مان اسٽيبلشمينٽ جو نمائندو ناهيان، ملڪ ۾ دهشتگردن کي باجوا، فيض ۽ عمران آندو: خواجا آصف
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءُ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس پي آر فيض حميد اڳ ۾ ئي گرفتار آهي، جڏهن ته اڳوڻي آرمي چيف قمر جاويد باجوا کان پڇاڻو ٿيڻ گهرجي ته هن دهشتگردن کي پاڪستان ۾ ڇو آباد ڪيو.پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو […]
آئين ۾ مارشل لا جي ڪا اجازت ناهي: آئيني بينچ جو جج
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ سويلينز جي ملٽري ٽرائل ڪيس ۾ ريمارڪس ڏيندي آئيني بينچ جي جج چيو ته مارشل لا آئين کان مٿانهون قدم آهي، ان جي آئين ۾ ڪا اجازت ناهي.سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس امين الدين جي سربراهي ۾ آئيني بينچ سويلينز جي ملٽري ٽرائل بابت انٽرا ڪورٽ اپيلن تي ٻڌڻي […]
لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج استعيفيٰ ڏئي ڇڏي
لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس چوڌري عبدالعزيز استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.ذريعن موجب جسٽس چوڌري عبدالعزيز 2016 ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جو جج بڻيو هو.جج جي ويجهن ذريعن جو چوڻ آهي ته جسٽس چوڌري عبدالعزيز ذاتي سببن جي بنياد تي استعيفيٰ ڏني آهي.ذريعن موجب چوڌري عبدالعزيز 2033 ۾ پنهنجي عهدي تان رٽائر ٿيڻو […]
بنون ڇانوڻي تي حملو: رٿابندي افعانستان ۾ ٿي، سمورا دهشتگرد ماريا ويا، جوانن ۽ شهرين سميت 18 ڄڻا شهيد
راولپنڊي (ويب ڊيسڪ ) سيڪيورٽي فورسز بنون ڇانوڻي تي حملي جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي آپگهاتي بمبارن سميت 16 دهشگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو.پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، خارجي عنصر بنون ڇانوڻي تي دهشتگرد حملي جي ڪوشش ڪئي، دهشتگرن ڇانوڻي جي سيڪيورٽي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي پر فورسز فوري جوابي […]
”آرمڊ فورسز عدليا جو حصو ناهي، ڪنهن عدالتي فيصلي ۾ ناهي لکيل ته ملٽري ڪورٽ عدليا آهي“
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ سويلينز جي ملٽري ٽرائل ڪيس ۾ ريمارڪس ڏيندي جسٽس محمد علي مظهر چيو آهي ته آرمڊ فورسز عدليا جو حصو آهي، ڪنهن عدالتي فيصلي ۾ ناهي لکيل ته ملٽري ڪورٽ عدليا آهي.سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس امين الدين جي سربراهي ۾ 7 رڪني بينچ سويلينز جي ملٽري ٽرائل بابت […]
آمريڪي قومي سلامتي صلاحڪار جو اسحاق ڊار سان رابطو، دهشتگردي خلاف قدمن جي ساراهه
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ آمريڪي قومي سلامتي جي صلاحڪار وچ ۾ ٽيليفونڪ گفتگو ٿي، جنهن ۾ آمريڪي قومي سلامتي جي صلاحڪار دهشتگردي خلاف قدمن تي پاڪستان جا ٿورا مڃيا.پرڏيهي کاتي موجب اسحاق ڊار سان مائيڪل والٽز ٽيليفونڪ گفتگو ڪئي، هن ٽرمپ طرفان پاڪستان حڪومت جي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڪوششن […]
عمري تي ويندڙ فيصل جاويد کي ايئرپورٽ تي روڪيو ويو
پشاور (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ سينيٽر فيصل جاويد کي پشاور ايئرپورٽ تان سعودي عرب وڃڻ کان روڪيو ويو.فيصل جاويد کي سعودي عرب جي فلائيٽ مان آف لوڊ ڪيو ويو، فيصل جاويد عمري جي ادائيگي لاءِ سعودي عرب وڃي رهيو هو.صحافين سان ڳالهائيندي فيصل جاويد چيو ته هاءِ ڪورٽ مون کي عمري جي ادائيگي جي […]
آرمي چيف جي ملڪي معاملن ۾ مداخلت جو تاريخ ٻڌائيندي: شاهد خاقان
اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ عوام پاڪستان پارٽي جي سربراهه شاهد خاقان عباسي چيو ته اسان کي اسلام آباد جي هوٽل ۾ قومي ڪانفرنس ڪرڻ کان حساس ادارن ۽ پوليس روڪيو، ان ۾ حڪومت جو ڏوهه ناهي، انهن کي شايد خبر ئي نه هجي. هن چيو ته حڪومت وٽ ڪو اختيار ئي ناهي، […]
منشيات سمگلنگ ڪيس ۾ ٻن جوابدارن کي 100 سال قيد جي سزا
پشاور (ويب ڊيسڪ) عدالت منشيات سمگلنگ ڪيس ۾ ٻن جوابدارن کي 100 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي.مقامي عدالت ۾ آئس ۽ هيروئن سمگل ڪرڻ جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج حنا مهوش نامزد ٻن جوابدارن کي 100 سال قيد جي سزا ٻڌائي.جوابدارن تي درا آدم خيل ۾ ڪروڙين […]
