سڪرنڊ: الخدمت فاؤنڊيشن پاران رضاڪارن لاءِ تربيتي ورڪشاپ، هنگامي حالتن ۾ خدمت لاءِ تياري تي زور
سڪرنڊ (رپورٽ) الخدمت فاؤنڊيشن سڪرنڊ پاران رضاڪار اجلاس ۽ تربيتي ورڪشاپ الخدمت ڪمپليڪس ۾ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ مختلف علائقن مان ايندڙ، مختلف حالتن ۾ خدمت جو تجربو ۽ جذبو رکندڙ رضاڪارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي الخدمت جي ريجنل ڊزاسٽر مينيجمينٽ سنڌ جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪنور راشد مڪرّم چيو […]
ڄامشورو: بيواهه عورت جو ڌيءَ جي اغوا خلاف پريس ڪانفرنس، جوابدارن خلاف تحفظ ۽ ڪارروائي جو مطالبو
ڄامشورو (رپورٽ:محمد وارث)ڪوٽڙي سائيٽ ليبر اسڪوائر جي رهواسڻ بيواهه عورت حاجران ڪنڀار پاران سنڌ پريس ڪلب ڄامشورو تي پريس ڪانفرنس ڪندي الزام هنيو آهي ته سندس ڌيءَ صائمہ ڪنڀار کي نئو ڪوٽ ڀيل ڪالوني جو رهواسي آصف ڪنڀار اغوا ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته خاموش رهڻ لاءِ کيس موت مار ڌمڪيون ڏنيون پيون […]
سڪرنڊ: ٽن ڪالونين ۾ گندي پاڻي جي نيڪالي لاءِ احتجاج، ٽائون ڪاميٽي پاران 15 ڏينهن ۾ مسئلو حل ڪرڻ جو وعدو
سڪرنڊ ( رپورٽ: راج ڪماراوڏ) ٽائون ڪاميٽي سڪرنڊ جي حد ۾ شهر جي ٽن رهائشي ڪالونين جنهن ۾ العباس ٽائون ، عظيم سٽي ۽ سيد شبير شاھ ڪالوني شامل آهن ٽنهين ڪالونين جا رهواسي گزريل پنجن ڏينهن کان قاضي سرفراز ميمڻ چوڪ وٽ ٽائون ڪاميٽي جي مين گيٽ آڏو احتجاج طور بک هڙتالي ڪيمپ قائم […]
نذير احمد چنا پاران نئين سياسي جماعت جو اعلان، نئون عوامي آئين ۽ نظرياتي تبديلي جي ضرورت تي زور
ملير (ذوالفقار علي نصيراڻي ) سنڌ جي ناليواري ليکڪ، محقق ۽ دانشور نذير احمد چنا، اڳوڻي جج ۽ سرگرم سياسي شخصيت ذوالفقار ڪمبوه سان گڏ عوامي پريس ڪلب ملير ۾ هڪ اهم پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ان موقعي تي نذير احمد چنا نئين سياسي […]
ڄامشورو ۾ عورتن جي شڪايت سيل جي انچارج طور سيدة قرۃ العين شاهه جي مقرري، صنفي مساوات لاءِ اهم قدم
ڄامشورو(رپورٽ: محمد وارث ) سنڌ ۾ عورتن جي حقن جي تحفظ ۽ صنفي مساوات کي هٿي ڏيڻ لاءِ اهم قدم طور، عورتن جي ترقي کاتي پاران تجربيڪار نفسيات ماهر ۽ سينيئر آفيسر سيدة قرۃ العين شاهه کي ضلع ڄامشورو ۾ عورتن جي شڪايت سيل جي انچارج مقرر ڪيو ويو آهي. ڄامشورو، جيڪو سنڌ جو هڪ […]
ڀان سيدآباد ۾ برسات کان پوءِ جي صورتحال، وڏي وزير جي نوٽيس تي ڊي سي ڄامشورو جو دورو، نيڪالي ۽ صفائي جي هدايت
سيوھڻ (رپورٽ :محمد صفر سيوھاڻي)ڀان سيدآباد ۾ برساتن کانپوء واري صورتحال: وڏي وزير سيد مرادعلي شاه شهر ۾ برساتي پاڻي نيڪال نہ ٿيڻ جو نوٽيس ورتو، وڏي وزير سيد مرادعلي شاه جي خصوصي هدايتن تي ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو غضنفر علي قادري پاران ڀان سيدآباد شهر جو دورو، ڊي سي ڄامشورو شهر جي زنگيجا محلا، اسٽيشن […]
شھيد بينظيرآباد ۾ امڪاني برساتن بابت ڊپٽي ڪمشنر عبدالصمد نظاماڻي جي صدارت ۾ اجلاس، لاڳاپيل ادارن کي الرٽ رهڻ جي هدايت
نوابشاه ( رپورٽ :عبدالفتاح رند)ڊپٽي ڪمشنر/ چيئرمين ضلعي ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (ڊي ڊي ايم اي) شھيد بينظيرآباد عبدالصمد نظاماڻي جي صدارت هيٺ ضلع ۾ سانوڻي جي امڪاني برساتن دوران انتظامن کي يقيني بڻائڻ لاءِ ھڪ اجلاس اڄ ڊپٽي ڪمشنر آفيس جي دربار هال ۾ ٿي گذريو ان موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر […]
سنڌو درياءَ ۾ وچولي درجي جي ٻوڏ، گڊو ۽ سکر بئراج جي ڪچي علائقن ۾ پاڻي داخل، ڪچي واسين لاءِ زميني رابطو منقطع
سکر(رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) سکر بئراج ڪنٽرول روم مان جاري ٿيل رپورٽ موجب سنڌو درياءَ ۾ تونسا بيراج کان گڊو بيراج تائين وچولي درجي جي ٻوڏ برقرار آهي.سنڌو درياءَ ۾ گڊو ۽ سکر بيراج مان پاڻي جي نيڪال تي هيٺين سطح ج ٻوڏ آهي.ڪوه سليمان/ڊيرا غازي خان ڊويزن جي جبلن جي برساتي نالن/روڊ ڪوئن جي […]
سکر ۾ امڪاني برساتن جي اڳڪٿي تي ميئر ارسلان شيخ جي تياريون، حفاظتي انتظامن جو جائزو ۽ عوام کي احتياط جي اپيل
سکر ( رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ ) امڪاني برساتن جي اڳڪٿي، ميئر ارسلان شيخ سرگرم، حفاظتي انتظامن جو جائزو خبر موجب سکر شهر ۾ امڪاني طور تي معمولي کان وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي بعد، ميئر سکر ارسلان شيخ پاڻ ميدان ۾ اچي انتظامن جو جائزو وٺڻ شروع ڪيو آهي۔ميئر سکر مياني ڊسپوزل اسٽيشن جو دورو ڪيو […]
سکر ۾ ايڪسائيز عملدارن جي رشوت سبب منشيات جي اسمگلنگ عروج تي، سڄاڻ ڌرين جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو
سکر(رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ) ايڪسائيز ۽ نارڪوٽيڪس جي رشوتخوري سبب منشيات سميت معضر صحت شين جي اسمگلنگ ۽ ڪاروبار سرعام جاري خبر موجب۔ ايڪسائيز ۽ نارڪوٽيڪس عملدارن جي رشوت خوري سبب سکر ضلعي ۾ منشيات توڙي نشي آور شين جو ڪاروبار عروج تي آهي۔ ٻڌايو وڃي ٿو ته SIUT اسپتال لڳ ٽول پلازه سامهو سکر بائي […]
