاءِ منڱڻهار برادري جو ڊي آئي جي آفيس آڏو احتجاج ڪيو ۔ان سلسلي ۾ سکر جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد، مليٽري روڊ واري علائقي جي منڱڻهار برادري سان تعلق رکندڙ عورتن، مردن ۽ معصوم ٻارڙن پاران ڊي آئي جي آفيس آڏو انصاف لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ويڊيو بيان موجب، […]
سکر: برکا ايڊ يوڪي ۽ اسٽيپ فائونڊيشن پاران معزورن لاءِ ڪاروباري سهولتن جي فراهمي، ويل چيئرز ۽ روزگار جو سامان ورهايو ويو
سکر (رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ) اسپيشل ماڻهن (معزورن) کي پنهنجو ذاتي ڪاروبار ڪرڻ جي حوالي سان سماجي تنظيم برکا ايڊ يوڪي پنهنجي پارٽنر اسٽيپ فائونڊيشن سکر سان گڏجي آبادلاکا ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن جي خاص مهمان اسٽيپ فائونڊيشن چيئرپرسن ميڊم شائسته بلوچ هئي تقريب ۾ موجود معزورن کي هٿ ريڙها۔ ڪاروبار لاءِ ٻارن جي […]
سکر: گوليمار جي ڀٽ برادري سان لاڳاپيل خاندان جو بااثر مٽن مائٽن جي ظلمن خلاف احتجاج، پوليس تي جانبداري جا الزام، تحفظ ۽ انصاف جو مطالبو
سکر (بيورو رپورٽ)سکر جي علائقي گوليمار جي رهواسين، جيڪي ڀٽ برادري سان تعلق رکن ٿا، پنهنجن ئي بااثر مٽن مائٽن جي مبينا ظلمن، زيادتين ۽ ناانصافين خلاف سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. مظاهري ۾ شهباز ڀٽ، مسمات لطيفه، مسمات شميم ۽ ٻيا شامل هئا.احتجاج دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي متاثرن ٻڌايو ته لڳ ڀڳ […]
سکر: برگد آرگنائيزيشن ۽ زیبسٹ جي سهڪار سان NYVN سنڌ چيپٽر جي تربيتي ورڪشاپ، نوجوانن، ٽرانسجینڊرز ۽ معذورن جي ڀرپور شرڪت
سکر( رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ)برگد آرگنائيزيشن فار يوتھ ڊولپمينٽ ۽ زیبسٹ يونيورسٽي ڪراچي جي سهڪار سان نيشنل يوتھ والنٽيئرز نيٽورڪ (NYVN) سنڌ چيپٽر جي هڪ ڏينهن واري تربيتي ورڪشاپ جو انعقادخبر موجب— برگد آرگنائيزيشن فار يوتھ ڊولپمينٽ پاران زیبسٹ يونيورسٽي ڪراچي جي تعاون سان نيشنل يوتھ والنٽيئرز نيٽورڪ (NYVN) سنڌ چيپٽر جي نون چونڊيل ميمبرن لاءِ […]
ملير ۾ موئن جو دڙو جي دور جو ڳوٺ دريافت، سنڌو تهذيب جو هزارين سالن پراڻو ماڳ “الله ڏنو” سامهون اچي ويو
ملير (ڊ ر ) ملير ۾ موئن جو دڙو جي عروج واري دور جو ڳوٺ دريافت نشانيون هٿ ، سنڌو تهذيب جي هزارين سالن جو ماڳ ڪراچي ملير ۾ ملي ويو آرڪيالاجي ڊپارٽمينٽ آمريڪن ٽيم ماڳ هٿ ڪري ورتو سنڌ جي هزارين سالن جي تاريخ سامهون اچي وئي آرڪيالاجي ڊپارٽمينٽ الله ڏنو جو مقام جو […]
سکر بيراج جو 43هون گيٽ ريتيلي مٽيءَ ۾ ڦاسي پيو، ڍانچي کي نقصان جو خدشو، پروجيڪٽ انتظاميا پاران چيف سيڪريٽري کي خط روانو
سکر (رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ) سکر بيراج جو 43 هون گيٽ ريتيلي مٽيءَ ۾ ڦاسي پيو، گيٽ جي ڍانچي کي نقصان پهچڻ جو خدشو،ان سلسلي ۾ سکر بيراج جو 43 هون گيٽ ريتيلي مٽيءَ ۾ ڦاسي پيو آهي جنهن سبب گيٽ جي ڍانچي کي نقصان پهچڻ جو خدشو وڌي ويو آهي، ذريعن موجب سنڌ حڪومت بيراج […]
دادو ۾ مبينا اغوا ڪيس جو نئون رخ: عائشه برهماڻي پاران اغوا جي ترديد، مڙس تي نشي، تشدد ۽ ڌمڪين جا الزام
دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) دادو ۾ اغوا ڄاڻايل عائشہ برهماڻي جو وڏو انڪشاف, “مونکي ڪنهن به اغوا نه ڪيو، مڙس نشي جو عادي ۽ تشدد پسند آهي” گھران نڪري تحفظ لاءِ مامي جي گهر آئي آهيان، دادو ۾ اغوا ڄاڻايل عورت عائشہ برهماڻي جو بيان منظر عام تي اچي ويو آهي، جنهن پنهنجي مڙس […]
عمرڪوٽ: پاپوليشن کاتي پاران ورلڊ پاپوليشن ڊي حوالي سان ڪارنر گڏجاڻيون، بي بي شو، ۽ فري ميڊيڪل ڪيمپون، 11 جولاءِ تي خاص تقريب جو اعلان
ڇور(رپورٽ:لالجي سوڍو) عمرڪوٽ ضلعي جي مختلف ھنڌن تي پاپوليشن ويلفيئر کاتي جي ميل موبلائيزرن طرفان ڪارنر گڏجاڻيون ڪوٺايون ويو، سڀاڻي 11 جولا تي پاپوليشن کاتي جي عالمي ڏينھن جي حوالي سان تقريب ٿيندي. خبر موجب عمرڪوٽ پاپوليشن کاتي پاران ضلعي جي مختلف سينٽرن ايم ايس يو ڪنري ۽ ايف ڊبليو سي سينٽر ڪنري, غلام نبي […]
سڪرنڊ: الخدمت فائونڊيشن پاران يتيم ٻارڙن لاءِ ڪمپيوٽر لٽريسي اسڪالرشپ جو آغاز، داخلا ليٽر ورهائڻ جي تقريب
سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪمااوڏ) الخدمت فائونڊيشن سڪرنڊ، پاران يتيم ٻارڙن جديد تعليم ڏيارڻ لاء شاهين آئي ٽي هب جي سهڪار سان، الخدمت يتيم اسڪالرشپ فار ڪمپيوٽر لٽريسي جو باضابطه آغاز ڪيو آهي ته جيئن يتيم ٻارن کي جديد تعليم سان آراسته ڪري سگهجي. ان سلسلي ۾، ميرٽ لسٽ جي تياري لاءِ انٽرويوز کان پوءِ، پهرين […]
