گڏاپ لڳ لٽ ون ڊيم ۾ ڏار، ٽٽڻ جو خطرو وڌي ويو – ڳوٺاڻن ۽ شهرين ۾ خوف جي لهر
ملير (ذوالفقار علي نصيراڻي) گڏاپ لڳ هڪ سال اڳ 57 ايڪڙن تي 97 ڪروڙ روپين جي ڳري لاڳت سان تعمير ڪيل لٽ ون ڊيم برساتن جي تازي وسڪاري کان پوءِ پهريون دفعو مڪمل طور ڀرجي اٿلي پيو آهي. مقامي ذريعن موجب ڊيم جي ڀرجي وڃڻ سان گڏ ان جي مختلف حصن ۾ ڏار پئجي ويا […]
ملير ايڪسپريس وي برسات جي سٽ نه سهي سگهيو، افتتاح جي ڪجهه ئي ڏينهن ۾ ئي ٽٽي پيو
ملير (ذوالفقار علي نصيراڻي ) ڳري رقم سان ٺهيل ملير ايڪسپريس وي (شاهراهه ڀٽو) برسات جا پهريان ئي وسڪارا برداشت نه ڪري سگهيو افتتاح جي صرف ڪجهه ڏينهن گذرڻ بعد ئي روڊ هنڌان هنڌان ٽٽي خطرناڪ ڏار پئجي ويا آهن جنهن سبب سفر غير محفوظ بڻجي ويو آهي 39 ڪلو ميٽر ڊگهو هي منصوبو قيوم […]
ٿر ۾ برساتن دوران کنوڻ ڪرڻ سبب جاني ۽ مالي نقصان ـ ٿر ايڪشن فورم چيئرمين نندلال مالهي پاران سنڌ حڪومت کي فوري اپائن جو مطالبو
مٺي (ڊ-ر) ٿر ايڪشن فورم جي چيئرمين ڪامريڊ نندلال مالهي پنهنجي جاري ڪيل بيان ٿر ۾ تازو برساتن ۾ کنوڻ ڪرڻ جي واقعن ۾ ماڻهو ۽ چوپايو مال مرڻ تي ڳڻتي ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مون سون جي هلندڙ برساتن ۾ ٿر ۾ ڏهن کان وڌيڪ هنڌن تي کنوڻ ڪرڻ جا […]
دادو ۾ پوليو مهم لاءِ انتظامي اجلاس ـ پهرين سيپٽمبر کان ست ڏينهن دوران 4 لک کان وڌيڪ ٻارن کي ڦڙا پيايا ويندا
دادو(رپورٽ: سرور جلال سولنگي) ڊپٽي ڪمشنر دادو جي صدارت ھيٺ پوليو مهم جي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس، ست ڏھاڙم تي مشتمل پوليو جي خاتمي واري مهم پهرين سيپٽمبر کان شروع ٿيندي جنهن ۾ 4 لک 7 هزار 7 سئو 23 ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيايا ويندا. ڊپٽي ڪمشنر دادو سيد […]
دادو ماروي ڪالوني ۾ جهيڙو ـ ڪاريگر سخت زخمي، متاثرن جو بااثر جوابدارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو
دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي)دادو ماروي ڪالوني ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو هڪ ڄڻو زخمي دادو جي ماروي ڪالوني ۾ معمولي ڳالهه تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، گهر جي دڪي جو مرمتي ڪم ڪندڙ ڪاريگر سخت زخمي. زخمي ڪاريگر دلشير پنهور، پنهنجي ڀاءُ گلشير پنهور ۽ گهر ڌڻي احسان پنهور دادو پريس ڪلب پهچي دانهيون ته […]
سڪن ندي ۾ ڦاٿل 8 ماڻهو ريسڪيو ـ پيپلزپارٽي ملير اڳواڻ امداد جوکيو ۽ نوجوانن جي بهادري سان زندگيون بچي ويون
ملير(ڊر ) ميهن زيادا وسڻ سبب ڪوٽيرڙو واري جابلو علائقن جي پاڻي سان سڪن ڀرجي آئي سڪن ندي ۾ ڦاٿل 8 ماڻهن کي پيپلزپارٽي ملير جي جنرل سيڪريٽري امداد جوکيو مقامي نوجوانن جي مدد سان بچايو ويو سڪن ندي ۾ 8 ماڻهو ڦاسي پيا، جن کي مقامي نوجوانن سان گڏجي پيپلزپارٽي ملير اڳواڻ امداد جوکيو […]
وڳڻ ۾ قومي عوامي تحريڪ جو احتجاج ـ ڪارپوريٽ فارمنگ، ڪرپشن ۽ منشيات خلاف آواز بلند
وڳڻ (رپورٽ: عاجز چانڊيو )وڳڻ قومي عوامي تحريڪ طرفان احتجاجي مظاهرو وڳڻ ۾ قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي وڳڻ المرتضيٰ چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ڪارپوريٽ فارمنگ، پاڻي تي ڌاڙن، ڪرپشن، بدامني، منشيات ۽ ميرٽ جي لتاڙ خلاف ڪيو ويو. احتجاجي مظاهري جي اڳواڻي مرڪزي فنانس سيڪريٽري شوڪت علي تونيو، مرڪزي اڳواڻ […]
قاضي امتياز احمد قريشي جو پريس ڪلب دورو ـ صحافين کي معاشري جو آئينو قرار، شھر جي مسئلن جي حل لاءِ واعدا
ڦلجي اسٽيشن (رپورٽ: غلام حيدر پنهور ) صحافي معاشري جو آئينو آهن ، شهري مسعلن جي ڄاڻ صحافين وٽان ملندي آهي ، پي،پي،اڳواڻ قاضي امتياز احمد قريشي جون ايوان صحافت پريس ڪلب تي صحافين سان ڳالهيون، پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعه دادو جو اڳواڻ قاضي امتياز احمد قريشي پنهنجي ساٿين سان گڏجي ايوان صحافت پريس ڪلب […]
گڏاپ ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن پاران برساتي پاڻي جي نيڪاسي لاءِ ايمرجنسي قدمن جو جائزو
ملير (ڊر ) گڏاپ ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن جي چيئرمين طارق عزيز بلوچ، ميونسپل ڪمشنر احمد يار ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر سينيٽيشن محمد افضل لغاري بارشن سبب نيڪاسيءَ جي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ گڏاپ ٽائون جي مختلف علائقن جو دورو ڪيو۔ ان موقعي تي نيڪاسي آب لاءِ ڪيل قدمن جو معائنو ڪيو ويو ۽ لاڳاپيل عملي […]
نارڪوٽڪس انسپيڪٽر شھمير سمون ـ بهادري، ايمانداري ۽ عوامي حمايت جو علامت
ڇور ( رپورٽ: لالجي سوڍو ) نارڪوٽڪس انسپيڪٽر شھمير سمون ـ بهادر آفيسر عوامي حمايت جو مرڪز بڻجي ويو عمرڪوٽ ۾ فرض شناسي، بهادري ۽ ايمانداري سان خدمتون سرانجام ڏيندڙ نارڪوٽڪس انسپيڪٽر شھمير سمون عوامي حمايت ۽ ساراهه حاصل ڪري رهيو آهي، منشياتي لعنت جي خاتمي لاءِ سندس جدوجهد ۽ جراتمندانه قدمن سان علائقي ۾ […]
