معاشي استحڪام ڏانهن وڃون پيا، جي ڊي پي گروٿ 2.7 سيڪڙو رهي: اقتصادي سروي رپورٽ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب قومي اقتصادي سروي پيش ڪري ڇڏي.وفاقي وزير چيو ته ملڪ معاشي استحڪام ڏانهن وڌي رهيو آهي، هلندڙ مالي سال ۾ جي ڊي پي واڌ جي شرح 2.7 سيڪڙو رهي، جڏهن ته پاڪستان ۾ مهانگائي جي شرح 4.6 سيڪڙو آهي، گذريل سال پاليسي ريٽ 22 […]
عورت ٻي شادي لاءِ پنهنجي 8 ورهين جي ڌيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو

منڊي بهاوالدين (ويب ڊيسڪ) منڊي بهاوالدين ۾ عورت ٻي شادي لاءِ پنهنجي ڌيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو.پوليس موجب منڊي بهاوالدين جي علائقي مراد وال ۾ عورت ٻي شادي لاءِ پنهنجي 8 ورهين جي ڌيءُ کي قتل ڪيو ۽ پوءِ سندس اغوا جو ڊرامو ڪيو.عورت الماس بي بي پنهنجي ڌيءُ ڪرن شهزادي کي بي دردي سان […]
ڀارت جو انتهاپسند هندوتوا نظريو سڄي خطي لاءِ خطرناڪ آهي: صدر آصف علي زرداري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ڀارت جو انتهاپسند هندوتوا نظريو سڄي خطي لاءِ خطرناڪ آهي.صدر آصف زرداري سان ايوانِ صدر ۾ پيپلز پارٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن ملاقات ڪئي ۽ کيس عيدالاضحيٰ جون واڌايون ڏنيون.ان موقعي تي آصف علي زرداري چيو ته اسان کي پنهنجي ملڪ ۽ ڌرتي سان […]
بيلاروس پاڪ فضائيا جي جنگي مهارتن مان فائدو کڻڻ جو خواهشمند

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ بيلا روس وچ ۾ فضائي سهڪار جي نئين دور جي شروعات جو امڪان پيدا ٿيو آهي، بيلاروس جي ايئر فورس ڪمانڊر ايئر هيڊڪوارٽرز اسلام آباد جو دورو ڪري پاڪستاني فضائيه جي تربيتي نظام ۾ گهري دلچسپي ظاهر ڪئي آهي.آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان مطابق بيلاروس ايئر فورس […]
چين جي پاڪستان کي ففٿ جنريشن J-35 اسٽيلٿ جهاز ۽ HQ-19 دفاعي نظام ڏيڻ جي آڇ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چين پاڪستان کي ففٿ جنريشن J-35 اسٽيلٿ جهاز ۽ جديد ترين HQ-19 دفاعي نظام ڏيڻ جي آڇ ڪئي آهي.پاڪستان حڪومت جي سرڪاري اڪائونٽ تان وزيراعظم شهباز شريف جي حڪومتي دور ۾ حاصل ڪيل سفارتي ڪاميابين جي سلسلي ۾ ڄاڻايل آهي ته شهباز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان ڪيتريون ئي اهم سفارتي […]
پاڪستان ۽ ڀارت ۾ معاهدا رد ٿيڻ جو ڪو حتمي فيصلو ناهي ٿيندو: پرڏيهي کاتو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي کاتي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ معاهدا رد ٿيڻ جو ڪو حتمي فيصلو ناهي ٿيو.پرڏيهي کاتي جي سينيئر عهديدار چيو ته پاڪستان واضح ڪيو آهي ته ڀارت سان ٻه طرفي معاهدا رد ٿيڻ بابت اڃا تائين ڪو باضابطا يا حتمي فيصلو ناهي ڪيو ويو آهي.واضح رهي ته […]
پاڻي جي تڪرار تان فائرنگ ۾ عورت سميت 4 ڄڻا قتل

خيبر (ويب ڊيسڪ) خيبر ۾ پاڻي جي تڪرار تان فائرنگ ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا.پوليس موجب واقعو جمرود جي علائقي غنڊي ۾ پيش آيو، جتي پاڻي جي تڪرار تان فائرنگ ڪئي وئي.پوليس ٻڌايو ته فائرنگ ۾ عورت سميت 4 ڄڻا مارجي ويا، مارجي ويلن ۾ ٻه ڀائر به شامل آهن.پوليس موجب واردات کانپوءِ جوابدار فرار […]
ڪراچي لاءِ بجلي سستي باقي ملڪ لاءِ مهانگي، نيپرا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيپرا سڄي ملڪ لاءِ بجلي 93 پيسا في يونٽ مهانگي ۽ ڪراچي لاءِ ٻه رپيا 99 پيسا في يونٽ سستي ڪري ڇڏي.نيپرا طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب بجلي اگهن ۾ واڌ اپريل جي ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪئي وئي آهي، جيڪا جون جي بلن ۾ لاڳو ٿيندي.اها واڌ ڪي […]
بلوچستان ۾ ڪنهن وڏي فوجي آپريشن جي ضرورت ناهي: سرفراز بگٽي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته پاڪ فوج ڀارتي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو، هاڻ ڀارت پراڪسيز ذريعي سازشون ڪري رهيو آهي.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سرفراز بگٽي چيو ته ڀارتي ڳجهي ايجنسي ”را“ فتنه الهندستان جي سرپرستي ڪري رهي آهي، ڀارتي ميڊيا ڪراچي […]