قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس سڀاڻي طلب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس سڀاڻي طلب ڪيو ويو آهي.ڀارت جي تازن قدمن کانپوءِ سڀاڻي قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس طلب ڪيو ويو آهي، جيڪو وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٿيندو.نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي خواجا آصف وڌيڪ چيو ته قومي […]
پاڪستاني حدن ۾ داخل ٿيندڙ ڀارتي بارڊر سيڪيورٽي فورس اهلڪار کي حراست ۾ ورتو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان رينجرز عالمي بارڊر پار ڪري پاڪستاني حدن ۾ ايندڙ ڀارتي بارڊر سيڪيورٽي فورس (بي ايس ايف) جي اهلڪار کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو.حراست ۾ ورتل بي ايس ايف ڪانسٽيبل پي ڪي سنگهه جو واسطو بي ايس ايف جي 182 بٽالين سان آهي.سرحد جي ڀڃڪڙي ڪندي پاڪستاني حدن ۾ داخل ٿيندڙ […]
هزارين افغان شهري پاڪستاني دستاويز استعمال ڪري سعودي عرب وڃڻ جو انڪشاف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) 12 هزار افغان شهرين طرفان پاڪستاني دستاويز استعمال ڪري سعودي عرب وڃڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ بريفنگ ڏيندي ڊي جي پاسپورٽ مصطفيٰ جمال قاضي ٻڌايو ته 12 هزار افغان شهري پاڪستاني دستاويز استعمال ڪري سعودي عرب ويا ۽ اتي وڃي پاڪستاني پاسپورٽ ڊمپ ڪيا.هن […]
ڀارت سان واپار، واهگا بارڊر ۽ فضائي حدون بند، پاڻي روڪڻ جنگي قدم سمجهيو ويندو: قومي سلامتي ڪميٽي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي آبي جارحيت ۽ ٻين قدمن جو ڀرپور جواب ڏيندي پاڪستان سنڌ طاس معاهدي جو اعلان رد ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته جيڪڏهن پاڪستاني ملڪيت جو پاڻي روڪيو ويو ته ان کي جنگي قدم سمجهيو ويندو.وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٿيندڙ قومي سلامتي ڪميٽي اجلاس ۾ سول ۽ عسڪري […]
دهشتگردي ٽوڙ عدالت مان علي امين گنڊاپور جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ علي امين گنڊاپور خلاف 5 آڪٽوبر تي پي ٽي آءِ جي لاهور ۾ احتجاج ۽ پوليس تي تشدد جي معاملي جي ڪيس جي ٻڌڻي […]
عمران خان جي گرفتاري کي ڏيڍ سال گذري چڪو، جسماني رمانڊ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ پنجاب حڪومت طرفان پي ٽي آءِ باني جي جسماني رمانڊ جي درخواست رد ڪندي اپيلون اڪلائي ڇڏيون.سپريم ڪورٽ ۾ عمران خان جي جسماني رمانڊ لاءِ پنجاب حڪومت جي اپيلن تي ٻڌڻي ٿي، ان موقعي تي سرڪاري وڪيل ذوالفقار نقوي عدالت کي آگاهه ڪيو ته جوابدار جون فوٽو گراميٽڪ، پولي […]
ڪينال منصوبي ۾ ٻوڏ جو پاڻي استعمال ٿيندو، سنڌ اسان کي ڊڪٽيشن نٿو ڏئي سگهي: عظميٰ بخاري

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته ڪينال منصوبي ۾ ٻوڏ جو پاڻي استعمال ٿيندو ۽ ان تي سنڌ اسان کي ڊڪٽيشن نٿو ڏئي سگهي.لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عظميٰ بخاري چيو ته پ پ کي سنڌ جي هارين جي ڳڻتي ڇو ناهي؟ پ پ سنڌ ۾ 17 سالن […]
آمريڪي ماهرن پاران چولستان ڪئنال رد ڪرڻ باوجود اختيارين هوڏ نه ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) 6 ڪئنالن وارو معاملو سنڌ اندر قومي احتجاج ۾ تبديل ٿي ويوآهي. سنڌ اندر هر هنڌ تي بغير ڪنهن ذات پات، پارٽي، مذهب، فرقي جي تقسيم جي احتجاج ٿي رهيا آهن. جيتري به آبادي آهي جيتريون به ٻوليون ڳالهائيندڙ آهن سڀ سراپا احتجاج آهن. اهو سمجهڻو پوندو ته سنڌو درياءَ سان سنڌين […]