ٽرمپ مودي پڌرائيءَ ۾ پاڪستان جو حوالو ورغلائنيدڙ آهي: پرڏيهي کاتو
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان، ٽرمپ-مودي ملاقات جي گڏيل پڌرائيءَ ۾ پاڪستان حوالي کي هڪ طرفو، ورغلائيندڙ، حيرت جوڳو ۽ سفارتي اصولن جي ڀڃڪڙي قرار ڏئي ڇڏيو.گذريل ڏينهن وائيٽ هائوس ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي وچ ۾ ٿيل ملاقات کانپوءِ جاري ڪيل بيان ۾ پاڪستان کان مطالبو ڪيو ويو هو […]
لعل شهباز قلندر جو عرس، زائرين جي سهولت لاءِ وڏو فيصلو
لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ريلوي حضرت لعل شهباز قلندر رح جي عرس جي موقعي تي ٻه اسپيشل ٽرينون هلائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.اهو فيصلو حاضري لاءِ ايندڙ زائرين جي سهولت لاءِ ڪيو ويو آهي.انتظاميا موجب پهرين سيوهڻ اسپيشل ٽرين 14 فيبروري تي فيصل آباد کان رات 10 وڳي رواني ٿي شورڪوٽ، لوڌران، روهڙي، دادو کان […]
آءِ ايم ايف وفد جي چيف جسٽس سان ملاقات تي حڪومت جي وضاحت اچي وئي
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ آءِ ايم ايف وفد جي چيف جسٽس سان ملاقات تي وضاحت ڏئي ڇڏي.ڊپٽي چيئرمين سيدال خان ناصر جي صدارت هيٺ سينيٽ اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي اعظم نذير تارڙ چيو ته آءِ ايم ايف وفد چيف جسٽس يحيٰ آفريدي سان ملاقات ڪئي ججن […]
ميٽرڪ جا امتحان ڪڏهن کان شروع ٿيندا؟ اعلان ٿي ويو
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ميٽرڪ جي سالياني امتحانن جي تاريخن جو اعلان ڪيو ويو، امتحان رمضان المبارڪ ۾ شروع ٿيندا.فيڊرل بورڊ تحت ميٽرڪ جي سالياني امتحانن جي تاريخن جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن تحت امتحان 18 مارچ کان شروع ٿيندا، جڏهن ته 28 مارچ کان 3 اپريل تائين امتحانن ۾ وقفو هوندو.عيدالفطر جي موڪلن […]
ريلوي مسافرن لاءِ وڏي خوشخبري
لاهور (ويب ڊيسڪ) ريلوي مسافرن لاءِ خوشخبري آهي ته شاهه حسين ايڪسپريس کي بحال ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.ريلوي انتظاميا ڪراچي ڪينٽ ۽ لاهور وچ ۾ هلندڙ شاهه حسين ايڪسپريس کي 25 فيبروري کان بحال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.شاهه حسين ايڪسپريس ڪراچي ڪينٽ کان رات 7 لڳي 30 منٽن تي رواني ٿي حيدرآباد، […]
خواجا سعد رفيق پنهنجي ئي حڪومت خلاف ميدان ۾ اچي ويو
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ خواجا سعد رفيق پنهنجي ئي حڪومت جي فيصلي خلاف بيان ڏئي ڇڏيو.هڪ ٽوئيٽ ۾ خواجا سعد رفيق چيو ته ايوي ايشن وزارت ختم ڪري ان کي بچاءَ واري وزارت ۾ ضم ڪرڻ نامناسب فيصلو آهي، جنهن تي افسوس ٿيو.هن چيو ته ان قدم سان ايوي ايشن انڊسٽري کي […]
شادي جو کاڌو راس نه آيو، 200 ماڻهو اسپتال ڀيڙا
لاهور (ويب ڊيسڪ) رائيونڊ ۾ هڪ شادي ۾ کاڌو کائڻ سبب ڪيترن ئي ڄاڃين جي حالت بگڙي وئي.فوڊ اٿارٽي ترجمان موجب رائيونڊ ۾ شادي جي تقريب ۾ غير معياري کاڌو کاڌو کائڻ سان 200 ماڻهن جي حالت خراب ٿي وئي، جنهن کي فوري طور طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.ترجمان ٻڌايو ته ان واقعي […]
بجلي اگهن ۾ گهٽتائي ٿيندي يا نه؟ وزيراعظم اهم بيان ڏئي ڇڏيو
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اهو خدشو ختم ٿي ويو ته بجلي اگهن ۾ گهٽتائي تي آءِ ايم ايف نه مڃيندو، ڇو ته آءِ ايم ايف سربراهه چيو آهي ته پاڪستان بجلي اگهن ۾ گهٽتائي جو پلان کڻي اچي، ضرور غور ڪيو ويندو.وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي […]
عمران خان آرمي چيف جي نالي ٽيون خط جاري ڪري ڇڏيو
راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني جي وڪيل فيصل چوڌري چيو آهي ته عمران خان اڄ آرمي چيف کي ٽيون خط جاري ڪيو آهي.صحافين سان ڳالهائيندي فيصل چوڌري چيو ته پي ٽي آءِ باني اڄ آرمي چيف کي ٽيون خط جاري ڪيو آهي، خط ۾ اليڪشن فراڊ ذريعي اقليت کي اڪثريت تي ترجيح ڏيڻ […]
بي ايماني سان آيل هڪ شخص ملڪ جا بنياد لوڏي ڇڏيا هئا: نواز شريف
لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ قائد نواز شريف چيو آهي ته شهباز شريف جي محنت رنگ لاتو آهي ۽ آءِ ايم ايف به پاڪستان ۾ معاشي بحالي ۽ ترقي ڏانهن وڌڻ جو اعتراف ڪيو آهي.اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ وزيراعليٰ مريم نواز سان صوبائي اسيمبلي ميمبرن لاهور ۾ ملاقات ڪئي.ان موقعي تي ڳالهائيندي نواز شريف […]
