ريلوي مسافرن لاءِ وڏي خوشخبري
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير حنيف عباسي عيد جي موقعي تي خاص ٽرينون هلائڻ ۽ ڀاڙن ۾ لاٿ جو اعلان ڪري ڇڏيو.حنيف عباسي ريلوي اختيارين کي هدايت ڪئي آهي ته مسافرن جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي، جڏهن ته ڪنهن به امڪاني حادثي کان بچڻ لاءِ جديد نگراني […]
پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ نئين قرض قسط جاري ڪرڻ بابت ڳالهيون آخري مرحلي ۾ داخل
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ قرض پروگرام جي قسط جي جاري ٿيڻ لاءِ ڳالهيون اهم مرحلي ۾ داخل ٿي ويون آهن، جڏهن ته ايف بي آر اختيارين 605 ارب رپين جي شارٽ فال بابت تفصيل آءِ ايم ايف کي فراهم ڪري ڇڏيا.ناڻي واري وزارت، ايف بي آر ۽ توانائي […]
سنڌوءَ مان ڪئنال ڪڍڻ وفاق جو هڪ طرفو فيصلو آهي، حمايت نه ڪندس: صدر زرداري
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ڪجهه هڪ طرفيون پاليسيون وفاق تي شديد دٻاءُ وجهي رهيون آهن، صدر طور سنڌ درياهه مان وڌيڪ ڪئنال ڪڍڻ واري حڪومتي فيصلي جي حمايت نه ٿو ڪري سگهان.پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي صدر آصف زرداري پارليامينٽ ميمبرن کي قومي مفاد کي ترجيح […]
حڪومت پورٽ قاسم ايراضي اسڪينڊل جو نوٽيس ورتو، 3 رڪني جاچ ڪميٽي قائم
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت پورٽ قاسم اٿارٽي جي قيمتي زمين جي اسڪينڊل جي جاچ جو فيصلو ڪري ورتو، ان سلسلي ۾ وزيراعظم طرفان ٽي رڪني ڪميٽي جوڙي وئي آهي.سينيٽر فيصل واوڊا پورٽ قاسم اٿارٽي جي قيمتي زمين ڀڳڙن مٺ عيوض ڏيڻ جو انڪشاف ڪيو هو، وفاقي حڪومت ميگا اسڪينڊل سامهون اچڻ تي نوٽيس […]
پنجاب ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ، 24 ڪلاڪن ۾ 436 سرچ اينڊ سوئيٽ آپريشن ڪيا ويا
لاهور (ويب ڊيسڪ) ملڪي حالتن کي ڏسندي پنجاب ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪئي وئي.پنجاب پوليس ترجمان موجب پنجاب ۾ انٽيليجنس بيسڊ سرچ اينڊ سوئيپ آپريشنز ۽ مشقون جاري آهن.ترجمان ٻڌايو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ صوبي ۾ 436 سرچ اينڊ سوئيپ آپريشن ۽ 8 مشقون ڪيون ويون.آپريشنز ۾ سنگين ڏوهن ۾ ملوث 38 اشتهاري جوابدار […]
اولهه هوائن جي انٽري، ملڪ ۾ برساتن جي اڳڪٿي
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي اڄ کان ملڪ جي مختلف شهرن ۾ برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.موسميات کاتي موجب اولهه هوائن جو سلسلو 9 مارچ کان ملڪ جي اتر علائقن ۾ داخل ٿيندو ۽ اولهه هوائن جو اهو سلسلو ملڪ ۾ 16 مارچ تائين برقرار رهندو.موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته چترال، مري، گلگت، […]
صدر آصف زرداري سڀاڻي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندو
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري سڀاڻي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندو.قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس جي هڪ نڪاتي ايجنڊا جاري ڪري ڇڏي.ايجنڊا موجب صدر آصف علي زرداري سڀاڻي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندو، اجلاس سڀاڻي منجهند 3 وڳي ٿيندو.
زڪوات کاتو ختم ڪرڻ جو اعلان
ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي صوبائي زڪوات کاتو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.ڪوئيٽا مان جاري ڪيل بيان ۾ سرفراز بگٽي چيو ته بلوچستان جو زڪوات کاتو هر سال 30 ڪروڙ رپيا حقدارن ۾ ورهائيندو آهي، ان رقم جي ورهاست لاءِ کاتي جا ساليانو هڪ ارب 60 ڪروڙ رپيا خرچ ٿيندا […]
قرض جي واپسي، چين پاڪستان کي وڏي رعايت ڏئي ڇڏي
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چين پاڪستان کي ڏنل ٻه ارب ڊالر رقم جي واپسي ۾ هڪ سال واڌ ڪري ڇڏي.ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب پاڪستان جي معاشي استحڪام ۽ بحالي لاءِ پراڻي دوست چين جو معاشي سهڪار جاري آهي ۽ ان سلسلي ۾ چين پاڪستان کي ڏنل ٻه ارب ڊالرن جي رقم […]
” عزت سان وڃو نه ته تڙي ڪڍنداسين“ حڪومت جو افغان شهرين کي پاڪستان ڇڏڻ جو حڪم
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزارت افغان سٽيزن ڪارڊ هولڊرن کي 31 مارچ 2025 تائين پاڪستان ڇڏڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.گهرو کاتي طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، غير قانوني پرڏيهي شهرين جي واپسي جو پروگرام پهرين نومبر 2023 کان لاڳو آهي ۽ هاڻي سمورن غير قانوني پرڏيهين ۽ افغان سٽيزن ڪارڊ هولڊرن کي 31 […]
