شهيد ڀاءُ جي بيواهه کي ڏيرن مالي امداد نه ڏيڻ عدت مان نڪرندي ئي ماري ڇڏيو

ميانوالي (ويب ڊيسڪ) ميانوالي ۾ ڏيرن پنهنجي بيواهه ڀاڄائي کي گهٽو ڏئي قتل ڪري ڇڏيو، مقتولا جو مڙس قلات ۾ دهشتگردن سان وڙهندي شهيد ٿي ويو هو، جوابدارن بيواهه کي ملندڙ امداد کسڻ چاهي.پوليس موجب شهيد ايف سي سپاهي عطاءُ الله شاهه جا ٽي ڀائر رهتن ۽ مالي فائدن جي رقم حاصل ڪرڻ لاءِ بيواهه […]
اليڪشن ڪميشن مخصوص سيٽن جي ورڇ بابت فيصلو محفوظ ڪري ورتو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اليڪشن ڪميشن مخصوص نشستن جي ورڇ بابت ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو .چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ 4 رڪني بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران جمعيت علماءِ اسلام ۽ مسلم ليگ (ن) جا وڪيل اليڪشن ڪميشن آڏو پيش ٿيا ۽ پنهنجا دليل ڏنا.ٻڌڻي دوران مسلم ليگ (ن) […]
ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ تيل اگهن ۾ ڪيتري واڌ ٿيندي؟ عوام لاءِ پريشاني جي خبر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي اگهن ۾ واڌ جو رجحان برقرار آهي، جنهن سبب پاڪستان ۾ به ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽرول ۽ ڊيزل مهانگو ٿيڻ جو امڪان آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته پيٽرول جي قيمت ۾ 6 رپيا 60 پئسا، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 5 رپيا […]
وياج شرح ۾ گهٽتائي بابت ناڻي واري وزير وڏو بيان ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناڻي وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته منهنجي راءِ ۾ وياج جي شرح ۾ گهٽتائي جي گنجائش موجود آهي، پر ان بابت حتمي فيصلو اسٽيٽ بئنڪ ئي ڪندي.ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير ناڻي چيو ته حڪومت جي معاشي قدمن سبب معيشت هاڻ استحڪام طرف وڌي رهي آهي، اسان معاشي […]
مخالف ڌر جو حق تسليم ڪيو، هاڻي هائوس جي حرمت بابت سڀ ڪجهه لکت ۾ طئي ٿيندو:ملڪ احمد خان

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ملڪ احمد خان چيو آهي ته اسان مخالف ڌر جو حق تسليم ڪيو آهي، هاڻ ايوان جي حرمت بابت جيڪو به فيصلو ٿيندو اهو لکت ۾ ٿيندو.لاهور ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي ملڪ احمد خان چيو ته اسپيڪر جو ڪم هوندو آهي ته هو سوال […]
90 ڏينهن جي تحريڪ شروع ٿي چڪي آهي، آر يا پار ٿيندو: علي امين گنڊاپور

لاهور (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ 90 ڏينهن جي تحريڪ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته اسان ان تحريڪ ۾ آر يا پار ڪنداسين، حڪومت ۾ رهون يا نه رهون فرق نٿو پئي پر ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڃي عوام کي متحرڪ ڪنداسين.لاهور ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي وڏي […]
پي ٽي آءِ 5 قومي اسيمبلي ميمبرن کي پارٽي مان ڪڍي ڇڏيو، نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف 26هين آئيني ترميم جي حق ۾ ووٽ ڏيندڙ 5 قومي اسيمبلي ميمبرن کي پارٽي مان ڪڍي ڇڏيو.پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر موجب اهو فيصلو آئين ۽ جماعتي پاليسي کان ڦرڻ تي ڪيو ويو.جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پارٽي پاليسي جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ميمبرن اورنگزيب کچي، مبارڪ زيب خان، عثمان […]
ٽرمپ جي ٽياڪڙي جي تجويز امن جو در کوليو، ڀارت جو انڪار جنگي ذهنيت جو ثبوت آهي: محسن نقوي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽياڪڙِي جي آڇ امن جو دروازو کوليو پر ڀارت جو انڪار ان جي جنگي ذهنيت جو ثبوت آهي.ڪشمير جي شهيدن جي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ محسن نقوي چيو ته 13 جولاءِ 1931 ۾ پنهنجي رت جو نذرانو […]
ايف سي کي سڄي ملڪ جي وفاقي فورس ۾ تبديل ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت فرنٽيئر ڪانسٽيبلري کي سڄي ملڪ جي فيڊرل فورس ۾ تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.ذريعن موجب ان فيصلي تي عملدرآمد لاءِ وفاقي ڪابينا طرفان فرنٽيئر ڪانسٽيبلري ايڪٽ 1915 ۾ ترميمن جي منظوري کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ ايف سي جو دائرو وڌائڻ لاءِ هڪ آرڊيننس جاري ڪيو ويندو.ذريعن جو چوڻ […]
جونيئر ذوالفقار نئين سياسي جماعت ٺاهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي فرزند ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر نئين سياسي جماعت ٺاهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.لاهور پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر چيو ته مان هڪ نئين سياسي جماعت ٺاهي رهيو آهيان، جنهن جو باقاعده اعلان جلد ڪيو ويندو.هن چيو ته اٽي، لٽي ۽ اجهي جو […]