اسان اسرائيلي دهشتگردي خلاف ايران جي مدد ڪئي: اسحاق ڊار

لاهور (ويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان 9 ۽ 10 مئي تي ڀارت کي اهو سبق سيکاريو، جيڪو سدائين ياد رکيو ويندو.لاهور ۾ داتا درٻار ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان ڀارت جي جارحيت خلاف ڪامياب ٿيو، دنيا ڀارتي جارحيت خلاف پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو.هن چيو اسان […]
طوفاني برساتن جو الرٽ، برفاني ڇپون ڦاٽڻ جو خطرو

اسلام آباد (م ڊ) موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته ملڪ ۾ چوماسي برساتن جو نئون طاقتور سسٽم سرگرم ٿي رهيو آهي، جيڪو اڄ کان 10 جولاءِ تائين پنجاب، خيبرپختونخوا، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير سميت ڪيترن علائقن کي متاثر ڪري سگهي ٿو. رپورٽ موجب، برساتن سبب پنجاب ۽ بلوچستان جي ڪجهه حصن ۾ ندين نالن […]
مظفر ڳڙهه ۾ مسافر بس ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر، عورتن ۽ ٻارن سوڌو 6 ڄڻا فوت

مظفر ڳڙهه (ويب ڊيسڪ) مظفر ڳڙهه ۾ تيز رفتار ٽرالر ۽ بس ۾ ٽڪر ۾ 6 ڄڻا مارجي ويا.حادثو مظفر ڳڙهه جي علائقي لنگر سرائي ۾ پيش آيو، جتي علي پور کان لاهور ويندڙ مسافر بس ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر ٿي پيو.ريسڪيو ذريعن موجب حادثي جو اطلاع ملڻ تي امدادي ڪارروائيون شروع ڪيون ويون ۽ […]
سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 10 سيڪڙو واڌ ۽ 30 سيڪڙو الائونس جو نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 10 سيڪڙو واڌ ۽ 30 سيڪڙو ڊسپيريٽي الائونس ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پگهارن ۾ واڌ پهرين جولاءِ 2025 کان لاڳو ڪئي وئي آهي.نوٽيفڪيشن موجب وفاقي حڪومت هٿياربند فوج جي ملازمن، سول آرمڊ فورسز ۽ سڀني […]
اهو نه پڇو ته ملڪ توهان لاءِ ڇا ڪيو،اهو پڇو ته مون ملڪ لاءِ ڇا ڪيو آهي:ڪيپٽن ايمان دراني

لاهور/اسلام آباد(عمران شفقت)پاڪ فوج جي ڪيپٽن ايمان دراني جي وڊيو اڄڪلهه وائرل آهي،اها نوجوانن کي خطاب ڪندي چئي رهي آهي ته مان اهو نٿي چوان ته پاڪ فوج جيڪو ڪري رهي آهي اهو ٺيڪ ڪري رهي آهي پر مان چوان ٿي ته پاڪستاني فوج جيڪو فيصلو ڪندي آهي اهو ملڪ جي وسيع تر مفاد ۾ […]
خواجا آصف پنهنجي ئي پارٽي کي هائبرڊ نظام جا مهڻا پيو ڏي: حنيف عباسي

اسلام آباد(م ڊ) ريلوي واري وزير حنيف عباسي چيو آهي ته خواجا آصف عمر ۾ مون کان وڏو آهي، ساڻس نه آئيڊيل لاڳاپا رهيا آهن نه وري آهن، خواجا آصف سان ٻين ماڻهن جي ناراض هجڻ جي مون کي خبر ناهي، خواجا آصف پارٽي جو سينئر اڳواڻ آهي، پنهنجي ئي پارٽي کي هائبرڊ نظام جو […]
موجودا عدليا ۽ اسٽيبلشمينٽ ورثي ۾ مليل هائبرڊ نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻايو؟

اسلام آباد(ابصار عالم)”عوامي مفاد“ جو اختيار اسٽيبلشمينٽ حوالي ڪنهن ڪيو؟اهو اختيار آرمي حوالي ڪرڻ لاءِ ججن،جنرلن ۽ صحافين فيصلو ڪيو ته هڪ ٽين سياسي قوت کي ميدان ۾ آڻڻ گھرجي،ان لاءِ سڀ کان پهرين طاهر القادري کي ڪئناڊا مان گهرايو ويو،انٽيليجنس ايجنسين ڪرپشن جو پئسو هلائي قادري کان ڌرڻو هڻرايو، ان ڌرڻي کانپوءِ يوسف رضا […]
پ پ حڪومت ۾ شامل ٿئي يا عوام وٽ وڃي: يوسف رضا گيلاني

اسلام آباد(م ڊ) پ پ جي سينيئر اڳواڻ ۽ سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته، مون پارٽي کي تجويز ڏني آهي ته يا ته حڪومت ۾ شامل ٿيو يا وري الڳ ٿي ڪري سڌو عوام وٽ وڃو، پر ان حوالي سان فيصلو ڪرڻ جو اختيار سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي وٽ ئي آهي، ڊان […]
پاڪستان کي ابراهيمي معاهدي بابت عرب ملڪن سان گڏ هلڻ گهرجي: راڻا ثناءُ الله

اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته پاڪستان کي ابراهيمي معاهدي بابت عرب ملڪن سان گڏ هلڻ گهرجي، هن وقت تائين هن معاملي تي نه ته پارٽي ۽ نه ئي حڪومت پاران ڪا راءِ قائم ڪئي وئي آهي ۽ نه ئي هي معاملو اڃا تائين بحث هيٺ […]