سکر: گورنمينٽ الفلاح هاءِ اسڪول ۾ پاڪستاني فوج جي فتح جي خوشي ۾ شاندار پروگرا
سکر ( رپورٽ :امداد گل ڪلوڙ) گورنمينٽ (ن) الفلاح هاءِ اسڪول سکر ۾ پاڪستان جي مسلح افواج جي هٿان ڀارتي فوج جي عبرتناڪ شڪست ۽ پاڪستان جي فتح جي خوشي ۾ هڪ شاندار پروگرام منعقد ڪيو ويو۔ جنهن ۾ اسڪول جي شاگردن، شاگردياڻين ۽ استادن قومي نغما، ٽيبلو ۽ تقريرن ذريعي نائين ۽ ڏهين مئي […]
دادو: اصلاح المسلمين جماعت جي گڏجاڻي ۾ تعليمي عملدرآمد ۽ امن لاءِ دعا
دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) دادو ۾ جماعت اصلاح المسلمين ضلعي دادو زون ون جي گڏجاڻي ضلعي صدر عبدالرزاق کوسو طاهري جي صدارت هيٺ ۽ ضلعي نائب صدر نور احمد شاهاڻي طاهري جي ميزبانيءَ ۾ ٿي گذريو، اجلاس جو آغاز تلاوت، نعت ۽ منقبت سان ڪيو ويو، ان موقعي تي اپريل کان جون تائين جي […]
سڪرنڊ ۾ ضلعي جي کاتن جي عملدارن جو تعارفي اجلاس، عوامي ڀلائي لاءِ اهم هدايتون جاري
سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪماراوڏ) ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد عبدالصمد نظاماڻي جي صدارت ھيٺ ضلع جي سمورن کاتن جي عملدارن جو تعارفي اجلاس اڄ ڊي سي آفيس جي درٻار ھال ۾ ٿي گذريو اجلاس ۾ ڊائريڪٽر انفارميشن محمد موسي گوندل، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر حسان ظفر،ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر حبيب الرحمن آرائين، ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر ڊاڪٽر اسدالله ڏاھري […]
دادو: سورج آباد ۾ جڳهه خالي ڪرائڻ تي پوليس ۽ مقامي رهواسين وچ ۾ ڇڪتاڻ، کوسا برادري جو احتجاج
دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) دادو سورج آباد جي علائقي ۾ سيشن ڪورٽ جو حڪم ڄاڻائي پوليس جڳھ خالي ڪرائڻ لاءِ پهتي، جتي چار ڏهاڪن کان رهندڙ گهر جي رهواسين ۽ پوليس جي وچ ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي پوليس جي وڏي نفري جڏهن علائقي ۾ داخل ٿي ته کوسا برادري جي ماڻهن احتجاج ڪندي ميڊيا […]
دادو: چانڊيا ڪالوني مان مبينا طور شادي شده ناري اغوا، والد پريشان
دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) دادو جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد چانڊيا ڪالوني مان پراسرار نموني گم ٿي ويل نوجوان 30 سالا شادي شده ناري رخسانه زال گلزار سولنگي جي اغوا ٿيڻ جو واقعو سامهون آيو آهي، جنهن بعد علائقي ۾ ڳڻتي جي لهر ڇانيل آهي، اغوا ٿيل ناري رخسانه سولنگي جي پيءُ حمزه […]
دادو ۾ پير الاهي بخش لاڪاليج پاران پاڪ فوج جي “يومِ تشڪر” ۽ “آپريشن بنيان مرصوص” جي حمايت ۾ ريلي
دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) ملڪ جيان پير الاهي بخش لاڪاليج دادو ۾ پاڪ فوج جي “يومِ تشڪر” ۽ “آپريشن بنيان مرصوص” جي حمايت ۾ ريلي ڪڍي وئي، ريلي لا ڪاليج جي شاگردن، شاگردياڻين، استادن ۽ عملي شرڪت ڪئي، ۽ پاڪ فوج جي حمايت ۾ نعرا هنيا ويا،پاڪ فوج زنده آباد مودي مرده باد، ريلي […]
ملير ۾ سنڌي نوجوانن کي روزگار نه ڏيڻ خلاف احتجاج ۽ ڌرڻو ختم
ملير (ذوالفقار علي نصيراڻي) ملير جي ڪارخانن ۾ سنڌي ماڻهن کي روزگار نه ڏيڻ خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي طرفان نجي ڪمپني ڪينووڊ جي مک گيٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو، پوليس پهچي وئي انتظاميا ۽ ايس ٽي پي جي اڳواڻن ۾ ڳالهيون، مقامي ماڻهن کي روزگار ڏيڻ جي خاطري بعد ڌرڻو ختم، قابل، ڊگريون […]
موٽر سائيڪل چوري جو واقعو ميونسپل اسٽيڊيم اڳيان، شهري ۽ سماجي حلقن ۾ ڳڻتي
سکر (رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ) نامعلوم چور شھري جي موٽر سائيڪل چورائي فرار ۔ايس ايس پي سکر کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ان سلسلي ۾ سکر بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ميونسپل اسٽيڊيم جي ٻاهران نئين ڳوٺ اسامه شاھ جي 70 هينڊا موٽر سائيڪل ماڊل 2022 چوري ڪري فرار ٿي ويا چوري واقعي تي شهري ۽ […]
سکر: پسند جي شادي ڪندڙ جوڙو شبنم لغاري ۽ سعيد ٻرڙو تحفظ لاءِ پريس ڪلب پهتو
سکر (رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ)دادو سان تعلق رکندڙ پسند جي شادي ڪندڙ جوڙو، شبنم لغاري ۽ سعيد ٻرڙو تحفظ لاءِ سکر پريس ڪلب پهچي ويو. جوڙي ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته هنن مرضي سان پسند جي شادي ڪئي آھي جنهن کان پوءِ شبنم لغاري جي مائٽن طرفان کين قتل جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن.شبنم لغاري ٻڌايو […]
سکر: ڪائنات مگسي جي قتل خلاف سندس والد محمد رمضان مگسي جو پريس ڪلب آڏو احتجاج، جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو
سکر ( رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) شڪارپور جي مگسي محلي جي رهواسي ۽ مگسي برادري سان تعلق رکندڙ محمد رمضان مگسي پنهنجي ڌيءَ جا قاتل گرفتاري نه ٿيڻ ۽ پوليس جي مبينه ناانصافين خلاف سکر پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي محمد رمضان مگسي ٻڌايو ته 6 سال اڳ هن پنهنجي ڌيءَ ڪائنات مگسي جي شادي […]
