دادو: ڳوٺ ٿينگو خان لنڊ ۾ هٿياربند ڦورن جي حملي ۾ نوجوان زخمي، موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام
دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي )دادو ۾ چورين، ڦرن ۾ گهٽتائي نه اچي سگهي، بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ ٿينگو خان لنڊ ۾ 5 نامعلوم ڦورن نوجوان محمد اشرف کوسو کان هٿيارن جي زور تي موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي نوجوان پاران مزاحمت تي پسٽل جا بٽ ھڻي کيس زخمي ڪري ڇڏيو، زخمي نوجوان جو […]
دادو: ايم ايل ٽو ريلوي ٽريڪ جي ناڪارا حالت سبب موهن جو دڙو اپ ٽرين جي ٻه بوگيون پٽڙي تان لهي ويون، مسافرن ۾ خوف
دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) ايم ايل ٽو سنڌ ريلوي ٽريڪ ڪمزور ھجڻ سبب موھن جو دڙو اپ 213 سيتاروڊ لڳ پٽڙي تان لھي وئي سالن کان ٽريڪ جي مرمت نه ٿيڻ ڪري سيتاروڊ رحماني ننگر ويجهو موھن جو دڙو اپ 213 جون 2 بوگيون پٽڙي تان لھي ويون، مسافرن ۾ خوف حراس پکڙجي ويو گينگ […]
ڇور مان قافلا تيار، نظر محمد آريسر جي اڳواڻي ۾ 1 مئي تي ميرپورخاص جلسي ۾ شاندار شرڪت جو اعلان
ڇور ( رپورٽ: لالجي سوڍو ) چيئرمين ٽائون ڪميٽي ڇور نظر محمد آريسر جي قيادت هيٺ 1 مئي تي ميرپورخاص جي گاما اسٽيڊيم ۾ ٿيندڙ پاڪستان پيپلزپارٽي جي جلسي ۾ شرڪت لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، ڇور، نيو ڇور، نونهيون ۽ آس پاس جي ڳوٺن مان سوين ماڻهن تي ٻڌل قافلا، درجنين گاڏين جي […]
ٿر جي ڳوٺن ڦانگاريو ۽ ڀاناڻي ڀيل ۾ نياڻين جي تعليم ۽ بنيادي حقن بابت شعور بيدار ڪرڻ لاءِ گڏجاڻيون منعقد
مٺي (ڊ-ر) ٿر ۾ نياڻين جي تعليم تي ڪم ڪندڙ سماجي اداري سوشل ڪوآپريٽو انيشيٽو (اسي سي آء) پاران ڳوٺ ڦانگاريو ۽ ڳوٺ ڀاناڻي ڀيل ۾ عورتن ۽ مردن سان ڌار ڌار جاگرتا ۽ انهن جي بنيادي حقن ۽ ڄاڻ ڏيڻ بابت گڏجاڻيون منعقد ڪيون ويون جنهن ۾ عورتن توڙي مردن وڏي تعداد ۾ شرڪت […]
مٺيءَ ۾ نوجوان وڪيل لجپت راڄ سوراڻي ڀيل ۽ ايم پي اي ڊاڪٽر کٽومل جيوڻ مينگهواڙ جي ملاقات، گڏيل جدوجهد تي اتفاق
مٺي (ڊ-ر) ٿر جي ڀيل برادري ۾ وڏي ساک رکندڙ نوجوان وڪيل لجپتراء سوراڻي ڀيل جي ٿر جي مينگهواڙ برادري جي مقبول ترين ۽ پ پ پ جي سينئر اڳواڻ ۽ ايم پي اي ڊاڪٽر کٽومل جيوڻ ميگهواڙ سان مٺي ۾ تفصيلي ملاقات ٿي ۽ آئنده گڏجي جدوجهد ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو ويو ۽ […]
مٺي ۾ عالمي حفاظتي ٽڪن جي هفتي جي مناسبت سان جاڳرتا سيمينار، والدين کي وقت سر ٽڪا لڳرائڻ جي اپيل
مٺي(ڊ-ر) حفاظتي ٽڪن هڻڻ واري عالمي هفتي ملهائڻ جي حوالي سان صحت کاتي ٿرپارڪر پاران ضلعي انتظاميه ٿرپارڪر ۽ ٿر فائونڊيشن جي سهڪار سان اڄ درٻارهال مٺي ۾ هڪ جاڳرتا سيمينار منعقد ڪيو ويو، سيمينار ۾ خاص مهمان طور ڳالهائيندي ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر عبدالحليم جاگيراڻي چيو ته حفاظتي ٽڪا ٻارن جي صحتيابي لاءِ بنيادي حيثيت […]
سانگهڙ: لغاري برادري جي گهرن ۾ باھ لڳڻ، 12 گهر سڙي ويا، نقصان وڌي ويو
سانگهڙ(رپورٽ:شاهنواز رونجهو) سانگهڙ ويجهو چوٽياريون ٿاڻي جي حد ۾ لغاري برادري جي ڪکاوان گهرن کي باھ، ٻه مينهون، هڪ ڍڳي ۽ پنج ٻڪرين سميت 12 گهر سڙي رک ٿي ويا، نئون ڪوٽ اسٽاپ لڳ ڳوٺ محراب لغاري ۾ لغاري برادري جي گهرن کي اچانڪ باھ لڳي وئي جنهن سبب آدم لغاري، انور لغاري، لقمان لغاري، […]
ملير : ميمڻ ڳوٺ ۾ جهيڙي نتيجي ۾ نوجوان محمد آصف فوت
ملير(ڊر ) ميمڻ ڳوٺ پنهور برادريء جي ٻن ڌرين وچ ۾ معمولي ڳالهه تان ٿيل جهيڙي جي نتيجي ۾ زخمي ٿيل محمد آصف اسپتال ۾ علاج جي دوران زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو وارثن جو ميمڻ ڳوٺ مک شاهراه تي لاش رکي ڌرڻو ملير سٽي ڏانهن ويندڙ مک روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو […]
مٺي: عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري جي هنگامي پريس ڪانفرنس
مٺي(ڊ-ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري طرفان حسن پسايو هال مٺي ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس، سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف پرامن جمهوري جدوجهد جاري رکڻ جو اعلان. ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڪئنالن جي مسئلي تي گهڻو ڪري سمورين سياسي ڌرين پنهنجي پنهنجي پليٽ فارم تان ۽ خاص طور تي […]
سکر: موٽرسائيڪل چوري ۾ واڌ، شھري تشدد جو شڪار، احتجاج جو سلسلو
سکر(رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) سکر ۾ موٽرسائيڪل چوريءَ جون وارداتون گهٽجڻ بدران وڌي ويون، نا معلوم هٿياربندن پاران شھري تي تشدد، موٽرسائيڪل ۽ نقدي ڦر، متاثر شھري جو عزيزن سان گڏ احتجاج، اعليٰ اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ان سلسلي ۾ سکر شھر ۾ موٽرسائيڪل چوريءَ جون وارداتون ڏينهون ڏينهن وڌي رهيون آھن. […]
