”عمران خان جو ملٽري ٽرائل ٿيو ته اهو عالمي مسئلو بڻجي ويندو“
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته جيڪڏھن پي ٽي آءِ باني جو ملٽري ڪورٽ ۾ ٽرائل ڪيو ويو ته اهو عالمي مسئلو بڻجي ويندو.نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته حڪومت سمجهي ٿي ته پي ٽي آءِ جو اسٽريٽ پاور ختم ٿي ويو آهي، […]
ملڪيت جي فراڊ جو خاتمو، تحرير ٿيل اسٽامپ پيپر جاري ڪرڻ جو فيصلو
لاهور (ويب ڊيسڪ) سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو پنجاب نبيل جاويد چوڌري جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته بورڊ آف روينيو پنجاب کي جديد دور جي گهرجن کان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ آءِ ٽي جي 14 منصوبن تي تيزي سان ڪم جاري آهي.ريئل اسٽيٽ سيڪٽر ۾ مني لانڊرنگ جي روڪٿام لاءِ سڌارا […]
چئن مهينن ۾ گيس ساڍا 800 سيڪڙو مهانگي ٿيڻ جو انڪشاف
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي ڳڻپ کاتي رڳو چئن مهينن ۾ گيس جي قيمت ۾ ساڍا 800 سيڪڙو واڌ جو انڪشاف ڪيو آهي.ڊپٽي اسپيڪر غلام مصطفيٰ شاهه جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي اجلاس ۾ عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ واڌ جا تفصيل پيش ڪيا ويا.ڳڻپ کاتي ٻڌايو ته گذريل 5 سالن دوران کنڊ […]
جناح هائوس حملو: حسان نيازي جي ڀيڻ ڏوهي ۽ 8 ڪارڪن بي ڏوهه قرار
لاهور (ويب ڊيسڪ) جناح هائوس حملي ڪيس جي جي آءِ ٽي 8 پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي بي ڏوهه ۽ حسان نيازي جي ڀيڻ کي ڏوهي قرار ڏئي ڇڏيو.لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج منظر علي گل جناح هائوس حملي ۽ ڀڃ ڊاهه جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ عدالت کي ٻڌايو ويو […]
عمران خان کي اقتدار ۾ آڻڻ جو مک ڪردار جنرل فيض هو: خواجا آصف
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته عمران خان کي اقتدار ۾ آڻڻ جو مک ڪردار جنرل فيض هو، اها پارٽنرشپ 9 مئي ۾ به هلي ۽ ان کانپوءِ به هلندي رهي، ڪو انڪار ٿو ڪري ته ثبوت موجود آهن.پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته عمران […]
پي ٽي آءِ چيئرمين جو 9 مئي واقعن تي ڪميشن ٺاهڻ جو مطالبو
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ چيئرمين بئرسٽر گوهر چيو آهي ته اسان جي ماڻهن سان زيادتي ٿي، گوليون هلايون ويون، اسان کي ٻيهر روڊن تي اچڻ تي مجبور نه ڪيو وڃي.قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي بئرسٽر گوهر چيو ته عوام جو روڊن تي احتجاج جمهوريت جو حصو آهي، اسان جي ماڻهن […]
موبائل فون واهپيدارن کان 338 ارب رپيا ايڊوانس ٽيڪس وصولي جو انڪشاف
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وزارت موبائل فون واهپيدارن کان 5 سالن دوران 3 کرب 38 ارب رپيا ٽيڪس وصولي جو انڪشاف ڪري ڇڏيو.ڊپٽي اسپيڪر غلام مصطفيٰ شاهه جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي اجلاس ۾ موبائل فون واهپيدارن کان ٽيڪس وصولي جا تفصيل پيش ڪيا ويا.ناڻي واري وزارت ٻڌايو ته گذريل 5 سالن دوران […]
سول نافرماني جو سڏ ملڪ دشمني آهي، اسلام آباد تي چڙهائي ڪندڙن کي نه ڇڏينداسين: وزيراعظم
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف سول نافرماني جي سڏ کي ملڪ دشمني قرار ڏئي ڇڏيو.وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سياسي استحڪام پاڪستان جي معاشي استحڪام لاءِ اهم آهي، آذربائيجان جي پاڪستان ۾ ٻه ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري آهي، هفتيوار مهانگائي جي شرح گهٽجي 3.5 سيڪڙو تي اچي وئي […]
9 مئي واقعن جي عدالتي جاچ لاءِ عمران خان جي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ 9 مئي واقعن جي جاچ لاءِ جڊيشل ڪميشن جوڙڻ جي عمران خان جي درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتو.سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ 9 مئي واقعن جي عدالتي جاچ لاءِ عمران خان جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته درخواست عوامي اهميت جي ناهي […]
عمران خان کي فوجي تحويل ۾ وٺڻ تي حيراني نه ٿيندي: فيصل واوڊا
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽر فيصل واوڊا چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني کي فوجي تحويل ۾ وٺڻ تي حيراني نه ٿيندي، فيض حميد تي چارج شيٽ سان ثابت ٿي ويو ته ڪير به قانون کان نٿو بچي سگهي.پنهنجي بيان ۾ فيصل واوڊا چيو ته مان اڳ ئي ٻڌائي ڇڏيو هو ته پي ٽي […]
