اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو چئن گم ٿيل افغان ڀائرن کي ٻن هفتن اندر بازياب ڪرائڻ جو حڪم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جنوري 2024 کان گم چئن افغان ڀائرن کي ٻن هفتن اندر بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.جسٽس محمد آصف جي سربراهيءَ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڊي آءِ جي اسلام آباد، ڊي آءِ جي لاهور ۽ آر پي او راولپنڊي عدالت ۾ پيش ٿيا.ٻڌڻي دوران عدالت گم […]
معدنيات بل مامرو، مولانا فضل الرحمان وفاق کي خبردار ڪري ڇڏيو

پشاور ( ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءَ اسلام ( ف ) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان خبردار ڪندي چيو آهي ته معدنيات بِل صوبي جي وسيلن تي وفاق جي هڪ طرفي قبضي جي ڪوشش آهي، جيڪڏهن حڪومت سنجيدگي نه ڏيکاري ته اسان کي ٻيهر ميدان تي لهڻو پوندو.پشاور ۾ پريس ڪانفرنس لندي مولانا فضل الرحمان چيو […]
بي اين پي ڌرڻو ختم، ڪشمير لاءِ احتجاج جي اجازت آهي پر بلوچن کي احتجاج اجازت ناهي: اختر مينگل

مستونگ (ويب ڊيسڪ) بلوچستان نيشنل پارٽي (مينگل) پاران مستونگ جي علائقي لڪپاس تي 20 ڏينهن کان جاري ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو .بي اين پي (مينگل) پنهنجي سياسي تحريڪ کي نئون رخ ڏيڻ جو فيصلو ڪندي مستونگ جي لڪپاس واري علائقي ۾ 20 ڏينهن کان جاري ڌرڻي جي خاتمي جو اعلان ڪيو آهي.پارٽي […]
صدارتي آرڊيننس تحت ففٿ شيڊيول ختم، حڪومت کي پيٽرول ليوي ۾ واڌ جو اختيار حاصل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدارتي آرڊيننس جي ذريعي حڪومت پيٽرول ليوي لاءِ لاڳو ففٿ شيڊيول کي ختم ڪري ڇڏيو.صدر پاڪستان طرفان جاري ڪيل آرڊيننس ۾ ففٿ شيڊيول کي ختم ڪيو ويو آهي، جنهن جي تحت حڪومت کي ليوي جي حد 70 رپيا في ليٽر تائين محدود رکڻي پوندي هئي، پر هاڻي حڪومت کي ڪنهن به […]
مستونگ ۾ پوليس ٽرڪ تي ڌماڪو، بلوچستان ڪانسٽيبلري جا 3 اهلڪار شهيد، 18 زخمي

مستونگ (ويب ڊيسڪ) مستونگ جي علائقي شمس آباد ويجهو پوليس جي ٽرڪ تي جي نتيجي ۾ بلوچستان ڪانسٽيبلري جا 3 اهلڪار شهيد ٿي ويا، جڏهن ته 18ڄڻا زخمي ٿيا، جن مان ٻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.پوليس اختيارين موجب، ڌماڪو ان وقت ٿيو جڏهن قلات جي آر ٽي سي مان پوليس اهلڪارن کي […]
پاڪستان جو دورو ڪندڙ آمريڪي ڪانگريس ميمبرن عمران خان جو ذڪر به نه ڪيو: اياز صادق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق چيو آهي ته پاڪستان جو دورو ڪندڙ آمريڪي ڪانگريس ميمبرن پي ٽي آءِ باني بابت لفظ به ناهي ڳالهايو.اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي اياز صادق ٻڌايو ته هن آمريڪي وفد سان ملاقات ۾ بئريسٽر گوهر ۽ چيف وهب عامر ڊوگر کي رات جي ماندي […]
مستونگ ڌماڪو، اهم تفصيل سامهون اچي ويا

مستونگ ۾ پوليس ٽرڪ تي ڌماڪو، بلوچستان ڪانسٽيبلري جا 3 اهلڪار شهيد، 18 زخميمستونگ (ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي ضلعي مستونگ ۾ پوليس اهلڪارن جي ٽرڪ تي ڌماڪي جي نتيجي ۾ بلوچستان ڪانسٽيبلري جا 3 اهلڪار شهيد، جڏهن ته 18 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن مان ڪيترن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.مستونگ ڊپٽي ڪمشنر راجا اطهر عباس […]
سال جي پهرين ٽه ماهي دوران ڪيترا پاڪستاني روزگار سانگي ٻاهرين ملڪ ويا؟ انگ اکر جاري

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ) بيورو آف اميگريشن طرفان پرڏيهه ويندڙ پاڪستانين بابت انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا.بيورو آف اميگريشن موجب، هلندڙ سال جي پهرين ٽه ماهي دوران هڪ لک 72 هزار 144 پاڪستاني ملازمت روزگار سانگي ٻاهرين ملڪ ويا، جن ۾ سڀ کان وڌيڪ 99 هزار 139 پاڪستاني پورهيت هئا.رپورٽ موجب، 1 هزار 859 مستري، […]
وهاڙي ويجهو ننڍو جهاز ڪِري تباهه

وهاڙي (ويب ڊيسڪ) وهاڙي ۾ هڪ ننڍو جهاز ڪِري تباهه ٿي ويو جڏهن ته جهاز ۾ سوار ٻئي پائيلٽ جان بچائڻ ۾ ڪامياب رهيا.ميڊيا رپورٽس موجب، ننڍو جهاز وهاڙي جي علائقي رتا ٽبه ويجهو ڪِري تباهه ٿيو، جهاز جا ٻئي پائليٽ محفوظ رهيا.پوليس اختيارين موجب، ٻئي پائليٽ پيرا شوٽ ذريعي جهاز مان محفوظ طريقي سان […]
نئين سينارٽي لسٽ معطل ڪرڻ ۽ بدلي ٿيل ججن کي ڪم کان روڪڻ جي استدعا رد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي آئيني بئنچ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن جي نئين سينارٽي لسٽ معطل ڪرڻ ۽ بدلي ٿيل ججن کي ڪم کان روڪڻ جي استدعا رد ڪري ڇڏي.سپريم ڪورٽ ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن جي بدلي ۽ سينارٽي بابت درخواستن تي جسٽس محمد علي مظهر جي سربراهي […]