سڪرنڊ: ڊگري ڪاليج جي شاگردن ۾ جهيڙو، ٽي زخمي، اسپتال ۾ به ڇڪتاڻ، پوليس پهچي صورتحال تي ضابطو آندو
سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪماراوڏ) سڪرنڊ بوائز ڊگري ڪاليج جي شاگردن جي ٻن گروپن ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو. نتيجي ۾ ٽي ماڻهو زخمي ٿي پيا زخمي آفتاب احمد ولد سجاد علي پرهياڙ کي تعلقه اسپتال سڪرنڊ آندو ويو. جتي سندس علاج ڪيو ويو. جهيڙي بعد شاگردن جو وڏو انگ اسپتال ۾ پھچي ويو […]
سڪرنڊ: ڊپٽي ڪمشنر عبدالصمد نظاماڻي جو تعلقه اسپتال تي اوچتو دورو، خراب حالتن تي سخت ناراضگيءَ جو اظهار
سڪرنڊ ( رپورٽ: راج ڪماراوڏ) ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظيرآباد عبد الصمد نظاماڻي اوچتو تعلقه اسپتال جو دورو ڪيو اسسٽنٽ ڪمشنر سڪرنڊ رميز راجا ۽ مختيارڪار سڪرنڊ شوڪت حسين ٻجيرو پڻ ساڻس گڏ هئا ڊپٽي ڪمشنر اسپتال جي مختلف شعبن جو معائنو ڪيو جنهن ۾ وارڊ ، اسٽور ، ليبارٽري ، ايڪسري روم سميت ٽراما سينٽر […]
سڪرنڊ: شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي ۾ ماحولي خطرا، وسيلن جو استعمال ۽ پائيدار ترقي بابت بين الاقوامي ڪانفرنس جو شاندار انعقاد
سڪرنڊ ( رپورٽ: راج ڪماراوڏ) شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي، شھيد بينظير آباد ۾”ماحولي خطرن، وسيلن جي ڪارائتي استعمال ۽ پائيدار ڪاروباري طريقن لاءِ ھڪ گھڻ رخي نقطه نظر” جي موضوع تحت بين الاقوامي ڪانفرنس جو انعقاد ڪيو ويو. ٻن ڏينھن واري ھن ڪانفرنس ۾ بين الاقوامي ۽ قومي سطح جي اسڪالرن پنھنجا مقالا پيش ڪيا. […]
سکر ۾ ميون جو بادشاهه “سنڌڙي” انب مارڪيٽ ۾ اچي ويو، قيمتن ۽ طلب ۾ واڌ
سکر (رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) انتظار جون گهڙيون ختم، ميون جو بادشاهه انب مارڪيٽ ۾ اچي ويو، سنڌڙي سميت ٻين قسمن جي انبن جي خريد و فروخت شروع، طلب ۽ اگهن ۾ واڌ ان سلسلي ۾ ملڪ جي ٻين شهرن وانگر سکر ۾ به ميون جو بادشاهه انب مارڪيٽ ۾ وڪري لاءِ اچي ويو آهي. […]
سکر ۾ ڪاڪڙ ويلفيئر ايسوسيئيشن جي تحت نئين چانھ هوٽل جو افتتاح، برادري جي اتحاد ۽ خدمت جو مظاهرو
سکر ( رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) سکر ۾ ڪاڪڙ ويلفيئر ايسوسيئيشن جي اهتمام هيٺ ڪوئنز روڊ تي هڪ نئين چانھ هوٽل جي افتتاحي تقريب ٿي. ان موقعي تي زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ معروف شخصيتن شرڪت ڪري تقريب کي يادگار بڻايو. تقريب جو افتتاح ڪاڪڙ ويلفيئر ايسوسيئيشن جي اڳواڻ نياز خان ڪاڪڙ، ذڪريا […]
ملڪ ۾ سڙيل نظام کي تبديل ڪرڻ تائين ماڻهن کي ڪا به رليف فراهم ڪرڻ ناممڪن لڳي ٿو: امتياز احمد ميمڻ
سکر (رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) عوام پاڪستان پارٽي سکر ڊويزن جي صدر امتياز احمد ميمڻ چيو آهي ته پاڪستان جا مظلوم ماڻهو موروثي سياست کان تنگ اچي چڪا آهن. ملڪ ۾ سڙيل نظام کي تبديل ڪرڻ تائين ماڻهن کي ڪا به رليف فراهم ڪرڻ ناممڪن لڳي ٿو. ملڪ جا ماڻهو شاهد خاقان عباسي ۽ ڊاڪٽر […]
سکر: درجنين فلٽر پلانٽ بند، شهرين صاف پيئڻ جي پاڻي کان محروم
سکر (رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) سکر شهر جي مختلف علائقن ۾ قائم ڪيل درجنين فلٽر پلانٽ بند، عوام صاف پيئڻ جي پاڻي کان محروم، شهري ۽ سماجي حلقن ۾ ڳڻتي جي لهر، چيف جسٽس آف سنڌ هائي ڪورٽ سميت ٻين اعليٰ اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو۔ان سلسلي ۾ سکر انتظاميه، چونڊيل نمائندن جي لاپرواهي، […]
ملير : گڏاپ جي 200 کان وڌيڪ ڳوٺن جي بجلي ٻن هفتن کان بند. پاڻي جي شديد کوٽ رھواسي پاران احتجاج
ملير (ڊر) گڏاپ جي 200 کان وڌيڪ ڳوٺن جي بجلي ٻن هفتن کان بند. پاڻي جي شديد کوٽ. رھواسي مين روڊن تي نڪري آيا. انتظاميه خلاف سخت نعري بازي ڪئي وئي.ڪي اليڪٽر انتظاميه قھر جھڙي گرمي ۾ گڏاپ جي ٻه سو کان وڌيڪ ڳوٺن جي بجلي بند ڪري ڇڏي. بجلي نه ھجڻ ڪري ڪاروبار سخت […]
سيٺارجا: گم ٿيل نوجوان پرويز علي سھتو جو تشدد ٿيل لاش درگاه شهيد پاڪ وٽان هٿ آيو، پوليس جاچ جاري
سيٺارجا (رپورٽ: رمضان علي )3 ڏينھن اڳ ڳوٺ سيٺارجا لڳ ڳوٺ صوفائي سھتا مان پاڻي جي واري تان گم ٿيل نوجوان پرويز علي سھتو جو اڄ ڳوٺ ٻاهران درگاھ شھيد پاڪ وٽان تشدد ٿيل لاش ھٿ آيو آھي . اطلاع تي وارث ۽ سيٺارجا پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم […]
سانگھڙ: آبپاشي کاتي پاران پاڻي جي بندش خلاف آبادگارن جو سخت احتجاج، زرعي فصلن جي تباهي جو خدشو
سنجھورو ( رپورٽ: احمد حسن خاصخيلي ) سانگھڙ ضلعي ۾ آبپاشي کاتي پاران اولڊ جمڙائو ڪينال ۾ ھٿرادو پاڻي جي بندي ڪري ھزارين ايڪڙ زمين بنجر بنائي اربين روپين جو زرعي فصل سڪايڻ توڙي ڊاريڪٽر نارا ڪينال اشفاق ميمڻ جي ھٺ ڌرمي ۽ نا انصافين خلاف سانگھڙ ضلعي جي آبادگارن جو اڳوڻي ايم پي اي […]
