ڀارت پاڻي کي هٿيار طور استعمال پيو ڪري، جنگ مڙهڻ جي ڪنهن به ڪوشش جو فيصلائتو جواب ڏنو ويندو: ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل عاصم منير جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ ڀارت جي جارحاڻي رويي ۽ والاريل ڪشمير ۾ قابض فوج جي ظلمن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت برقرار رکڻ جو عزم ورجايو ويو ۽ چيو ته جنگ مڙهڻ جي ڪنهن به ڪوشش جو فيصلائتو […]
خيبر پختونخواهه ۾ سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروائيون، 5 خارجي مارجي ويا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائين ۾ 5 خارجي مارجي ويا.آءِ ايس پي آر موجب 30 اپريل ۽ پهرين مئي تي خيبر پختونخواهه ۾ ٽي ڪارروائيون ڪيون ويون، جنهن ۾ 5 خارجي مارجي ويا ۽ 2 گرفتار ٿيا.آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته سيڪيورٽي فورسز باجوڙ ضلعي ۾ خارجين جي موجودگي […]
ڀارتي حملي جو امڪان، آزاد ڪشمير ۾ مدرسا بند، سياحن جي اچ وڃ تي پابندي

مظفرآباد (ويب ڊيسڪ) آزاد ڪشمير جي حڪومتي اختيارين جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ اسڪول ۽ ڪاليج معمول موجب کليل آهن، جڏهن ته ڀارت طرفان ڪنهن امڪاني حملي جي خدشي تحت ڪجهه مدرسا عارضي طور بند ڪيا ويا آهن ۽ ٻين بابت مشاورت جاري آهي.حڪومتي ترجمان پير مظهر سعيد شاهه بي بي سي سان ڳالهائيندي […]
پاڪستان کي معاشي ڌڪ رسائڻ جي ڪوشش، ڀارت جو آءِ ايم ايف سان رابطو

نئين دهلي/اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڀارت عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) کان مطالبو ڪيو آهي ته پاڪستان کي ڏنل قرضن ۽ مالي امداد جو نئين سر جائزو ورتو وڃي.ڀارتي حڪومت جي هڪ سينيئر عهديدار پرڏيهي خابرو اداري سان ڳالهائيندي تصديق ڪئي ته ڀارت آءِ ايم ايف کي اهڙو باظابطا مطالبو ڪيو آهي، پر ان […]
پي ٽي آءِ 26 نومبر احتجاج، 82 جوابدارن ڏوهه قبولي ورتو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ 26 نومبر 2024ع جي پي ٽي آءِ جي احتجاج واري ڪيس ۾ 82 جوابدارن ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو.پي ٽي آءِ ڪارڪنن خلاف 24 ۽ 26 نومبر 2024ع دوران احتجاج تي 24 ڪيس داخل ڪيا ويا هئا، جن جي ٻڌڻي راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ […]
واهگا رستي 21 پاڪستانين جي ڏيهه واپسي، وڌيڪ 50 ڄڻا ڀارت ۾ ڦاٿل

لاهور / امرتسر (ويب ڊيسڪ) ڀارتي حڪومت طرفان ملڪ ڇڏڻ لاءِ ڏنل مهلت ختم ٿيڻ کانپوءِ اٽاري-واھگا بارڊر تي ڦاٿل اٽڪل 21 پاڪستاني شهري جمعي جي ڏينهن زميني رستي واپس پاڪستان پهچي ويا.پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، اٽاري-واھگا سرحد 30 اپريل تائين کليل رکڻ کانپوءِ خميس تي بند ڪئي وئي.رپورٽ موجب، لڳ ڀڳ 70 پاڪستاني شهري […]
آرمي چيف عالمي پليٽ فارمن تي ڀارتي چينل ۽ يو آر ايلز بلاڪ ڪرائي ڇڏيا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽر فيصل واوڊا چيو آهي ته آرمي چيف جنرل عاصم منير بين الاقوامي معاهدن کانسواءِ ڀارتي چينلن۽ يو آر ايلز انٽرنيشنل پليٽ فارمز تي بلاڪ ڪرائي ڇڏيا.فيصل واوڊا جو چوڻ هو ته پاڪستان ڀارت کي هر موقعي ۽ هر محاذ تي منهن ٽوڙ جواب ڏيندو .سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ڀارتي […]
پاڪ_ ڀارت ڇڪتاڻ: سرحدي ڳوٺ خالي ڪرائڻ جا اعلان

اسلام آباد(عاصمه شيرازي)پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي سرحد سان لڳندڙ علائقا خالي ڪرايا ويا آهن ۽ گزريل رات جو عطا تارڙ پاران پريس ڪانفرنس ڪرڻي پئي ته هندستان ڪنهن به وقت پاڪستان مٿان حملو ڪري سگهي ٿو.36 ڪلاڪ اهم سمجهيا پيا وڃن آمريڪا ٻنهي ملڪن وچ ۾ […]
آءِ ايس آءِ سربراھه ليفٽيننٽ جنرل عاصم ملڪ کي قومي سلامتي مشير جي اضافي چارج

اسلام آباد(م ڊ)وزيراعظم شھبازشريف آءِ ايس آءِ جي سربراھھ ليفٽيننٽ جنرل عاصم ملڪ کي پنھنجي موجودھ ذميوارين سان گڏ قومي سلامتي جي مشير جي اضافي چارج بھ ڏئي ڇڏي آھي، ھن جي ان نئين اضافي مقرري جو نوٽيفڪيشن بھ جاري ڪيو ويو آھي،ليفٽيننٽ جنرل عاصم ملڪ جو تعلق ھڪ فوجي خاندان سان اھي ۽ ھن […]
پيٽرول ۽ ڊيزل ٻه ٻه رپيا سستا

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ناڻي واري وزارت پيٽرول ۽ڊيزل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو. پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ 2 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي. پيٽرول جي نئين قيمت 252.63 رپيا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي، […]