” هڙني مسئلن جو حل ڳالهين ۾ آهي“ وزيراعظم جو پي ٽي آءِ چيئرمين سان مڪالمو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) کي هڪ ڀيرو ٻيهر ڳالهين جي آڇ ڪري ڇڏي.ذريعن موجب، وزيراعظم شهباز شريف قومي اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين سان سان ڳالهه ٻولهه ڪئي.وزيراعظم بئريسٽر گوهر کي چيو ته” پهريان به چيو ۽ وري ورجايان ٿو ته ويهي ڳالهيون ڪريو، ڳالهيون […]
برسات سبب حادثا، 5 ڄڻا فوت، 20 زخمي، ملڪ جي مختلف علائقن ۾ شهري ٻوڏ جو خطرو

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران برسات سبب مختلف حادثا پيش آيا، جن ۾ 5 ڄڻا فوت ۽ 20 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن.ريسڪيو 1122 جي ترجمان موجب، لاهور ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب ٻه ٻار اجل جو شڪار بڻيا، فيصل آباد ۾ ڇت ڪرڻ جي نتيجي 4 ورهين جي نينگري […]
سوات ۾ سول سوسائيٽي جو ڪي پي حڪومت خلاف احتجاج، ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جو مطالبو

سوات (ويب ڊيسڪ) سوات درياهه ۾ آيل ٻوڏ وهڪري ۾ 10 ڄڻن جي فوت ٿيڻ واري افسوسناڪ واقعي بعد اڄ سوات جي نشاط چوڪ تي سول سوسائٽي طرفان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.احتجاج ڪندڙن ضلعي انتظاميا ۽ حڪومت کي واقعي جو ذميوار قرار ڏيندي مطالبو ڪيو آهي ته غفلت ڪندڙن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي […]
سوات سانحو: ڪي پي سرڪار ڊپٽي ڪمشنر کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو

سوات (ويب ڊيسڪ) گذريل ڏينهن سوات درياهه ۾ آيل ٻوڏ وهڪري ۾ 10 ڄڻن جي فوت ٿيڻ کانپوءِ صوبائي حڪومت طرفان ڊپٽي ڪمشنر سوات کي عهدي تان هٽايو ويو آهي.صوبائي سرڪار طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، ڊي سي سوات سان گڏ 18هين گريڊ جي هڪ ٻئي آفيسر کي به واقعي کانپوءِ معطل ڪيو ويو آهي.واضح […]
”ريسڪيو ٽيمون آيون، پر ڪائي مدد نه ڪيائون“ سوات واقعي ۾ بچي ويل شهري جو بيان

سوات (ويب ڊيسڪ) سوات درياهه سانحي جي بچي ويل مردان واسي روح الامين چيو آهي ته ريسڪيو ٽيمون موقعي تي ته پهتيون، پر ڪنهن به قسم جي مدد نه ڪئي.گذريل ڏينهن سوات درياهه ۾ چاڙهه سبب 17 سياح پاڻيءَ جي تيز وهڪري ۾ لڙهي ويا هئا، جن مان چئن ڄڻن کي بچايو ويو، 11 ڄڻن […]
عالمي ٽياڪڙي عدالت جي فيصلي جي آجيان، ڀارت سنڌ طاس ٺاهه هڪ طرفو معطل نه ٿو ڪري سگهي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف سنڌ طاس معاهدي بابت عالمي ٽياڪڙي عدالت طرفان جاري ڪيل فيصلي جي آجيان ڪئي آهي.هڪ بيان ۾ وزيراعظم چيو ته ٽياڪڙي عدالت طرفان جاري ڪيل فيصلي سان پاڪستان جي بيانئي کي هٿي ملي آهي، ڀارت سنڌ طاس معاهدي بابت هڪ طرفو فيصلو نه ٿو ڪري سگهي.هن وڌيڪ چيو […]
ايران جوهري پروگرام شروع ڪيو ته ٻيهر حملو ڪنداسين: آمريڪي صدر

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته جيڪڏهن ايران يورينيم جي افزودگي جي ”ريڊ لائين“ پار ڪئي ته آمريڪا ٻيهر ان تي حملو ڪندو.وائيٽ هائوس ۾ پريس ڪانفرنس دوران هڪ صحافيءَ کائنس پڇيو ته جيڪڏهن ايران يورينيم جي افزودگي کي ان سطح تائين آڻي ٿو، جيڪا اوهان لاءِ ريڊ لائين آهي ته […]
فوج جي پگهارن ۽ الائونسز لاءِ 15 ارب کان وڌيڪ جي گرانٽ منظور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اقتصادي رابطا ڪميٽي هٿياربند فوج جي پگهارن، الائونسز ۽ ٻين رهتن لاءِ بچاءَ واري وزارت کي کي 15 ارب 83 ڪروڙ 90 لک رپين جي گرانٽ ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ معيشت، توانائي ۽ خوراڪ جي تحفظ بابت ڪيئي اهم […]
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 5 ججن ٽرانسفر ڪيس جي فيصلي خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل داخل ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 5 ججن ٽرانسفر ڪيس جي فيصلي خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل داخل ڪري ڇڏي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 5 ججن طرفان وڪيل منير اي ملڪ سپريم ڪورٽ ۾ انٽرا ڪورٽ اپيل داخل ڪئي جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته عدالتي فيصلي ۾ نئين هاءِ ڪورٽ […]
پنجاب:مخالف ڌر جا 26 ميمبر وزيراعليٰ جي تقرير دوران احتجاج ڪرڻ تي معطل

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر 26 مخالف ڌر جي ميمبرن کي 15 سيشنن لاءِ معطل ڪري ڇڏيو آهي ۽ سندن خلاف ريفرنس موڪلڻ جو به اعلان ڪيو آهي.پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر موجب، 26 مخالف ڌر جي ميمبرن خلاف هنگامو، نعريبازي، گوڙ ڪرڻ ۽ دستاويز ڦاڙڻ جي الزامن تحت ڪارروائي عمل ۾ آندي وئي.هن […]