ملير ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ سب انسپڪٽر شهيد، جنازي ۾ پوليس آفيسرن ۽ علائقي واسين جي وڏي انگ جي شرڪت
ملير(ڊر ) بن قاسم ٿاڻي جي حد ۾ نامعلوم هٿياربندن هٿان گهر اڳيان لڳڻ سبب شهيد ٿي سب انسپڪٽر اڳوڻو گهگهر چوڪي انچارج محمد خان ابڙو جي جنازي نماز اسٽيل ٽائون جي علائقي گلزار مدينا ۾ ادا ڪئي وئي شھيد اهلڪار جي جنازي نماز ۾ ڊي آئي جي ايسٽ ڊاڪٽر فرخ لنجار ، ايس ايس […]
ٿرپارڪر ۾ تيز برساتن سان خوشحالي جون اميدون، وڄ سبب هڪ فوت ۽ مال مويشي هلاڪ
مٺي (رپورٽ: الهڏنو بجير) ضلع ٿرپارڪر تي گذريل ٽن ڏينهن کان تيز ترين موسمي برساتن جو سلسلو جاري آهي. جنهن بعد ٿر جي ٻنين ۾ پوکيل فصل سوڪھڙي کان بچي ويا آهن ۽ ٿرپارڪر ڏڪاري حالتن کان به بچي ويو آهي ۽ مارو ماڻھن جي چهرن تي مرجهايل خوشين جا بادل ٻيهر ٻھڪي اٿيا آهن […]
ميھڙ لڳ ڪولاچي ۾ کوسو برادري جو تڪرار، عورتن جو گهرن تي قبضو ختم ڪرائڻ ۽ انصاف لاءِ دانھون
دادو(رپورٽ: سرور جلال سولنگي) ميھڙ لڳ ڪولاچي ويجھو ڳوٺ رملي کوسو جون پيرسن عورتون اميران، عجيبان، روبينا کوسو دادو پريس ڪلب پھچي دانھيو تہ اسين بي گھر آھيون، اسان جي گھرن جو الھ تلھ لٽي گھرن تي ھٿياربندن قبضو ڪري ورتو آھي، ڪجھ ڏينھن اڳ سنڱاوتي تڪرار تان لياقت کوسو، سعيد، جميل، مشتاق، ممتاز، عرفان، […]
سيتاروڊ ۾ شهيد غازي علي احمد پليپوٽو جي چوٿين ورسي، جونئير ذوالفقار ڀٽو ۽ ڪارڪنن پاران خراجِ عقيدت
دادو(رپورٽ: سرور جلال سولنگي) ڀٽوازم لاءِ پوري ڄمار وقف ڪندڙ شھيد ڀٽو پارٽي جو اڳوڻو صوبائي صدر شهيد قائد ميرمرتضيٰ ڀٽو جو بهادر ساٿي شهيد غازي علي احمد پليپوٽو جي چوٿين ورسي تي سيتاروڊ ۾ وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي، مهمان خاص شهيد ميرمرتضيٰ ڀٽو جو پڳدار فرزند جونئير ذوالفقار علي ڀٽو هئا […]
سانگهڙ: صحافي خاور حسين جي پراسرار موت جي جاچ، ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي جو دورو
سانگھڙ(رپورٽ:شاهنواز رونجهو) سانگهڙ ۾ ڪراچي جي صحافي خاور حسين جي پراسرار موت جي جاچ لاءِ ٺاهيل ڪميٽي، جنهن جو چيئرمين ايڊيشنل آئي جي سي ٽي ڊي سانگهڙ جي دوري تي پهتو، آئي جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي هدايت تي ڊان ڪراچي جو صحافي خاور حسين جي پرسرار موت جي جاچ جي مقرر ڪيل ڪاميٽي […]
سڪرنڊ ۾ شاهين آئي ٽي هب ۾ جشنِ آزادي تقريب، شاگردن جا ملي نغما ۽ ٽيبلو پيش
سڪرند (رپورٽ: راج ڪماراوڏ )چيف ايگزيڪيوٽیو ڪنور حسان راشد جي نگراني ھيٺ ھلندڙ شاھين انفارميشن ٽيڪنالاجي ھب (شاھين آئي ٽي ھب) ۾ جشنِ آزاديءَ جي پروقار تقريب منعقد ٿي، الخدمت سنڌ جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪنور راشد مڪرّم جي صدارت ۾ ٿيندڙ ھن تقريب ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج سڪرند جو پرنسپل پروفيسر راؤ نورالامين خاص مهمان […]
سڪرنڊ ۾ استادن جو احتجاج، پينشن ترميمون واپس وٺڻ ۽ تفاوت الائونس ڏيڻ جو مطالبو
سڪرنڊ( رپورٽ: راج ڪماراوڏ )استادن جا جائز مطالبا پورا ڪيا وڃن، پينشن قانونن ۾ ترميمون واپس ورتيون وڃن، سنڌ جي ملازمن کي تفاوت الائونس ڏنو وڃي: احتجاج ڪندڙ جي ايس ٽي اي سينٽر جي سڏ تي گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول سڪرنڊ ۾ احتجاجي مظاهرو، قلم اڇلائڻ ۽ اعليٰ سرڪاري گهرن ڏانهن احتجاج ڪرڻ جي ڌمڪي […]
ملير ميمڻ ڳوٺ ۾ 40 هزار ايزي پيسا فراڊ، علائقي واسين جو ايس ايڇ او جي بدلي جو مطالبو
ملير ( ڊر )ملیر ميمڻ ڳوٺ ۾ ڦر جو عجيب واقعو، ٻه اڻڄاتل همراھ دڪان تان چاليھ هزار ايزي پئسا ڪرائي ڀڄي ويا، ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي تي اين سي داخل ملير ميمڻ گوٺ جي مک روڊ تي موبائل دڪان مان 40 هزار رپين جو فراڊ ٿي ويو۔ تفصيل موجب گذريل ڏينهن شام 3 وڳي ٻن […]
عمرڪوٽ ۾ مليريا ۽ ڊينگي خلاف آگاهي مهم شروع، صحت کاتي پاران احتياطي اپائن تي زور
ڇور ( رپورٽ: لالجي سوڍو ) عمرڪوٽ ۾ مليريا ۽ ڊينگي جي روڪٿام لاءِ آگاهي مهم شروع عمرڪوٽ ضلعي ۾ صحت کاتي پاران 11 آگسٽ کان 17 آگسٽ تائين مليريا ۽ ڊينگي کان بچاءَ لاءِ آگاهي مهم شروع ڪئي وئي آهي، جيڪا ڊائريڪٽر جنرل صحت سنڌ ڊاڪٽر وقار احمد ميمڻ جي هدايتن تي پوري صوبي […]
ڪورنگي مهراڻ ٽائون ۾ ڀتي خورن جو هوٽل مالڪن تي حملو، اغوا ۽ تشدد خلاف احتجاج
ملير (ذوالفقار علي نصيراڻي)ڪراچي ڪورنگي جي مهراڻ ٽائون ۾ هوٽل مالڪن کان زوري ڀتو اوڳاڙڻ جي ڪوشش ناڪام ٿيڻ تي ڀتي خورن جو هوٽل مالڪن تي حملو ۽ بدترين تشدد، رڙين تي ڀرپاسي جي ماڻهن هوٽل مالڪن کي بچايو. متاثرن هوٽل مالڪن عبدالوهاب ميمڻ عبدالقدوس ميمڻ عبدالباسط ميمڻ طرفان ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ٿاڻي تي پهچي […]
