سڪرنڊ ۾ منشيات ۽ شراب جي بٺين خلاف ڪاروايون، پنج جوابدار گرفتار
سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪماراوڏ ) ايس ايس پي شهيد بينظيرآباد جي هدايت تي منشيات فروشن خلاف ڪاروائي پنج جوابدار گرفتار شراب جي بٺي تي پڻ ڇاپو ڪامياب ڪارواين تحت ايس ايڇ او سڪرنڊ اصغر عالم هاليپوٽو منشيات فروشيءَ ۾ ملوث عبدالمقيم جلالاڻي کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان 1120 گرام چرس هٿ ڪري ورتو ، […]
سڪرنڊ ڀرسان باهه جي ڏنداڙي، 40 کان وڌيڪ گهر سڙي رک، لکين جو نقصان
سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪماراوڏ) سڪرنڊ ويجهو ڳوٺ قيصر خان چانڊيو ۽ غلام حيدر چانڊيو ۾ ڀرسان بيٺل پل ۽ ڪنگور ۾ لڳل باھ تيز هوا سبب سڄي ڳوٺ کي وڪوڙي وئي. نتيجي ۾ مصري چانڊيو، سعيد خان، محبوب، شبير، وزير چانڊيو، نثار موچي، راڻو ، اياز، سليمان، محمد سليم ، عبدالجبار، عطا محمد، در محمد، […]
ملير : رزاق آباد لڳ پورٽ قاسم چورنگي تي هزاريوال برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ سبب 3 ڄڻا فوت، 2 زخمي
ملير (ذوالفقار علي نصيراڻي) رزاق آباد لڳ پورٽ قاسم چورنگي تي ھزاريوال برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ، 3 ڄڻا ٿڏي تي فوت، 2 ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل، هڪ جوابدار گرفتار، واقعي جو گهرو وزير طرفان نوٽيس، ايس ايس پي ملير کان تفصيل طلب، واقعو ذاتي دشمني ڪري پيش آيو آهي موقعي […]
سکر: سينيئر سماجي اڳواڻ سيد شفقت علي شاھ پاران پاڪ ڀارت جنگ روڪڻ تي صدر ٽرمپ کي ڀيٽا
سکر (رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ)سينيئر سماجي اڳوڻ ايڊوڪيٽ سيد شفقت علي شاھ پاڪ ڀارت جنگ ۽ خطي ۾ امن جي بحالي لاء مثبت ڪردار ادا ڪرڻ تي آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آھي صدر ٽرمپ پاران بروقت پاڪ ڀارت جنگ کي روڪائي لکين خاندانن جي زندگين کي بچائي ورتو جاري […]
سڪرنڊ ۾ سيد تاج علي شاهه بودلائي جي 43هين عرس موقعي تي شاندار ادبي ڪانفرنس منعقد
سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪماراوڏ) سنڌ جي تاريخي ماڳ دليل ڪوٽ ۾ سنڌ ڪلچرل فورم طرفان سيد تاج علي شاھ بودلائيء جي 43ھين عرس مبارڪ جي موقعي ستاويهن ادبي ڪانفرنس درگاھ سيد تاج علي شاھ بودلائي جي آسڻ تي منقعد ڪئي ويئي. جنھن جي صدارت درگاھ سيد تاج علي شاھ بودلائي جي سجادھ نشين سيد علي […]
سڪرنڊ: اڳوڻي ايم اين اي سيد شبير احمد شاهه ۽ اڳوڻي صوبائي وزير سيد بشير احمد شاهه جي ڀيڻ وفات ڪري وئي
سڪرنڊ ( رپورٽ: راج ڪماراوڏ ) اڳوڻي ايم اين اي سيد شبير احمد شاھ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير سيد بشير احمد شاھ جن جي ڀيڻ ، قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاھ ، اڳوڻي تعلقه ناظم سيد غلام علي شاھ ۽ سيد محمود شاھ جي پُڦي رضاءِ الاهي سان وفات ڪري وئي […]
ملير: گلشن معمار پوليس جي سانوڻ خاصخيلي ڳوٺ تي چڙهائي، چادر چوديواري جي ڀڃڪڙي، تشدد، گرفتارين خلاف احتجاجي مظاهرو
ملير (ذوالفقار علي نصيراڻي ) گلشن معمار پولیس سانوڻ خاصخيلي ڳوٺ تي ڪاھ ڪري هڪ گهرجي ڀاتين کي تشدد جو نشانو بڻائي 4 ڀائرن کي گرفتار ڪيس داخل ڪري ڇڏيو جنهن خلاف ساوڻ خاصخيلي ڳوٺ جي رهواسين گڏاپ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي ۽ پوليس جي زيادتين خلاف دانهون ڪندي ٻڌايو ته پوليس سانوڻ […]
ملير ۾ عوامي جمهوري پارٽي جو سالياني مرڪزي ڪائونسل سيشن، قيادت جو اعلان ۽ سنڌ جي حقن لاءِ جدوجهد جو عزم
ملير (ذوالفقار علي نصيراڻي ) عوامي جمهوري پارٽي جو سالياني مرڪزي ڪائونسل جو سيشن سچل ڳوٺ ٿيو جنهن ۾ مرڪزي عهديدارن جو اعلان ڪيو ويو ان موقعي تي سنڌو درياھ، سنڌ ۾ امن امان سنڌ جي وسلين، تعليم ۽ ٻين حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو ڪانونسل اجلاس ۾ صدر نور نبي راهوجو، […]
سکر : کوسا برادري پاران مارجي ويل ٽن نوجوانن سميت 4 ڄڻن جي قاتل جي گرفتاري لاءِ فريشي ڳوٺ ۾ احتجاجي مظاهرو
سکر ( رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ) سکر جي قريشي ڳوٺ ۾ ٻه هفتا اڳ مارجي ويل کوسا برادري جي ٽن نوجوانن سميت 4 ڄڻن جا قاتل گرفتار نه ٿيا. کوسا برادري پاران جوابدارن جي گرفتاري لاء. فريشي ڳوٺ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ان موقعي تي مظاهرين سهڻو خان کوسو. زاهد حسين. عمران علي. ظهير عباس کوسو […]
سکر: پاڪ فوج جي حمايت ۽ پاڪستان جي شاندار فتح جي خوشي ريلي ڪڍي وئي
سکر ( رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ) پاڪ فوج جي حمايت ۽ پاڪستان جي شاندار فتح جي خوشي ۾ سکر موٽر ورڪس ايسوسيئيشن پاران سيد سجاد علي شاھ ۔اڪرم مستوئي ۔محبوب حسين۔نعيم مغل۔شھزاد۔اڪبر مغيري۔شبير بودي جي اڳواڻي ۾ ڊينٽر پينٽر مڪينڪ ڪالوني بس ٽرمينل سکر کان مسترين جي وڏي انگ ريلي ڪڍي سکر شڪارپور روڊ تي ڀارت […]
