مسواڙ جي رهندڙ ڇوڪريءَ کي ڪيترائي ڀيرا زيادتي جو نشانو بڻائيندڙ گهر جو مالڪ گرفتار
لاهور (ويب ڊيسڪ) مزنگ ۾ پوليس هڪ ڇوڪري سان زيادتي ۽ بليڪ ميل ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.عورت 15 ايمرجنسي هيلپ لائن تي پنهنجي ڌيءُ سان زيادتي جو اطلاع ڏنو هو، جنهن تي ورچوئل وومين پوليس اسٽيشن فوري طور ڪارروائي ڪندي پوليس کي موقعي تي موڪلي ڇڏيو.جاچ موجب متاثر خاتون مسواڙ جي گهر ۾ […]
تحريڪ انصاف جو مشاورت کانپوءِ ٻه مطالبا حڪومت سامهون رکڻ جو فيصلو
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف مشاورت کان پوءِ حڪومت سامهون 2 مطالبا رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ذريعن موجب تحريڪ انصاف جي اڳواڻن جڊيشل ڪميشن ٺاهڻ ۽ قيدين جي آزادي جي مطالبن تي مشاورت ڪئي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته تحريڪ انصاف لکت طور رڳو ٻه مطالبا حڪومتي ٽيم سامهون رکندي، پي ٽي آءِ […]
ڳالهيون ضرور ڪيو ته خبردار ٿو ڪيان ته عمران خان هٿان استعمال نه ٿيو: خواجا آصف
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو قيد ۾ هجي، ڪيسن ۾ ڦاٿل هجي ۽ پوءِ ڳالهين جي چئي ته ان بابت ٿورو غور ڪرڻ گهرجي، ڇو ته اهو ماڻهن کي استعمال ڪندو آهي، ڳالهيون ضرور ڪيو پر خبردار ڪري رهيو آهيان ته استعمال نه ٿيو.لاهور ۾ […]
جسٽس منصور علي شاهه جي نئون جڊيشل سلڪ روٽ ٺاهڻ جي تجويز
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي سينيئر جسٽس منصور علي شاهه چيو آهي ته سي پيڪ پراجيڪيٽ فليگ شپ منصوبو آهي.اسلام آباد ۾ سيمينار کي خطاب ڪندي جسٽس منصور علي شاهه چيو تجويز آهي ته نئون جڊيشل سلڪ روٽ هجڻ گهرجي، جڊيشل سلڪ روٽ ۾ ملڪن کي جوڙيو وڃي.هن چيو ته تڪرارن جو متبادل […]
ڳالهيون ناڪام ٿيون ته ذميوار حڪومت هوندي: شبلي فراز
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيٽر شبلي فراز چيو آهي اهو تاثر غلط آهي ته پي ٽي آءِ باني ڳالهين ۾ رليف گهري رهيو آهي.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شبلي فراز چيو ته پي ٽي آءِ باني اصولي موقف ۽ عوام لاءِ جيل ۾ آهي، اسان جي جدوجهد آئين ۽ قانون […]
غير مسلم مسلمان مائٽ جي ملڪيت مان وراثتي حق نٿو وٺي سگهي: عدالتي فيصلو
لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ مسلمان جي ملڪيت مان غير مسلم کي حصو ڏيڻ جي قانوني تڪتي تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.جسٽس اقبال چوڌري ماتحت عدالت جي حڪم خلاف اپيل تي فيصلو ڏنو، ماتحت عدالت مسلمان جي ملڪيت مان غير مسلم کي حصو نه ڏيڻ جو حڪم جاري ڪيو هو.لاهور هاءِ ڪورٽ ماتحت عدالت جي […]
اهو نٿو ٿي سگهي ته ڳالهين جي آڙ ۾ 9 مئي واقعن کي وساري ڇڏيون: عطاءُ الله تارڙ
وزيرآباد (ويب ڊيسڪ) اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي اهو نٿي ٿي سگهي ته ڳالهين جي آڙ ۾ 9 مئي جهڙن واقعن کي وساري ڇڏيون.وزيرآباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عطاءُ الله تارڙ چيو ته پي ٽي آءِ سان ڳالهيون ڪرڻ چاهيون ٿا، خواهش آهي ته ملڪ ۾ سياسي استحڪام هجي، معيشت مستحڪم […]
بجلي چوري روڪٿام لاءِ جوڳا قدم کنيا وڃن، اوور بلنگ ڪنهن به صورت قبول ناهي: وزيراعظم
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين کي سمارٽ ميٽرز لڳائڻ جو ڪم جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته اوور بلنگ ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، اوور بلنگ ۾ ملوث آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين […]
پي ٽي آءِ وارا ڳالهين لاءِ سنجيدا آهن پر گارين کان ڊڄن ٿا: راڻا ثناءُ الله
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعطم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته پي ٽي آءِ جا ڪجهه ماڻهو ڳالهين لاءِ ايترو ئي سنجيدا آهن جيترو اسان آهيون پر هو اِها ڳالهه کُلي ڪري نٿا ڪري سگهن ڇو ته کين ڊپ آهي ته پنهنجي سوشل ميڊيا تان ايتريون گاريون ملنديون جو ڏچي ۾ پئجي ويندا […]
ڪرم صورتحال بابت ڌرين ۾ امن معاهدو طئه
ڪوهاٽ( ويب ڊيسڪ) ڪرم جي صورتحال بابت ٿيل گرينڊ جرڳي ۾ ڌرين وچ ۾ امن معاهدو طئي ٿي ويو.ذريعن موجب، ڪوهاٽ ۾ ڪرم جي صورتحال بابت جرڳو ٿيو جنهن م ڌرين امن معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن.معاهدي موجب، ٻئي ڌريون ڳرا هٿيار حڪومت کي ڏيڻ تي راضي ٿي ويون آهن، ڪمشنر ڪوهاٽ اڄ جرڳي […]
