”گوادر واسين جا مطالبا مڃڻ بدران دٻاءٌ وڌو پيو وڃي“
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نيشنل پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ سينٽر جان محمد بليدي سينيٽ ۾ خطاب ڪندي چيو ته هڪ مهيني کان گوادر ۾ ڌرڻو هڻي سموريون پارٽيون احتجاج ڪري رهيون آهن. هنن مطالبو ڪيو ته سرحدي واپار ۾ رڪاوٽون هٽايون وڃن. غيرقانوني چيڪ پوسٽون ختم ڪيون وڃن ۽ بلوچ سمنڊ ۾ غير قانوني مڇي مارڻ […]
اي پي ايس حملي وقت ڳٺ جوڙ ۽ آرمي ايڪٽ هوندي فوجي عدالت ۾ ٽرائل ڇو نه ٿيو؟ آئيني بينچ
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سويلينز جي فوجي عدالتن ۾ ٽرائل خلاف اپيلن جي ٻڌڻي دوران آئيني بينچ سوال ڪيو ته اي پي ايس حملي وقت ڳٺ جوڙ ۽ آرمي ايڪٽ موجود هجڻ باوجود فوجي عدالت ۾ ٽرائل ڇو نه ٿيو؟ فوجي عدالت ۾ دهشتگردن جي ٽرائل لاءِ آئين ۾ ترميم ڇو ڪرڻي پئي؟سپريم ڪورٽ جي […]
سڀاڻي کان پيٽرول ۽ ڊيزل ڪيترو مهانگو ٿيندو؟ اهم خبر اچي وئي
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سڀاڻي کان پيٽرول ۽ ڊيزل مهانگو ٿيڻ جو امڪان آهي.16 جنوري کان ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽرول جي قيمت ۾ 3.53 رپيا في ليٽر ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 3.66 رپيا في ليٽر تائين واڌ جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي.پي او ايل جي اگهن ۾ امڪاني واڌ جو سبب […]
پاڪ فوج جو ڀارتي آرمي چيف جي بيان تي سخت ردعمل
راولپنڊي (ويب ديسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان ڀارتي آرمي چيف جي بيان تي سخت ردعمل ڏنو آهي.آءِ ايس پي آر موجب ڀارتي آرمي چيف جو پاڪستان کي دهشتگردي جو مرڪز قرار ڏيڻ حقيقتن جي ابتڙ آهي، جنرل آفيسر والاريل ڪشمير ۾ ڪشميرين تي انتهائي وحشياڻي جبر جي ذاتي طور نگراني ڪئي، ڀارت آرمي چيف جا […]
اليڪٽرڪ گاڏين لاءِ چارجنگ اسٽيشنز تي بجلي سستي ڪرڻ جو اعلان
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف بجلي سان هلندڙ گاڏين کي هٿي ڏيڻ لاءِ چارجنگ اسٽيشنز لاءِ بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ 45 سيڪڙو گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو.وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اليڪٽرڪ گاڏين جي پاليسي بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پاور ڊويزن اختيارين ۽ توانائي بابت وفاقي وزير بريفنگ ڏني.اجلاس […]
ن ليگ جي آفيس ساڙڻ جي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن سميت 31 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو
لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ن ليگ جي آفيس ساڙڻ جي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن سميت 31 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو.لاهور ۾ ن ليگ جي آفيس ساڙڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ارشد جاويد ڪئي.ڊاڪٽر ياسمين راشد، محمود الرشيد، عمر سرفراز، اعجاز چوڌري […]
فتنه الخوارج جي پنجاب ۾ نوجوانن جي آن لائين ڀرتي مهم جو انڪشاف
لاهور (ويب ڊيسڪ ) پابندي مڙهيل تنظيم فتنه الخوارج طرفان پنجاب ۾ نوجوانن جي آن لائين ڀرتي مهم جو انڪشاف ٿيو آهي.صوبي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪامياب ڪارروائي ڪندي وڏو نيٽورڪ پڪڙي ورتو آهي ۽ ڪالعدم تنظيم طرفان نوجوانن جي آن لائين ڀرتين جا تفصيل وزيراعليٰ ڏانهن موڪليا ويا آهن.رپورٽ موجب، دهشتگرد تنظيم گجرانوالا، […]
”9 مئي تي ماڻهن جو ڪور ڪمانڊر هائوس ۾ گهڙڻ سيڪيورٽي ناڪامي آهي، ڪنهن فوجي آفيسر جو ٽرائل ٿيو؟“
اسلام آباد( ويب ڊيسڪ) فوجي عدالتن ۾ عام شهرين جي ٽرائل بابت انٽرا ڪورٽ اپيلن جي ٻڌڻي دوران آئيني بينچ سوال ڪيو ته 9 مئي تي ماڻهن جو ڪور ڪمانڊر هائوس ۾ وڃڻ سيڪيورٽي بريچ آهي، ڇا ان دوران ڪنهن قسم جي مزاحمت ڪئي وئي؟سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ جسٽس امين الدين جي سربراهي ۾ […]
190 ملين پائونڊ ڪيس: سهولتڪار زرداري ڪئي، سزا عمران خان کي ڏني پئي وڃي: عليمه خان
راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان چيو آهي ته 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ سهولتڪاري آصف زرداري ڪئي آهي پر سزا عمران خان کي ڏني پئي وڃي، جيڪڏهن عمران خان سهولتڪاري ڪئي آهي ته ان تي نواز شريف کي به جواب ڏيڻو پوندو.اڊيالا جيل جي ٻاهران ميڊيا سان […]
ڪلاڪ ۾ اُڪلائجندڙ ڪيسن ۾ ججن ورهيه لڳائي ڇڏيا: محسن اختر جا رمارڪس
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني ڪيسن جي ٻڌڻي هيٺ ۽ وقت سر فيصلو نه ٿيڻ تي رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته هڪ ڪلاڪ ۾ حل ٿيڻ واري ڪيس ۾ ججن 10 سال لڳائي ڇڏيا.اسلام آباد جي علائقي ڪرپا ۾ زميني تڪرار بابت جي ٻڌڻي دوران جسٽس محسن […]
