ملڪ ۾ اڄ کان شديد برساتن جي اڳڪٿي، موسميات کاتي خبردار ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ اڄ کان وڌيڪ برساتن جو امڪان،موسميات کاتي خبردارڪري ڇڏيو،خيبرپختونخوا ۽ پنجاب جي مختلف شهرن ۾ برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته ندي نالن ۾ چاڙهه ۽ هيٺيانهين علائقن ۾ پاڻي ڀرجي وڃڻ جو خطرو پڻ ظاهر ڪيو ويو آهي.موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته بلوچستان ۾ 29 کان 31 […]
پنڊيءَ ۾ غيرت جي نالي تي عورت قتل: مقتولا جي قبر ڪشائي ۽ پوسٽ مارٽم وارو عمل مڪمل

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي ۾ غيرت جي نالي تي قتل ڪيل عورت جي قبرڪشائي ۽ پوسٽ مارٽم جو عمل مڪمل ڪيو ويو.جرگي جي حڪم تي پرڻيل عورت کي قتل ڪرڻ واري ڪيس ۾ عدالتي حڪم تحت مقتولا جي قبرڪشائي جو عمل مڪمل ڪيو ويو، مقامي مئجسٽريٽ قمر عباس تارڙ جي نگراني ۾ قبرڪشائي ۽ لاش […]
پنج آگسٽ تي احتجاج جي اجازت نه ملڻ جي صورت ۾ پي ٽي آءِ جو پلان بي سامهون اچي ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ) 5 آگسٽ تي احتجاج جي اجازت نه ملڻ جي صورت ۾ پي ٽي آءِ جو پلان بي سامهون اچي ويو.ذريعن موجب، پي ٽي آءِ قيادت طرفان وڏي احتجاج يا جلسي جي اجازت نه ملڻ تي تڪن ۾ احتجاج جي رٿابندي ڪئي پئي وڃي.ذريعن موجب، تحريڪ انصاف پنج آگسٽ تي پنجاب جي هر […]
ڀارت ” آپريشن سندور“ ۾ ذلت جوڳي ناڪاميءَ بعد بوکلائجي ويو، ” آپريشن مهاديو“ جي نالي سان جڙتو مقابلا شروع ڪري ڇڏيا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ”آپريشن سندور“ جي ناڪامي لڪائڻ لاءِ ڀارت ”آپريشن مهاديو“ جي نالي سان ٻيهر جڙتو مقابلا شروع ڪري ڇڏيا آهن.سيڪيورٽي ذريعن موجب، ”آپريشن مهان ديو“ جي نالي سان غير قانوني ۽ زوريءَ حراست ۾ رکيل معصوم پاڪستانين کي ڪوڙن انڪائونٽرز ۾ استعمال ڪرڻ جو ڀارت جو ناپاڪ منصوبو وائکو ٿي ويو آهي.ڀارت ”آپريشن […]
چلاس ۾ ٻوڏ وهڪري ۾ لُڙهي ويل 15 ڄڻا اڃا تائين گم، سرچ آپريشن جاري

گلگت (ويب ڊيسڪ) گلگت بلتستان حڪومت تصديق ڪئي آهي ته 21 جولاءِ تي چلاس ۾ آيل ٻوڏ وهڪري ۾ لُڙهي ويل مان 15 ماڻهو اڃا تائين لاپتا آهن.جاري ڪيل بيان ۾ حڪومت جو چوڻ آهي ته ٻوڏ وهڪري ۾ لُڙهي ويل ۾ نجي ٽي وي جي اينڪر شبانه لياقت ۽ سندس گهرڀارتي پڻ شامل آهن. […]
اسلام آباد ۾ ريجنل چيفس آف ڊفينس اسٽاف ڪانفرنس، عسڪري سهڪار جي ضرورت وڌي وئي آهي: فيلڊ مارشل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ ريجنل چيفس آف ڊفينس اسٽاف ڪانفرنس رٿي وئي، جنهن ۾ آمريڪا، قازقستان، ڪرغزستان، تاجڪستان ۽ ازبڪستان جي سينيئر عسڪري قيادت شرڪت ڪئي.آءِ ايس پي آر موجب اهو تاريخي اجلاس خطي ۾ سيڪيورٽي سهڪار ۽ عسڪري سفارتڪاري کي هٿي ڏيڻ ڏانهن هڪ اهم اڳڀرائي آهي.لاڳاپن کي مضبوط، امن کي […]
اسحاق ڊار، عافيا صديقي ڪيس بابت بيان جي وضاحت ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ڊاڪٽر عافيا صديقي ڪيس بابت پنهنجي بيان جي وضاحت ڪري ڇڏي.پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اسحاق ڊار چيو ته منهنجي گذريل ڏينهن جي بيان کي حقيقت کان هٽي پيش ڪيو پيو وڃي، ن ليگ جي حڪومتن ۾ اسان سدائين ڊاڪٽر عافيا صديقي جي آزادي لاءِ سموري سفارتي ۽ عدالتي […]
خضدار مان 3 ڄڻن جا گوليون لڳل لاش هٿ

خضدار (ويب ڊيسڪ) خضدار مان ٽي ڄڻن جا لاش هٿ آيا آهن، جن کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو.خضدار پوليس موجب ٽئي لاش ايم ايٽ شاهراهه سورگز وٽان مليا، مقتولن ۾ عبدالمجيد، عبدالرحمان ۽ ممتاز شامل آهن، جن کي فائرنگ ڪري ماريو ويو.پوليس ريسڪيو ذريعي لاش اسپتال منتقل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي.
پاڪستان آمريڪي جنرل مائيڪل ڪوريلا کي نشانِ امتياز سان نوازي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري پاران آمريڪي جنرل مائيڪل اي ڪوريلا کي نشانِ امتياز (ملٽري) سان نوازيو ويو.آءِ ايس پي آر موجب آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ جي سربراهه جنرل مائيڪل ڪوريلا کي علاقائي سلامتي ۽ دفاعي لاڳاپن ۾ شاندار خدمتن جي اعتراف طور نشانِ امتياز (ملٽري) جو اعزاز ڏنو ويو.اِهو اعزاز ڏيڻ جي […]
صدر آصف علي زرداري 70 ورهين جو ٿي ويو، سياسي اڳواڻن طرفان مبارڪباد ۽ نيڪ خواهشن جا پيغام

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري 70 سالن جو ٿي ويو، سياسي اڳواڻن طرفان سالگرهه جي موقعي تي صدر آصف زرداري کي مبارڪباد ۽ نيڪ خواهشن جا پيغام وصول ٿي رهيا آهن.بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي صدر آصف زرداري کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته سندس جمهوريت لاءِ ڏنل قربانيون وسارڻ […]