پي ٽي آءِ اڳواڻ اڊيالا جيل جي دَر تان گرفتار
راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ اڳواڻ سيمابيا طاهر کي اڊيالا جيل جي در تان گرفتار ڪيو ويو.سيمابيا طاهر کي حراست ۾ وٺي پوليس چوڪي اڊيالا منتقل ڪيو ويو، ذريعن موجب سيمابيا تي نيو ٽائون ٿاڻي تي ڪيس داخل آهي، هوءَ پيشي لاءِ عدالت آئي هئي.پوليس سيمابيا طاهر جي گرفتاري جي حوالي سان تفصيل سامهون […]
ڪنهن شهري جي گهر ۾ گهڙڻ به ڏوهه آهي، 9 مئي تي ڪور ڪمانڊر هائوس ۾ گهڙي ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي: آئيني بئنچ
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)سپريم ڪورٽ فوجي عدالتن ۾ عام شهرين جي ٽرائل بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي جسٽس حسن اظهر چيو ته 9 مئي تي ڪور ڪمانڊر هائوس ۾ گهڙي ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي، اڄڪلهه باهه ڏيڻ ۽ ڀڃ ڊاهه ڪرڻ فيشن بڻجي ويو آهي.سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس امين الدين خان جي سربراهي […]
پي ٽي آءِ باني جي خط تي چيف جسٽس جو موقف سامهون اچي ويو
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس پاڪستان يحيٰ آفريدي چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني جيڪو اسان کان چاهي ٿو اهو آرٽيڪل 184 جي شق 3 سان لاڳاپيل آهي، تنهنڪري هي معاملو ڪميٽي ڏانهن اماڻيو ويو آهي جنهن کي آئيني بئنچ ڏسندي.چيف جسٽس ۽ آءِ ايم ايف جي ڇهه رڪني وفد وچ ۾ سپريم […]
اسيمبلي ميمبرن جي پگهارن ۾ واڌ جو ترميمي بل منظور، هاڻي ڪيتري پگهار کڻندا؟
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي مميبرن جي پگهارن ۽ مراعتن ۾ واڌ بابت ترميمي بل اڪثريتي راءِ سان منظور ڪيو ويو.قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ميمبرن جي پگهارن ۽ مراعتن ۾ اضافي بابت بل رومينه خورشيد عالم پيش ڪيو، جيڪو اڪثريتي راءِ سان منظور ڪيو ويو.ترميمي بل تحت قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ميمبرن جون […]
جسٽس ڪياني جا رمارڪس پارليامينٽ تي حملو قرار، ” ڪنهن کي به اهڙو بيان ڏيڻ جو حق ناهي“ اسپيڪر
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جي رمارڪس کي پارليامينٽ تي حملو قرار ڏئي ڇڏيو.اسيمبلي اجلاس دوران اسپيڪر اياز صادق جج جي بيان تي رولنگ ڏيندي چيو ته اهو پارليامينٽ تي حملو آهي، ڪنهن کي به پارليامينٽ بابت بيان ڏيڻ جو حق ناهي.هن وفاقي قانون […]
ليبيا ٻيڙي حادثو: فوت ٿيل 7 پاڪستانين جا نالا ۽ سفر جا تفصيل سامهون اچي ويا
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ليبيا ۾ ٻيڙي حادثي دوران فوت ٿيندڙ 7 پاڪستانين جا نالا سامهون اچي ويا.گذريل ڏينهن ليبيا ۾ 65 مسافرن کڻي ويندڙ ٻيڙي مرسا ڊيلا جي بندرگاهه ويجهو اونڌي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ شروعاتي طور 16 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي خبر آئي، جڏهن ته هاڻي ايف آءِ اي ست […]
ڪنٽينر ساڙڻ جو ڪيس، پي ٽي آءِ اڳواڻن تي فرد جرم لاڳو
لاهور (ويب ڊيسڪ) 9 مئي تي ڪلمه چوڪ تي ڪنٽينر ساڙڻ جي ڪيس ۾ عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو.دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ارشد جاويد ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ڊاڪٽر ياسمين راشد، اعجاز چوڌري، ميان محمود الرشيد، عمر سرفراز چيما جي جيل ۾ حاضري مڪمل ڪئي وئي.دهشتگردي […]
فضل الرحمان اسلام آباد مارچ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي
پشاور (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان قبيلائي مسئلن جي حل لاءِ اسلام آباد مارچ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي.پشاور ۾ پشتون قومي جرڳي کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته اڄ خيبر پختونخواهه ۾ امن ناهي، آئين چئي ٿو ته اسلامي نظام هوندو، اسلام جي خلاف ڪو قانون نه ٺهندو، […]
عمران خان جو آرمي چيف کي ٽيون خط لکڻ جو اعلان
راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف باني عمران خان آرمي چيف جنرل عاصم منير کي ٽيون خط لکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.اڊيالا جيل ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي عليما خان چيو ته باني ايندڙ هفتي آرمي چيف کي ٽيون خط لکي رهيو آهي، هو چاهي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ ۽ چيف جسٽس عوام سان گڏ بيهن.هن چيو ته […]
پيڪا ايڪٽ ۾ ترميم خلاف درخواستون ٻڌڻي لاءِ مقرر
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پيڪا ايڪٽ ۾ ترميم خلاف داخل درخواستن کي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو.رجسٽرار آفيس طرفان جاري ڪيل روسٽرم موجب پي ايف يو جي ۽ اينڪرز ايسوسيئيشن جي درخواستن تي ٻڌڻي لاءِ بينچ جوڙي وئي آهي، جيڪا سڀاڻي ٻڌڻي ڪندي.جسٽس راجا انعام امين منهاس سڀاڻي پيڪا ايڪٽ ۾ […]
