سانگهڙ: وڪيل پاران اسسٽنٽ ڪمشنر کي چماٽ هڻڻ واري واقعي تي روينيو ملازمن جو احتجاج، آفيسن کي تالا، ڪم معطل
سانگھڙ(رپورٽ:شاهنواز رونجهو) سانگهڙ جي عدالت ۾ وڪيل پاران مبينا طور اسسٽنٽ ڪمشنر سانگهڙ کي چماٽ هڻڻ وارو معاملو، وڪيل عدالت ۾ پيش ضمانت منظور، آل روينيو سنڌ ايمپلائيز پاران سرڪاري آفيسن کي تالا بندي ڪري ڊپٽي ڪمشنر آفيس اڳيان ڌرڻو هڻي احتجاج ڪيو، سانگهڙ ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر شفيق احمد آريسر ۽ وڪيل محمد علي لغاري […]
ٺٽو: حضرت صوفي فقير عبدالله مسڻ رحه جو 44هون عرس 6 کان 9 صفرالمجرب تائين عقيدت سان ملهائڻ جون تياريون مڪمل
دادو(رپورٽ: سرور جلال سولنگي) سنڌ جي مشهور درگاھ حضرت صوفي فقير عبدالله مسڻ رح جو 44 ھين عرس مبارڪ جون تياريون شروع ٿي ويون، ٽي روزہ عرس مبارڪ 6 کان 9 صفرالمجرب پهرين کان 4 آگسٽ تي ٺٽو شهر جي مسڻ محلا ۾ وڏي عقيدت ۽ احترام سان صوفي ريتن رسمن تحت ملهايو ويندو، ميلي […]
سکر: ايس ايس پي اظهر خان حرا اسپتال پهچي زخمي پوليس اهلڪار جي عيادت، جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار
سکر (رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ)ايس ايس پي سکر اظهر خان جي حرا اسپتال آمد، روڊ حادثي ۾ زخمي اهلڪار جي عيادت، صحتيابي لاءِ دعا ۽ نيڪ تمنا جو اظهار ترجمان سکر پوليس پاران جاري ڪيل بيان موجب، پٽڻي ٿاڻي جي حد ۾ ڊيوٽي دوران پوليس ڪانسٽيبل صوبدار مهر جي حادثي جي اطلاع تي ايس ايس پي […]
ملير: سومار ڪنڊاڻي خاصخيلي واسين جو بجلي جي بندش خلاف ڌرڻو، روڊ بلاڪ، ٽريفڪ معطل، ڪي اليڪٽرڪ خلاف ڪارروائي جو مطالبو
ملير( ڊر ) يوسي مراد ميمڻ جي علائقي سومار ڪنڊاڻي خاصخيلي ڳوٺ واسين جو بجليءَ جي بندش خلاف ملير ندي پل تي احتجاجي مظاهرو ڌرڻو ٽائرن کي باهيون ڏئي مک روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون احتجاج سبب ڪراچي صدر ۽ ٻين علائقن ڏانهن ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي ڳوٺاڻن علي […]
مٺي: ڳوٺاڻن جو وڄوٽو پوليس خلاف احتجاج، نوجوان جي بازيابي ۽ ڍڳين جي واپسي جو مطالبو
مٺي(ڊ-ر) مٺي ۾ پريس ڪلب تي پهچي وڄوٽو پوليس خلاف احتجاج ڪندي ڳوٺ ڪنريو وساڻ جي ڳوٺاڻن مبارڪ ولد يار محمد وساڻ. چنيسر وساڻ، نياز وساڻ، نظر محمد مبارڪ ۽ ٻين دانهيندي چيو ته اسان جي مائٽ صديق ولد مبارڪ کي وڄوٽو پوليس وڏيرن جي سياسي ونگار وهندي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آھي. هنن […]
اسٽيل مل مان جبري برطرف ملازمن جو اسٽيل ٽائون ۾ ڌرڻو، گيٽ بند، ڇڪتاڻ، بحالي ۽ بنيادي سهولتن جي فراهميءَ جو مطالبو
ملير (ذوالفقار علي نصيراڻي) پاڪستان اسٽيل مل مان جبري طوربرطرف ڪيل ملازمن پنهنجن مطالبن جي حمايت ۾ اسٽيل ٽائون جي گيسٽ هائوس آڏو احتجاجي ڌرڻو هڻي گيٽ کي تالا لڳائي روڊ بند ڪري ڇڏيو۔ اطلاع تي اسٽيل مل جي سيڪيورٽي عملي سان گڏ پوليس جي وڏي نفري پهچي وئي، جنهن بعد مظاهرو ڪندڙن ۽ اهلڪارن […]
علي رضا انصاري ميونسپل ڪمشنر بلديه اعليٰ سکر طور عهدو سنڀالي ورتو، بلدياتي خدمتن جي بهتري لاءِ هدايتون جاري
سکر ( رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ)علي رضا انصاري ميونسپل ڪمشنر بلديه اعليٰ سکر جو عهدو سنڀالي ورتو، سرڪاري ذميوارين جي ادائگي جو باقاعدي آغاز سکر ۾ سينيئر آفيسر علي رضا انصاري گذريل ڏينهن (خميس) تي بلديه اعليٰ سکر جي ميونسپل ڪمشنر طور پنهنجو عهدو باضابطه طور سنڀالي، جنهن بعد هن پنهنجن سرڪاري ذميوارين جي ادائگي […]
سيوهڻ پوليس جو منشيات فروشن ۽ ڏوهارين خلاف ڪريڪ ڊائون، 7 جوابدار گرفتار، ڪيس داخل
سيوھڻ( رپورٽ :محمد صفر ايم سيوھاڻي) سيوهڻ پوليس جو منشيات فروشن سميت موٽر سائيڪل ڦوروئن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري, سيوهڻ ٿاڻي جي حد ۾ مختلف ھنڌن تي ڇاپا 7جوابدار گرفتار, ڪيس داخل,ايس ايس پي ڄامشورو محمد ظفر صديق ڇانگا جي هدايت تي اي ايس پي سيوهڻ عبدالله افضل ۽ ايس ايڇ او سيوهڻ ذولفقار اوڍاڻو […]
ٺٽي ۾ “سلام” نالي منشيات خلاف مذهبي ۽ سماجي حلقن جو سخت احتجاج، انتظاميه کان ڪارروائي جو مطالبو
ٺٽو ( رپورٽ:نظير احمد قريشي) شهر ۾ هڪ خطرناڪ منشيات، جيڪا عام ماڻهن ۾ “سلام” جي نالي سان مشهور ٿي وئي آهي، ان بابت مذهبي ۽ سماجي حلقن پاران سخت احتجاج سامهون آيو آهي. ماڻهن جو چوڻ آهي ته “السلام” الله تعاليٰ جو پاڪ نالو آهي، ۽ ان نالي کي منشيات جهڙي حرام شيءِ سان […]
آل پاڪستان انجمن تاجران ضلع دادو جي نون چونڊيل عهديدارن جي حلف برداري تقريب شاندار انداز سان منعقد ٿي.
دادو (رپورٽ: سرور جلال سولنگي) آل پاڪستان انجمن تاجران ضلع دادو جي نون چونڊيل عهديدارن جي حلف برداري تقريب قرآن پاڪ جي تلاوت سان شروع ڪئي وئي، ۽ پاڪستان جو قومي ترانو پڻ پيش ڪيو ويو تقريب شاندار نموني سان منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ سياسي، سماجي، واپاري، صحافتي ۽ مذهبي برادرين جا نمائندا وڏي […]
