جڊيشل ڪميشن آئيني بينچن جي مدي ۾ واڌ ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جڊيشل ڪميشن جسٽس امين الدين خان ۽ ٻين آئيني بينچن جي مدي ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي.ذريعن موجب چيف جسٽس آف پاڪستان يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ جڊيشل ڪميشن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ جسٽس امين الدين خان ۽ ٻين آئيني بينچن جي مدي ۾ 30 نومبر تائين واڌ جي […]
سپريم ڪورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ججن جي بدلي قانوني قرار ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ججز ٽرانسفر ڪيس خلاف درخواستون رد ڪري ڇڏيون.سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ ججز ٽرانسفر ڪيس ۾ محفوظ فيصلو ٻڌائيندي ججز ٽرانسفر خلاف درخواستون رد ڪري ڇڏيون.سپريم ڪورٽ 2-3 جي اڪثريت سان فيصلو ٻڌايو، درخواستن تي فيصلو آئيني بينچ جي جسٽس محمد علي مظهر ٻڌايو.عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو ته […]
فوجداري قانونن ۾ ترميم جو بل پيش، عورت کي سرعام ڪپڙن کان آجو ڪرڻ تي موت جي سزا ختم ڪرڻ جي تجويز

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ ۾ فوجداري قانونن ۾ ترميم جو بل پيش ڪيو ويو، بل ۾ عورت کي سرعام ڪپڙن کان آجو ڪرڻ ۽ هاءِ جيڪر کي پناهه ڏيڻ تي موت جي سزا ختم ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي آهي.تجويز ڪيل ترميم موجب عورت تي مجرماڻو حملو يا سرعام ڪپڙن کان آجو ڪرڻ […]
سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ سڀاڻي کان برسات جو امڪان، اربن فلڊنگ جو خدشو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ جي مختلف حصن ۾ سڀاڻي کان برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.موسميات کاتي 20 کان 23 جون دوران برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آهي، جنهن سبب گرميءَ جو زور ٽٽڻ جو امڪان آهي.موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته 20 کان 23 جون دوران چوماسي هوائن سبب برساتن جو امڪان آهي، […]
نائين اليون کانپوءِ پاڪستان بدامنيءَ جو شڪار ٿيو، اسان دهشتگردي خلاف وڏيون قربانيون ڏنيون آهن: مولانا فضل الرحمان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءَ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ملڪ ڪجهه سالن کان معاشي بحران جو شڪار آهي ۽ ترقيءَ لاءِ پرامن ماحول انتهائي ضروري آهي.قومي اسيمبلي ۾ خطاب دوران مولانا فضل الرحمان چيو ته نائين اليون کانپوءِ پاڪستان بدامنيءَ جو شڪار ٿيو، اسان دهشتگردي خلاف وڏيون قربانيون […]
خيراتي امدادي مرڪز تي اٽو وٺڻ لاءِ بيٺل فلسطينين تي اسرائيل جو حملو، 51 شهيد

غزا (ويب ڊيسڪ) غزا ۾ خوراڪ جي ڳولا ۾ نڪتل فلسطينين جي اسرائيلي حملا جاري آهن.عرب ميڊيا موجب اسرائيلي فوج اڄ وري غزا ۾ خوراڪ جي ڳولا ۾ نڪرندڙ فلسطينين تي حملا ڪيا، جنهن ۾ 51 ڄڻا شهيد ٿي ويا.اسرائيلي فوج خان يونس ۾ شهرين تي ان وقت حملا ڪيا، جڏهن اهي خيراتي امدادي مرڪز […]
پاڪستان جو ايران ۾ مقرر سفارتڪارن جي گهر ڀاتين ۽ غير ضروري عملي کي ڪڍڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ايران ۾ مقرر سفارتڪارن جي گهر ڀاتين ۽ غير ضروري عملي کي ڪڍڻ جو فيصلو ڪري ورتو.پرڏيهي کاتي جي سينيئر عهديدار موجب سفارتي عملي جي خاندانن کي ايران مان ڪڍيو پيو وڃي ۽ ڪجهه غير ضروري عملو به واپس گهرائي رهيا آهيون.هن چيو ته تهران ۾ پاڪستاني سفارتخانو ۽ قونصل […]
عمران خان عالمي حالتن سبب احتجاجي تحريڪ ملتوي ڪري ڇڏي

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف باني عمران خان عالمي حالتن کي ڏسندي احتجاجي تحريڪ ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.عظميٰ خان ۽ نورين نيازي اڊيالا جيل ۾ ڀاءُ عمران خان سان ملاقات ڪئي.جيل ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي نورين نيازي چيو ته پي ٽي آءِ باني احتجاجي تحريڪ عالمي حالتن سبب ملتوي ڪئي آهي.سندس موجب عمران […]
ايران-اسرائيل ڇڪتاڻ: ٽرمپ جي تهران واسين کي شهر خالي ڪرڻ جي وارننگ، يهودي حملن ۾ 3 ايراني صحافي شهيد

تهران/واشنگٽن/ تل ابيب (ويب ڊيسڪ) وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ خطرناڪ حد تائين وڌي ويئي آهي. جتي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان تهران جي هڪ ڪروڙ شهرين کي ” ترت شهر نيڪالي “جي وارننگ جاري ڪرڻ کانپوءِ ايراني راڄڌاني ۾ زوردار ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا آهن.صورتحال جي سنگيني سبب آمريڪي صدر ٽرمپ ڪئناڊا ۾ جاري […]
”فتنه الهندستان جا آڱرين تي ڳڻڻ جيترا دهشتگرد بلوچستان سان رشتن کي نقصان نٿا پهچائي سگهن“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري ڀارت خلاف آپريشن ۾ پاڪستاني عوام جي ڪردار کي ساراهيندي چيو آهي ته ”آپريشن بنيان مرصوص“ ۾ پاڪستاني عوام خاص طور تي شاگردن اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ ڀارت جي حڪمت عملين کي هميشه لاءِ دفن ڪري ڇڏيو.ڊي جي آءِ ايس پي آر […]