ايران ۽ عراق جي سفر جو سانڀاهو ڪندڙ پاڪستانين لاءِ اهم هدايتون جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسرائيل طرفان ايران تي حملي کانپوءِ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ واري صورتحال کي نظر ۾ رکندي پاڪستان پنهنجي شهرين کي ايران ۽ عراق جي غير ضروري سفر کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته موجوده حالتن کي ڏسندي پاڪستاني شهري ايران ۽ […]
پاڪستان پاران ايران تي اسرائيلي حملي جي سخت مذمت، گڏيل قومن کان جارحيت روڪڻ جو مطالبو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ايران تي اسرائيلي حملي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته اسرائيلي فوجي ڪارروائيون ايران جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي، گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي جي کليل ڀڃڪڙي آهن، جڏهن ته ايران کي گڏيل قومن جي چارٽر جي آرٽيڪل 51 تحت مڪمل دفاع جو حق حاصل آهي.پرڏيهي آفيس طرفان […]
آءِ ايم ايف جو قرض ڪيئن لاهجي؟ محمود اچڪزئي تجويز پيش ڪري ڇڏي

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) پختون خوا ملي عوامي پارٽي جي چيئرمين محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته خطي جي موجوده صورتحال پاڪستان، افغانستان ۽ ايران سميت هتان جي حڪمرانن لاءِ وڏو امتحان آهي ملڪ جي نازڪ حالتن کي نظر ۾ رکندي سڀني کي گڏجي موجوده حڪومت کي هٽائڻ گهرجي.ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس دوران خطاب ڪندي هن […]
اسرائيل جو ايران تي حملو خطي جي اڳ ئي غير مستحڪم حالتن کي وڌيڪ نقصان رسائيندو: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف ايران تي اسرائيلي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته هي حملو خطي جي امن لاءِ سنگين خطرو آهي.وزيراعظم پنهنجي بيان ۾ چيو ته اسرائيلي حملي سبب ٿيندڙ نقصانن تي هو ايراني عوام سان دلي همدردي جو اظهار ڪري ٿو، جڏهن ته خطي جي اڳ […]
اسرائيل جو ايران تي حملو عالمي سلامتي لاءِ سنگين خطرو آهي: نائب وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته ايران تي اسرائيلي حملي عالمي قانونن جي بنيادن کي ڌوڏي ڇڏيو آهي.ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ اسحاق ڊار چيو ته ايران تي اسرائيلي حملا ايران جي خودمختياري جي ڀڃڪڙي آهن، حملا بنا جواز ۽ مذمت جوڳا آهن.هن وڌيڪ چيو ته […]
سرگوڌا: والي بال ميچ دوران رانديگر کي قتل ڪندڙ جوابدارن کي 94 سال قيد جي سزا

سرگوڌا (ويب ڊيسڪ) سرگوڌا جي عدالت 2022ع دوران والي بال ميچ جي دوران هڪ رانديگر جي قتل ۽ ٻئي جي زخمي ٿيڻ واري ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.ايڊيشنل سيشن جج چوڌري انعام الاهي ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي ٻن ڏوهارين کي مجموعي طور 94 سال قيد ۽ ويهه لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي.عدالت شڪ جو […]
سينيٽ چيئرمين ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جون پگهارون ڪيئن وڌيون؟ اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ چيئرمين ۽ قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر جي پگهارن ۾ واڌ واري معاملي جي نئين ڪهاڻي سامهون آئي آهي.ذريعن موجب، سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي پگهارن ۾ واڌ سينيٽ هائوس فنانس ڪميٽي ڪئي، جنهن جي صدارت ڪجهه مهينا اڳ يوسف رضا گيلاني ڪئي، جڏهن ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ […]
ماهه رنگ بلوچ جي گرفتاري سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج

اسلام آباد(م ڊ) بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي سربراهه ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ جي گرفتاري کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو آهي، ڊاڪٽر ماهه رنگ کي ٻين ڇهن ماڻهن سان گڏ امن ۾ خلل وجهڻ جي قانون هيٺ گرفتار ڪيو ويو هو، بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۾ هن ڪيس جي پيروي ڪندڙ وڪيل عمران بلوچ بي […]
بجيٽ ۾ غريب ترين طبقي کي نظرانداز ڪيو ويو ته ”معاشي اڻ برابري“ وڌندي: ماهر

اسلام آباد(م ڊ) وفاقي حڪومت طرفان بجيٽ 2025 کي هڪ معاشي ڪاميابي طور پيش ڪيو پيو وڃي، پر ڪيترن ئي غير جانبدار معاشي ماهرن خبردار ڪيو آهي ته، ”ڪمزور ۽ غير شفاف“ معاشي فيصلن جي نتيجي ۾ ملڪ هڪ نئين مالي بحران ڏانهن وڌي سگهي ٿو، معاشي ماهر ڊاڪٽر قيصر بنگالي چيو آهي ته هي […]
پارليامينٽ ميمبرن جي پگهارن ۾ 600 سيڪڙو واڌ تي سوال ته اُٿندا

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)ناڻي واري وفاقي وزير ھڪ انٽرويو دوران چيو تھ سينيٽ چيئرمين ، اسپيڪر قومي اسيمبلي ۽پارليامينٽ ميمبرن جون پگھارون گھڻي عرصي کان نھ وڌيون ھيون ان جي ڪري سندن مجبوري بھ ھئي اضافو ڪيو ويو. پر جتي ملڪ پائي پائي لاءِ پريشان ھجي اتي اھڙي واڌ جو ڪو بھ جواز نٿو ٺهي. اضافو […]