ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظير آباد جو سنڌو درياهه جي حفاظتي بندن جو دورو، ڪچي وارن کي ريليف ڪئمپن ۾ منتقل ٿيڻ جي هدايت

سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪماراوڏ) ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد عبدالصمد نظاماڻي سڪرنڊ ڀرسان سنڌو درياهه جي حفاظتي بندن جو دورو ڪري پاڻي جي صورتحال، ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪم جو جائزو ورتو ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر سيد ابرار علي شاهه، پ پ پ ضلع صدر محمد سالم زرداري، اسسٽنٽ ڪمشنر سڪرنڊ رميز راجا، اسسٽنٽ […]
ھالا باءِ پاس تان نيوسعيدآباد واسي امام الدين ڪاڪا کي پوليس کڻي وئي، وارثن جو شفاف انڪوائري ۽ تحفظ جو مطالبو

سڪرنڊ ( رپورٽ: راج ڪماراوڏ)ھالا ڪورٽ ۾ ڀائرن سان ملاقات ڪري واپس ويندي نيوسعيدآباد واسي امام الدين پٽ حسين بخش ڪاڪا ويٺل ڳوٺ بچل ڪاڪا کي ايس ايڇ او ھالا حاجي ٺارو خان ڀٽي ۽ ايس ايڇ او نيوسعيدآباد گلزار علي لغاري جي اڳواڻيءَ ۾ ھالا باءِ پاس تان ڪچي جي اغواڪارن جيان کنڀي کڻي […]
ڄامشوري ۾ پوليو فرنٽ لائن ورڪرن جي مڃتا لاءِ شاندار تقريب، سرٽيفڪيٽ ۽ شيلڊون ورهايون ويون

ڄامشورو (رپورٽ: محمد وارث )ضلعي ڄامشورو ۾ پوليو فرنٽ لائن ورڪرن جي مڃتا لاءِ شاندار تقريب ضلعي ڄامشورو ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ فرنٽ لائن تي بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ورڪرن جي مڃتا لاءِ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيس ڄامشورو پاران پيرا ميڊيڪل انسٽيٽيوٽ ھال ۾ هڪ شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن دوران سرٽيفڪيٽ ۽ شيلڊون ورهائيون […]
مٺي ۾ پريمي جوڙو پنهنجي مرضي سان شادي بعد تحفظ جو طلبگار

مٺي (رپورٽ: الهڏنو بجير) ڪوٽ غلام محمد تعلقي جي ڳوٺ فريد آباد جو پريمي جوڙو مٺي پهتو. جتي هنن پنهنجي مرضي جي شادي ڪري گڏ رهڻ جوفيصلو ڪري ورتو آھي. ڪوث غلام محمد جي ڳوٺ وحيد فارم جي رهوسي جاويد ولد غلام حسين خاصخيلي مسمات 27 سالا سوٽ گل ناز ڌي اسحاق خاصخيلي کي وٺي […]
نوابشاهه: ڳوٺ خير شاهه واسين جو موٽرسائيڪل چوري خلاف احتجاج، پوليس تي نااهلي جو الزام

نوابشاه ( رپورٽ: عبدالفتاح رند) نوابشاھ جي ڳوٺ خير شاهه جي رھواسين باز محمد بروهي پنهنجي ڳوٺاڻن خادم حسين جمالي حبيبﷲ سولنگي سان گڏ نوابشاھ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪندي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 16 جولائي تي ايڪسائيز آفيس مان منهنجي موٽرسائيڪل چوري ٿي ھئي جنھن جي اين سي اي سيڪشن ٿاڻي تي […]
دادو: پوليس مبينہ مقابلا، 2 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار

دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي) ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) امير سعود مگسي جي هدايتن تي دادو پوليس ڏوھارين خلاف ڪريڪ ڊائون، مختلف هنڌن تي ٻہ لڳاتار مبينا پوليس مقابلن جي دعويٰ ٻنهي مقابلن ۾ ٻه هٿياربند ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيا ويا پهريون مقابلو بي سيڪشن ٿاڻي جي حد احمد خان جتوئي لنڪ […]
سيوهڻ: اسڪولن ۾ بدترين لوڊشيڊنگ ۽ سولر سسٽم نه هجڻ سبب تعليم متاثر، استاد ۽ شاگرد پريشان

سيوھڻ (رپورٽ: محمد صفر ايم سيوھاڻي ) سيوھڻ جي مختلف اسڪولن ۾ بجلي جي بدترين لوڊشيڊنگ ھئڻ ڪري ڪھر جھڙي گرمي اسڪول جا ٻارڙا ۽ استاد سخت پريشان، جڏھن ته اسڪولن ۾ سولر سسٽم به نه ھئڻ ڪري اسڪولي ٻارڙن جي تعليم سخت متاثر ٿي رھي آھي، تفصيل موجب گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڳاڙھي واري سيوھڻ […]
وڳڻ: 25 سالن کان واٽر سپلائي نه ملڻ خلاف شهر واسين جو احتجاجي مظاهرو

وڳڻ (رپورٽ: عاجز چانڊيو) وڳڻ شھر کي گذريل ويھ کان پنجويھ سالن کان وٺي واٽر سپلائي جي بنيادي سهولت نه ملڻ خلاف سماجي اڳواڻ احسان علي ٽوٽاڻي جي اڳواڻي ۾ وڳڻ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جتي شهر واسين سخت نعريبازي پڻ ڪئي. احتجاج ۾ سينيئر صحافي ۽ سماجي ڪارڪن عاجز علي چانڊيو، […]
دادو: ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن ۾ پهريون ڀيرو يوم حسينؑ جي مناسبت سان مجلس عزا ۽ قصيده خواني

دادو(رپورٽ: سرورجلال سولنگي) شھداءِ ڪربلا محسن اسلام شھنشاھ مولا امام حسين عليه السلام ۽ سندن شھيد جانثارن جي ياد ۾ پھريون ڀيرو ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن دادو جي خزانچي وڪيل سيده سنبل ڪاظمي جي قيادت ۾ سيشن ڪورٽ جي بار روم يوم حسين عليہ اسلام جي سلسلي ۾ مجلس عزا ۽ قصيده خواني ڪئي وئي مجلس […]
سيوهڻ: رڪشه اسٽاپ تي غريب رڪشه هلائيندڙ پورهيت تي تشدد، پوليس خاموش تماشائي

سيوھڻ (رپورٽ: محمد صفر ايم سيوھاڻي)سيوھڻ شھر ۾ ھاڻي رڪشي جو روزگار ڪرڻ به ڏوھ ٿي ويو آھي، رڪشي جو روزگار ڪندڙ ھڪ غريب رڪشي واري کي جھاز چونڪ تي بيٺل رڪشي وارن ڌڪ ھڻي زخمي ڪري ڇڏيو، زخمي رڪشي جي نڪ مان ڌڪ لڳڻ ڪري رت وھڻ لڳو، سيوھڻ پوليس انتظاميه خاموش تماشائي بڻيل، […]