پوليس کان مدد طلب ڪرڻ جي ٻئي ڏينهن ئي ٽن ٻارن جي ماءُ بي دردي سان قتل
وهاڙي (ويب ڊيسڪ) پوليس کان ايمرجنسي ڪال تي مدد طلب ڪرڻ جي ٻئي ڏينهن ئي ٽن ٻارن جي ماءُ کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو.پوليس موجب وهاڙي ۾ ٺينگي ٿاڻي جي حدن 54 ڊبليو بي ۾ واقعو پيش آيو، جنهن ۾ پيءُ 3 ڄڻن سان گڏجي ٽن ٻارن جي ماءُ کي تکي اوزار سان قتل […]
مسافرن لاءِ بُري خبر، اهم ٽرين بند
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي کان لاهور ويندڙ مسافرن لاءِ بري خبر اچي وئي، سر سيد ايڪسپريس جي سروس بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.ڪراچي کان راولپنڊي ويندڙ سر سيد ايڪسپريس سڀاڻي کان بند ڪئي ويندي، اِها ٽرين راس لاجسٽڪس جي انتظام هيٺ هلائي پئي وئي.گذريل سال سيپٽمبر ۾ سر سيد ايڪسپريس ٻيهر بحال ڪئي […]
وزيراعظم شهباز شريف ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي آذربائيجان روانو
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي آذربائيجان روانو ٿي ويو.وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ طرفان جاري ڪيل بيان موجب آذربائيجان جي صدر الهام عليوف جي دعوت تي وزيراعظم شهباز شريف 24 کان 25 فيبروري تائين آذربائيجان جو سرڪاري دورو ڪندو، وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ اهو شهباز […]
رمضان کان اڳ ئي مهانگائي جو جِن بي قابو، اگهه چوٽ چڙهي ويا
لاهور (ويب ڊيسڪ) رمضان المبارڪ جي آمد کان اڳ ئي منافعي خورن کاڌي پيتي جي شين جا اگهه وڌائي ڇڏيا.ذريعن موجب ڪجهه ڏينهن ۾ في درجن بيضا 230 رپين مان وڌي 272 رپين جا ٿي ويا آهن، ٻاڪرو گوشت 200 رپيا واڌ سان 2500 رپيا في ڪلو تائين پهچي ويو، جڏهن ته ڳائو گوشت 1100 […]
وليمي کان ڪجهه دير اڳ گهوٽ اوچتو گذاري ويو، خوشيون ماتم ۾ تبديل
گوجرانوالا (ويب ڊيسڪ) گوجرانوالا ۾ وليمي جي ڏينهن دل جو دورو پوڻ سبب گهوٽ لاڏاڻو ڪري ويو.ڳوٺ بينڪه چيما جو رهواسي حافظ عمر شادي جي سلسلي ۾ اٽلي کان پاڪستان آيو هو ۽ گذريل ڏينهن سندس وليمو ٿيڻو هو.وليمي جي تقريب کان اڳ نوجوان کي منجهند جو دل جو دورو پيو، کيس اسپتال نيو ويو […]
ناڻي واري وزير جو پگهاردار طبقي تي ٽيڪس جي حوالي سان اهم بيان سامهون اچي ويو
لاهور (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ پگهاردار طبقي تي بار گهٽ ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو.لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي محمد اورنگزيب چيو ته الله جو شڪر آهي ملڪ ۾ معاشي استحڪام اچي رهيو آهي، اسٽاڪ مٿي وڃي رهيو آهي، ڪرنسي ۾ به استحڪام آهي ۽ […]
اسلام آباد ۾ نيب جو آفيسر پراسرار نموني فوت، جاچ شروع
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ نيب جو هڪ اعليٰ آفيسر پراسرار نموني فوت ٿيڻ جو واقعو سامهون آيو آهي.پوليس موجب 19هين گريڊ جي آفيسر وقاص احمد جو لاش اسلام آباد جي جي سڪس فور سيڪٽر ۾ هڪ گيسٽ هائوس مان مليو.پوليس اختيارين ٻڌايو ته قاص احمد جو ڪمرو اندران لاڪ هو ۽ شروعاتي […]
”چيف جسٽس پي ٽي آءِ کي سسٽم ۾ رهڻ ۽ بائيڪاٽ نه ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي“
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته هو عدليا جي روَيي مان مطمئن نه آهن ۽ چيف جسٽس سان ملاقات دوران ان بابت پنهنجون سفارشون پيش ڪيون.اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن ٻڌايو ته گذريل ڏينهن چيف جسٽس سان ملاقات ٿي، جتي حڪومت خلاف پي ٽي آءِ جي […]
غير معمولي برفاني سسٽم سنڌ ۽ بلوچستان تي اثرنداز ٿيندو: موسميات کاتو
ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان ۾ برسات ۽ برفباري جو ٻيو سسٽم اڄ کان اثرانداز ٿيڻ جو امڪان آهي.صوبي جي ڪجهه علائقن ۾ برسات ۽ جبلن تي هلڪي برفباري جو امڪان آهي، جڏهن ته سنڌ جي سامونڊي علائقن ۾ موسم جهڙالي ۽ هلڪي بوندا باندي جو امڪان آهي.موسميات ماهرن موجب، 24 فيبروري کان هڪ غيرمعمولي برفاني […]
ترقي ۾ ڀارت کي پوئتي نه ڇڏيو ته منهنجو نالو شهباز شريف ناهي: وزيراعظم
ڊيرا غازي خان(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ترقي پاڪستان جو مقدر بڻجي چڪي آهي، جيڪڏهن محنت ڪري ڀارت کي پوئتي نه ڇڏيو ته منهنجو نالو شهباز شريف ناهي.ڊيرا غازي خان ۾ نون ليگ جي جلسي کي خطاب ڪندي، هن ڊي جي خان ۾ ڪينسر اسپتال ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته […]
