وڳڻ ۾ جسقم خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ خلاف احتجاجي ريلي، ڪارڪنن جو پرامن جدوجهد جاري رکڻ جو اعلان
وڳڻ (رپورٽ:عاجز چانڊيو ) وڳڻ جسقم پاران جسقم ضلعي دادو جي صدر منصور جمالي، جساف اڳواڻ دريا خان پنهور نياز چنو سالار سولنگي ضمير سنڌي ۽ نويد لنڊ سميت 21 ڪارڪنن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ خلاف ڪارڪنن پاران ضلعي صدر مختيار پنھور جي اڳواڻيء ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جيڪا مختلف روڊن رستن کان […]
سيوهڻ باءِ پاس تي وين جو حادثو، 1122 ريسڪيو عملو غائب، شهرين پاران زخمي ڊرائيور کي بچايو، جاچ جو مطالبو
سيوھڻ (رپورٽ: محمد صفر ايم سيوھاڻي) سيوهڻ باء پاس روڊ المراد مسجد جي هيٺيان پراڙا موڙ سيوھڻ وٽ هڪ ڊوم ۽ هڪ وين، ۾ حادثو پيش آيو، جڏهن ته ھڪ وين جو ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب ٻئي روڊ تي ايندڙ وين سان ٽڪرائجي وئي، جنھن جي نتيجي ۾ حادثو ٿي ويو، ھن حادثي ۾ ھڪ […]
امر گل جي ترجمو ڪيل ناول “رابنس ڪرسو” جي مهورتي تقريب، ادبي خدمتن تي ڀيٽا ۽ شاندار ڀيڄاڻ
ملير (ذوالفقار علي نصيراڻي )امر گل جي ترجمو ڪيل ناول “رابنس ڪرسو” جي مهورتي تقريب، ادبي خدمتن تي ڀيٽا پيش سنڌي ادب جي سڃاڻپ، شاعر ۽ مترجم امر گل جي ترجمو ڪيل ناول “رابنس ڪرسو” جي مهورتي تقريب ڪونڪر لائبريري م سگا گڏاپ طرفان منعقد ٿي، جنهن ۾ ڪيترن ئي علمي، ادبي ۽ استادن جي […]
مٺي ۽ ڀرپاسي ۾ پوليس جون منشيات فروشن خلاف ڪامياب ڪارروايون، 3 جوابدار گرفتار
مٺي(ڊ-ر) ٿرپارڪر پوليس پاران منشيات فروشن خلاف ڪارروايون، 11 گرام آئيس، 200 گرام چرس هٿ، 3 جوابدار گرفتار، ڪيس داخل. تفصيل موجب: ايس ايس پي ٿرپارڪر عادل ميمڻ جي هدايتن تي ضلعي جي مختلف علائقن ۾ منشيات فروشن خلاف آپريشن جاري آهي. ماڊل پوليس ٿاڻي مٺي جي حد ۾ انچارج سي آءِ اي ٿرپارڪر پنهنجي […]
نوابشاهه: بنگلاديش جي هاءِ ڪمشنر جو پريس ڪلب جو دورو، پاڪستان سان واپاري، ثقافتي ۽ تعليمي لاڳاپن جي واڌاري تي زور
نوابشاھ( رپورٽ: عبدالفتاح رند)بنگلاديش جي ھاءِ ڪمشنر محبوب العالم نوابشاھ پريس ڪلب جي دوري دوران ڳالهائيندي چيو تہ پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ دوستاڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ، سفارتي رابطن ۾ واڌ آڻڻ، ۽ معاشي، اقتصادي ۽ سماجي ترقي لاءِ نون موقعن جي تلاش لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. ھن چيو تہ […]
ٺٽو: سينيئر صحافي حافظ مشتاق احمد ميمڻ روڊ حادثي ۾ زخمين سبب لاڏاڻو ڪري ويو، صحافتي حلقن ۾ سوڳ
ٺٽو (نظير احمد قريشي) سينيئر صحافي حافظ مشتاق احمد ميمڻ جو روڊ ايڪسيڊنٽ سبب ڪراچي جي اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي لاڏاڻو ڪري ويو، صحافتي برادري سوڳوارٺٽي جو سينيئر صحافي ۽ پريس ڪلب ٺٽو جو اڳوڻو جنرل سيڪريٽري حافظ مشتاق احمد ميمڻ ڪراچي جي اسپتال ۾ زخمن جا تاب نه سهندي لاڏاڻو ڪري […]
سانگهڙ: حفاظتي بند تي جهيڙو، فائرنگ ۾ هڪ شخص فوت، ٽي زخمي، گهر ۾ سوڳ
سانگهڙ(رپورٽ:شاهنواز رونجهو) سانگهڙ ويجهو سنجهورو ٿاڻي جي حد ۾ سيلابي پاڻي کي روڪڻ لاءِ حفاظتي بند ڏيڻ دوران ابڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، مبينه فائرنگ ۾ هڪ شخص موقعي تي فوت ۽ ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا. ڳوٺ خدا ڏنو شاھ ۾ سيلابي پاڻي جي وهڪرن کي روڪڻ لاءِ بند ٺاهڻ جي ڪوشش […]
دادو: ڏينهن ڏٺي ميڊيڪل اسٽور مالڪ جي گهر تي ڌاڙو، مزاحمت تي نوجوان گولي لڳڻ سبب زخمي
دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) دادو شهر جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ ڏينهن ڏٺي جو لکين ميڊيڪل جي گهر ۾ لکن روپين جو ڌاڙو، دادو بي سيڪشن ٿاڻي جي حد دڙو روڊ وٽ ميڊيڪل اسٽور جي مالڪ غلام عباس پٽ عارب شيخ جي بند پيل گهر ۾ 3 نامعلوم چور داخل ٿي گهر مان […]
دادو: نافرمان پٽ جو پيرسن ماءُ تي تشدد، گهر مان ڪڍي ڇڏيو، انصاف لاءِ فرياد
دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) ميھڙ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ احمدپور قمبراڻي جي رھواسڻ پيرسن عورت مسمات حسنہ قمبراڻي کي نافرمان پٽ تشدد ڪري کيس ڏنڊا ھڻي گھر مان ڪڍي ڇڏيو آھي، پيرسن عورت مسمات حسنہ قمبراڻي پنھنجي پٽ خلاف روئيندي سنڌي ٻٽڙا پريس ڪلب جي صحافين اڳيان دانھيو آھي تہ منھنجو اڪيلو پٽ […]
سڪرنڊ: سائنو پاڪ ووڪيشنل ڪاليج جو قيام، شاگردن لاءِ چائنا ۾ وٽرنري تعليم جا موقعا
سڪرنڊ( رپورٽ: راج ڪماراوڏ) چائنا ۽ پاڪستان جي گڏيل سهڪار سان شهيد بينظير ڀٽو وٽرنري يونيورسٽي آف اينيمل سائنس سڪرنڊ ۾ سائنو پاڪ ووڪيشنل ڪاليج جو قيام ڪيو ويو آهي. جنهن جو مقصد وٽرنري تعليم، اينيمل سائنس ۽ ووڪيشنل ٽريننگ کي بين الاقوامي تعاون ذريعي وڌائڻ آھي. هن جي نمائندگي وي سي ڊاڪٽر فاروق حسن […]
