” مطالبا نه مڃيا ويا ته سول نافرماني جي تحريڪ، بائيڪاٽ مهم هلائي ويندي“ عمران جو پيغام
راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان سياسي قيدين جي آزادي ۽ نوَ مئي ۽ 26 نومبر وارن واقعن جي شفاف جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته مطالبو نه مڃڻ جي صورت ۾ 14 ڊسمبر کان سول نافرماني جي تحريڪ ۽ بائيڪاٽ مهم شروع ڪئي ويندي.سماجي رابطن جي ويب سائيٽ […]
منصور شاهه جو چيف جسٽس کي خط:26آئيني ترميم خلاف درخواستن جي فيصلي تائين جڊيشل ڪميشن جو اجلاس ملتوي ڪرڻ جي تجويز
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس منصور علي شاهه چيف جسٽس پاڪستان يحيٰ آفريدي کي 26 هين آئيني ترميم خلاف درخواستن جو فيصلو ٿيڻ تائين جڊيشل ڪميشن جو اجلاس ملتوي ڪرڻ جي تجويز پيش ڪري ڇڏي.جسٽس منصور علي شاهه چيف جسٽس جي نالي خط ۾ 26 هين آئيني ترميم خلاف […]
توشاخانا ٽو ڪيس: بشري بي بي جا گرفتاري وارنٽ جاري
راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي جي مقامي عدالت توشا خانا ٽو ڪيس ۾ عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.راولپنڊي جي سينٽرل جج شاهه رخ ارجمند اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي خلاف توشا خانا ٽو ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.عدالت مسلسل […]
شام جي صورتحال تي ڳڻتي آهي: پاڪستان
اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو آهي ته وزيراعظم رياض سمٽ ۾ پاڻي بابت مسئلن جو حل پيش ڪيو، سعودي عرب جي دوري دوران شهباز شريف ولي عهد محمد بن سلمان سان ملاقات ڪئي.اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي ممتاز زهرا بلوچ چيو ته علائقائي استحڪام لاءِ […]
صدر مدرسا رجسٽريشن بل اعتراض لڳائي واپس موڪلي ڇڏيو
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري مدرسن جي رجسٽريشن وارو بل اعتراض لڳائي واپس موڪلي ڇڏيو.قومي اسيمبلي جي ذريعن موجب، مدرسن جي رجسٽريشن وارو بل صدر ڪجهه ڏينهن اڳ اعتراض لڳائي واپس اُماڻي ڇڏيو آهي ۽ صدر جي بل واپس موڪلڻ بعد حڪومت پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس سڏائڻ تي غور ڪري رهي آهي […]
پي آءِ اي خانگائڻ وارو مامرو، سپريم ڪورٽ مان وڏي خبر اچي وئي
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي آئيني بئنچ قومي ايئر لائين جي نجڪاري روڪڻ وارو حڪم واپس وٺي ڇڏيو.جسٽس امين الدين جي سربراهي ۾ آئيني بئنچ قومي ايئر لائين کي خانگائڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته سپريم ڪورٽ قومي ايئر لائين انتظاميا کي نوان پروفيشنلز ڀرتي ڪرڻ جي […]
جي ايڇ ڪيو حملو ڪيس: عمر ايوب جي بريت بابت درخواست، عدالت مان اهم خبر اچي وئي
راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي ايڇ ڪيو تي حملي واري ڪيس ۾ اپوزيشن ليڊر عمر ايوب جي درخواست خارج ڪري ڇڏي.راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج امجد علي شاهه تحريڪِ انصاف جي اڳواڻ عمر ايوب جي خلاف جي ايڇ ڪيو تي حملي واري ڪيس ۾ بريت جي درخواست تي ٻڌڻي […]
روس کان ڪچو تيل خريدڻ وارو معاملو، پيٽروليم واري وزير اهم بيان ڏئي ڇڏيو
اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پيٽروليم واري وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ روس سان ڪٿي تيل واري معاهدي بابت خبرون رد ڪندي چيو آهي ته ماسڪو سان اهڙي ڪا به ڊيل ناهي ٿي رهي.اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مصديق ملڪ جو چوڻ هو ته روس سان ڪچي تيل بابت معاهدي جون خبرون غلط آهن، روس سان ڪنهن […]
”پنهنجي ئي آرڊر جو پاڻ شڪار بڻجي ويس، پي ٽي آءِ وارن غلط ڪيو ته حڪومت به غلط ئي ڪيو“
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس وفاقي راڄڌاني جي انتظاميا تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي عدالت اوهان کي چيو ته شهرين، واپارين ۽ مظاهرين جي بنيادي حقن جو خيال رکو، اوهان کي امن امان بحال ڪرڻو هو پر اوهان پورو شهر ئي بند ڪري ڇڏيو.24 نومبر جي پي […]
عظميٰ بخاري جي گاڏي حادثي جو شڪار
لاهور (ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي سڌ سماءُ واري وزير عظميٰ بخاري جي گاڏي ڪئنال روڊ وٽ حادثي جو شڪار ٿي وئي.ميڊيا رپورٽس موجب، پنجاب جي سڌ سماءُ واري وزير عظميٰ بخاري پنجاب يونيورسٽي ۾ هونهار اسڪالرشپ پروگرام ۾ شرڪت لاءِ وڃي رهي هئي ته رستي ۾ سندس گاڏيءَ سان حادثو پيش آيو.رپورٽس موجب، عظميٰ […]
