پي ٽي آءِ باني جو منصوبو اسلام آباد ۾ ماڻهو مارائڻ آهي: خواجا آصف
سيالڪوٽ (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني جو منصوبو اسلام آباد ۾ ماڻهو مارائڻ آهي.سيالڪوٽ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته علي امين گنڊاپور پي ٽي آءِ باني جي هدايتن تي هلي رهيو آهي، جيڪڏهن ڪو ڪاهه ڪندو ته ان کي سختي سان منهن ڏنو […]
بشريٰ بي بي جو 24 نومبر جي احتجاج ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو اعلان
پشاور (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي 24 نومبر جي احتجاج ۾ شريڪ نه ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.بشريٰ بي بي جي ترجمان مشعال يوسفزئي چيو ته عمران خان جي گهرواري طبعيت ۾ خرابي سبب احتجاج ۾ شريڪ نه ٿيندي.ذريعن موجب بشريٰ بي بي پهرين نومبر کان سياسي […]
پنجاب ۾ قلم 144 لاڳو، جلسن، ريلين ۽ ڌرڻن تي بندش
لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت صوبي ۾ قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو، جنهن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.پنجاب حڪومت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، صوبي ۾ هر قسم جي احتجاج، جلسي، جلوس، ريلين، ڌرڻن ۽ اهڙي قسم جي ٻين سرگرمين تي بندش هوندي.نوٽيفڪيشن موجب، پابندي ڇنڇر 23 نومبر کان سومر 25 نومبر تائين […]
بشريٰ بي بي جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري، گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم
راولپنڊي (ويب ڊيسڪ ) 190 ملين پائونڊ ريفرنس ۾ عدالت اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد رانا 8 ٻڌڻين کان مسلسل غيرحاضري تي بشريٰ بي بي جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا.بشري بي بي […]
پي ٽي آءِ جو احتجاج، سنڌ پوليس جا 13 سئو کان وڌيڪ اهلڪار اسلام آباد طلب
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) حڪومت، پي ٽي آءِ جي 24 نومبر تي اسلام آباد ۾ امڪاني احتجاج خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو ڪري ورتو.تحريڪ انصاف طرفان 24 نومبر تي اعلانيل احتجاج خلاف حڪومت ڪريڪ ڊائون جو فيصلو ڪري ورتو، جنهن لاءِ سنڌ پوليس جا 13 سئو کان وڌيڪ تربيت هيٺ اهلڪار خاص ٽرين ذريعي […]
اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ نئون رڪارڊ، 100 انڊيڪس 99 هزار جي حد پار ڪري ورتي
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي جو رجحان برقرار آهي ۽ هڪ ٻي تاريخ رقم ٿي وئي، هنڊريڊ انڊيڪس 99 هزار پوائنٽس جي نفسياتي حد به پار ڪري ورتي.ڪاروباري هفتي جي آخري ڏينهن پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ڪاروبار جي شروعات هاڪاري انداز ۾ ٿي.اسٽاڪ ايڪسچينج جي هنڊريڊ انڊيڪس 2 هزار کان وڌيڪ پوائنٽس […]
بشريٰ بي بي جو سعودي قيادت بابت بيان، اڳوڻي آرمي چيف خاموشي ٽوڙي ڇڏي
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي آرمي چيف جنرل (ر) قمر جاويد باجوا، عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي جي الزام کي ڪوڙ ۽ بي بيناد قرار ڏئي ڇڏيو.گذريل ڏينهن پي ٽي آءِ باني عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي دعويٰ ڪئي هئي ته عمران خان جڏهن مديني پيرين اُگهاڙي ويو ۽ واپس […]
پي ٽي آءِ پاران احتجاج لاءِ خاص ” جهادي “ اسڪواڊ تيار، ڪهڙي ذميواري هوندي؟
پشاور (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف 24 نومبر واري اعلانيل احتجاج لاءِ خاص اسڪواڊ تيار ڪري ورتي.ذريعن موجب، خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور، پي ٽي آءِ پشاور جي اجلاس ۾ اسڪواڊ کي جهادي قرار ڏنو هو، اسڪواڊ ۾ پي ٽي آءِ يوٿ ونگ جا نوَ هزار ڪارڪن شامل هوندا.ذريعن جو چوڻ آهي […]
عمران آزاديءَ جي اميد نه رکي، سندس مشڪل وڌڻ واري آهي: فيصل واوڊا
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وفاقي وزير سينيٽر فيصل واوڊا دعويٰ ڪئي آهي ته آزاديءَ بدران پي ٽي آءِ باني جي ڏکيائين ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو.نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي فيصل واوڊا چيو ته پي ٽي آءِ باني جي آزادي جي اميد نه رکو، آزادي بدران سندس مشڪل ۾ وڌيڪ اضافو […]
گنڊاپور سان ڳالهين لاءِ رابطو ٿيو آهي، اسد قيصر تصديق ڪري ڇڏي
صوابي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر، علي امين گنڊاپور سان ڳالهين لاءِ رابطي جي تصديق ڪري ڇڏي.صوابي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اسد قيصر چيو ته 24 نومبر واري احتجاج لاءِ هنن حڪمت عملي تبديل ڪئي آهي، پشاور، مردان، چارسده ۽ نوشهرا جا ڪارڪن صوابي کان اسلام […]
