رياست مخالف پروپيگينڊا: 20 پي ٽي آءِ اڳواڻن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ جو فيصلو
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سوشل ميڊيا تي ناڪاري پروپيگينڊا واري معاملي تي جاچ ۾ سهڪار نه ڪرڻ تي پي ٽي آءِ جي 20 اڳواڻن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب، جي آءِ ٽي ۾ سوشل ميڊيا تي ادارن خلاف هلندڙ ناڪاري مهم جي جاچ جاري آهي، جڏهن ته پي ٽي […]
پي ٽي آءِ تڪراري ڪينالن خلاف ٺهراءُ جمع ڪرائي ڇڏيو، پ پ کان حمايت وٺڻ جو اعلان
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪِ انصاف تڪراري ڪئنالن خلاف قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ ٺهراءُ جمع ڪرائيندي پيپلزپارٽي، ايم ڪيو ايم ۽ جي ڊي اي کان حمايت وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.اپوزيشن ليڊر عمر ايوب جي طرفان زرتاج گل، احمد چٺا ۽ علي محمد خان ٺهراءُ جمع ڪرايو.ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي زرتاج گل چيو […]
پنجاب سنڌ جو پاڻي نه پيو چورائي، ڪئنالن تي نالي ماتر قومپرست واويلا ڪري رهيا آهن: راڻا ثناءُ الله
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته سنڌ ۾ ڪئنالن بابت نالي ماتر قومپرست غلط گيم کيڏي رهيا آهن. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو ته پنجاب سنڌ جي پاڻيءَ جو هڪ ڦڙو به چوري ناهي ڪندو، معاملو اتفاق راءِ […]
” سکر-حيدرآباد موٽروي تي جلد ڪم شروع ڪنداسين“ وزيراعظم جو وڏي وزير کي خط
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته حيدرآباد-سکر موٽروي جو ڪم جلد شروع ڪيو ويندو.وزيراعظم شهباز شريف، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي هڪ خط لکي حيدرآباد-سکر موٽرو جي تعمير بابت آگاهه ڪيو.شهباز شريف پنهنجي خط ۾ چيو ته موٽروي رٿا بابت سنڌ جي خدشا جائز آهن ۽ هن جي ذاتي […]
گرميءَ جي شدت ۾ واڌ، اونهاري جي موڪلن بابت اهم خبر اچي وئي
لاهور (ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ ۾ گرمي جي شدت هوريان هوريان وڌي رهي آهي، ان سلسلي ۾ پي ڊي ايم اي پنجاب اونهاري جي موڪلن بابت تجويز ڏني آهي.ترجمان موجب، سخت گرميءَ سبب هيٽ ويو جي خطر کي نظر ۾ رکندي پي ڊي ايم اي( پنجاب) طرفان تعليم کاتي، هائرايجوڪيشن ۽ صوبي جي سمورن ڪمشنرن […]
پاڪستان ۾ وڏا معدني ذخيرا آهن، آمريڪي سيڙپڪارن کي لاڀ حاصل ڪرڻ گهرجي: وزيراعظم
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف سان ايئرڪ ميئر جي قيادت ۾ آمريڪي وفد ملاقات ڪئي جنهن ۾ وزيراعظم ٻه طرفن لاڳاپن جي مضبوطي لاءِ آمريڪي انتظاميا سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو .پاڪستان منرلز انويسٽمينٽ فورم ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان جي دوري تي آيل آمريڪي وفد ايئرڪ ميئر جي قيادت […]
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ڪوٽا ڪيس ٻڌندڙ لارجر بئنچ تبديل
اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بئنچ تبديلي جو هڪ ٻيو معاملو سامهون آيو آهي.جسٽس محسن اختر ڪياني جي سربراهي ۾ ڪوٽا ڪيسز ٻڌندڙ لارجر بئنچ تبديل ڪئي وئي آهي، جسٽس بابر ستار ۽ جسٽس اعجاز اسحاق به لارجر بئنچ جو حصو هئا.لارجر بئنچ ڇهه مارچ تي آخري ٻڌڻي ڪئي هئي جڏهن ته ايندڙ […]
پي ٽي آءِ قيادت ۾ اختلاف، چيئرمين اڳواڻن کي ٺاهه لاءِ مڃائي ورتو
پشاور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪِ انصاف ( پي ٽي آءِ ) جي چيئرمين بئريسٽر گوهر پارٽي اڳواڻن کي ٺاهه لاءِ راضي ڪري ورتو.ذريعن موجب، بئريسٽر گوهر جي خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور، اسد قيصر، عاطف خان ۽ شهرام ترڪئي سان ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن دوران علي امين گنڊاپور بين اڳواڻن سان اختلاف ختم […]
معدني ذخيرا ملڪ کي قرضن مان ڇوٽڪارو ڏياري سگهن ٿا: وزيراعظم
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ کربين ڊالرن جا معدني ذخيرا موجود آهن، جيڪي پاڪستان قرضن جي پهاڙ مان ڇوٽڪارو ڏياري سگهن ٿا.اسلام آباد ۾ پاڪستان منرل انويسٽمينٽ فورم کي خطاب ڪندي وزيراعظم ڪانفرنس ۾ شريڪ سمورن نمائندن جو آڌر ڀاءُ ڪندي چيو ته ريڪوڊڪ منصوبي تي هاڪاري اڳڀرائي ٿي […]
قوم جي پيرن هيٺان وڏا معدني ذخيرا آهن، مايوسيءَ جي گنجائش ناهي: آرمي چيف
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته کيس پَڪ آهي ته پاڪستان عالمي معدني معيشت ۾ هڪ اڳواڻ طور اُڀرڻ لاءِ تيار آهي، پاڪستاني قوم جي پيرن هيٺان وڏا معدني ذخيرا هوندي مايوسي ۽ بي عملي جي ڪائي گنجائش ناهي.اسلام آباد ۾ پاڪستان منرل انويسٽمينٽ فورم 2025ع کي خطاب ڪندي […]
