عمرڪوٽ ميرپورخاص روڊ تي گاڏين جي دڪان ۾ گئس سلينڊر ڌماڪو، چار ڄڻا زخمي
عمرڪوٽ(رپورٽ فداحسين حيدري)عمرڪوٽ ميرپورخاص روڊ تي گاڏين جي دڪان ۾ گئس سلينڊر ڦاٽڻ، چار ڄڻا زخمي عارف مهر مارڪيٽ ۾ اوچتو باهه لڳڻ سبب خوف و هراس، فائر برگيڊ باهه تي ضابطو آڻي ورتو عمرڪوٽ ميرپورخاص روڊ تي واقع عارف مهر جي مارڪيٽ ۾ راجو مالھي جي گاڏين جي دڪان تي اوچتو گئس جو سلينڊر […]
ڦلجي ڀرسان ڳوٺ آندل چانڊيو ۾ واڙي کي باهه، پنجويهه ٻڪريون سڙي ويون
ڦلجي اسٽيشن (رپورٽ:غلام حيدر پنھور) ڦلجي ڀرسان ڳوٺ آندل چانڊيو ۾ باھ اچانڪ ٻڪرين جي واڙي کي وڪوڙي وئي پنجويه ٻڪريون سڙي مري ويون ٻڪرين کي سڙڻ کان بچائيندي مسمات( ع ) زال غلام رسول چانڊيو پڻ سڙي زخمي ٿي پئي ، اطلاع باوجود فائربرگيڊ عملو نه پهتو ، زخمي عورت جي حالت خراب ٿيڻ […]
سکر پريس ڪلب آڏو سنڌ جي ملازمن ۽ پينشنرز جو احتجاجي مظاهرو
سکر (رپورٽ محسن علي ڀٽي) سنڌ جي ملازمن ۽ پينشنرز جي ڊگهي عرصي کان هلندڙ مسئلن ۽ جائز مطالبن جي حق ۾ سکر پريس ڪلب جي سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري ۾ حاجي غلام حيدر ڀگت، عبدالله، محمد جمن چنا، منير احمد ابڙو، ديدار حسين ۽ ٻين شرڪت ڪئي ۽ سنڌ حڪومت کان فوري […]
سکر ۾ اسٽريٽ ڪرائم ۾ واڌ، اي سيڪشن جي حد مان ٻه موٽرسائيڪلون ڦر
سکر (رپورٽ محسن علي ڀٽي) سکر ۾ اسٽريٽ ڪرائم جي واقعن ۾ خوفناڪ واڌ ٿي رهي آهي، جتي پوليس اسٽيشن اي سيڪشن جي حد ۾ ٻن مختلف هنڌن تي اڻڄاتل هٿياربند ماڻهن شهرين کان موٽرسائيڪلون ڦريون ۽ آساني سان فرار ٿي ويا. تفصيل موجب، پهريون واقعو سکر جي سوسائٽي علائقي ۾ پيش آيو، جتي چار […]
ملير درگاهه سيد يوسف شاهه اميناڻي جو 54هون ساليانو عرس مبارڪ شروع
ملير (ڊر ) ملير جي مشهور روحاني بزرگ درگاهه سيد يوسف شاهه اميناڻي جو 54هون ساليانو عرس مبارڪ اڄ کان باقائده طور شروع ٿي ويو آهي.عرس جي افتتاحي تقريب ۾ پير حفيظ الله جان سرهندي، حاجي ظفر درس ۽ صالح محمد درس درگاهه تي چادر چاڙهي عرس مبارڪ جي ميلي جو افتتاح ڪيو.عرس جي موقعي […]
شڪارپور: ڪراچي کان جيڪب آباد ويندڙ ڪوچ شڪارپور بائي پاس تي ڪلٽي، مسافر زخمي
شڪارپور( رپورٽر) ڪراچي کان جيڪب آباد ويندڙ هڪ مسافر ڪوچ شڪارپور بائي پاس تي تيز رفتاري سبب ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪوچ ۾ سوار ڪيترائي مسافر زخمي جن ۾ فداحسين ولد ھزار خان بگٽي اياز ولد نظير احمد ڊومڪي ، صادق ولد رشيد احمد منگي جيڪب آباد رھائشي، حرمت زال سڪندر ڀٽي […]
نوابشاهه ۾ هيومن ريليف انٽرنيشنل پاران فري ميڊيڪل ڪيمپ جو افتتاح
نواب شاه ( عبدالفتاح رند) نوابشاھ ضلعي جي ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر مدثر حسين ڊومڪي هيومن ريليف انٽرنيشنل پاڪستان سنڌ پاران نوابشاھ ۾ لڳايل فري ميڊيڪل ڪيمپ جي افتتاحي تقريب دوران پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو ان موقعي تي پيپلز ميڊيڪل اسپتال جي ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽ ڊاڪٽر يار محمد جمالي چيو ته اڄ جي هن پرفتن […]
ڀٽائي آباد مين بازار ڪچري جي ڍير ۾ تبديل ، رهواسي عذاب ۾ مبتلا، اسڪول، اسپتال، دڪان به متاثر
ملير(ذوالفقار علي نصيراڻي ) ملير جي يوسي 10 ڀٽائي آباد جي مين بازار ۾ ڪمرشل پلاٽ جي ڀرسان ڪچري جا ڍير پيا آهن، جيڪي هاڻ وڌي اچي سڄي گهٽي تي پکڙجي ويا آهن. گذرڻ لاءِ رستو ئي نه رهيو آهي. ڪچري جي بدبوءِ، غلاظت ۽ گند سان علائقو سخت متاثر آهي.ان جاءِ جي بلڪل ڀرسان […]
گڏاپ ۾ پوليس ۽ ڦوروئن ۾ مقابلو، هڪ ڦورو مارجي ويو ،ٻيو زخمي
ملير (ذوالفقار علي نصيراڻي)گڏاپ جي علائقي سجاد هوٽل کان نادرن باءِ پاس ڏانهن ويندڙ روڊ تي پوليس ۽ مبينا ڦورن وچ ۾ سخت مقابلو ٿي پيو جنهن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ جوابدار مارجي ويو جڏهن ته ٻيو ڌاڙيل زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو۔پوليس ذريعن موجب جوابدار موٽر سائيڪل تي سوار ٿي […]
ڪيٽي بندر لڳ ٻيڙي ٻڏڻ جو واقعو، انتظاميا جي بي حسي تي وارثن جو سخت احتجاج
ٺٽو (نظير احمد قريشي) ٺٽي جي ساحلي علائقي ڪيٽي بندر ڀرسان سمنڊ ۾ ٻيڙي ٻڏڻ جو المناڪ واقعو پيش آيو، جنهن ۾ ڇهه ماڻهن کي بچايو ويو، جڏهن ته ٻه نوجوان ٻڏي ويا. حادثي بعد هڪ نوجوان جو لاش هٿ اچي ويو آهي، جڏهن ته ٻئي نوجوان جي ڳولا اڃا تائين جاري آهي. ٻڏي ويل […]
