آمريڪي سيڙپڪارن جي وفد پاڪستان ۾ اربين ڊالرن جي سيڙپڪاري جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آمريڪي ارب پتي سيڙپڪارن جي وفد جي سربراهه جينٽري بيچ چيو آهي ته آمريڪا پاڪستان ۾ اربين ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪرڻ چاهي ٿو.اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي جينٽري بيچ چيو ته پاڪستان اچي ڏاڍي خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان، پاڪستان جا ماڻهو گهڻا ذهين ۽ محنتي آهن، ٻنهي ملڪن جا […]
فوجي عدالتن ۾ سويلينز جو ٽرائل، عدالت سوال اٿاري ڇڏيا
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ فوجي عدالتن ۾ سويلينز جي ٽرائل جي ڪيس ۾ مختلف سوال اٿاري ڇڏيا.سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ آئيني بينچ فوجي عدالتن ۾ سويلينز جي ٽرائل خلاف انٽرا ڪورٽ اپيلن تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران بچاءَ واري وزارت جي وڪيل خواجا حارث […]
آئيني بينچ جسٽس منصور شاهه جا 13 ۽ 16 جنوري جا فيصلا واپس وٺي ڇڏيا
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ جسٽس منصور علي شاهه جا 13 ۽ 16 جنوري وارا فيصلا واپس وٺي ڇڏيا.سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ جسٽس امين الدين جي سربراهي ۾ ڪسٽم ريگوليٽر ڊيوٽي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران لاڳاپيل اختياريون ۽ وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا.ٻڌڻي دوران جسٽس امين الدين چيو […]
ايڊيشنل رجسٽرار سپريم ڪورٽ کي بحال ڪيو ويو
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي ايڊيشنل رجسٽرار نذر عباس کي بحال ڪيو ويو.رجسٽرار آفيس نذر عباس جي ايڊيشنل رجسٽرار جڊيشل جي عهدي تي بحالي جو آفيس آرڊر جاري ڪري ڇڏيو.ايڊيشنل رجسٽرار کي آئيني ڪيس ريگولر بينچ ۾ لڳائڻ تي او ايس ڊي بڻايو ويو هو ۽ عدالت طرفان توهين عدالت جو نوٽيس جاري […]
بنون ۾ عورت هڪ ئي وقت 5 ٻارن کي جنم ڏئي ڇڏيو
بنون (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي ضلعي بنون ۾ عورت هڪ ئي وقت 5 ٻارن کي جنم ڏئي ڇڏيو.بنون سٽي جي هڪ نجي ميٽرنٽي هوم ۾ عورت 5 ٻارن کي جنم ڏنو، سرجن ڊاڪٽر وحيدالرحمان موجب عورت 3 پٽ ۽ 2 ڌيئرون ڄڻيون آهن.هن ٻڌايو ته ٻار ۽ ماءُ صحتمند آهن، سندن بهتر علاج ڪيو […]
بنون ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، 3 خارجي مارجي ويا، 9 زخمي
راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي ضلعي بنون ۾ سيڪيورٽي فورسز انٽيليجنس بيسڊ آپريشن دوران 3 خارجي دهشتگردن کي ماري ڇڏيو، جڏهن ته 9 خارجي دهشتگرد زخمي به ٿيا.آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز بنون ضلعي جي علائقي جاني خيل ۾ خارجين جي موجودگي جي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي.پاڪ فوج جي ترجمان ٻڌايو ته […]
خيبر ضلعي ۾ سڪيورٽي فورسز جو آپريشن، چار دهشتگرد ماريا ويا، ٻه گرفتار
خيبر (ويب ڊيسڪ) خيبر ضلعي جي علائقي باغ ۾ سڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران چار دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته 2 دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.آءِ ايس پي آرموجب خيبر ضلعي جي علائقي باغ ۾ سڪيورٽي فورسز جي آپريشن جي نتيجي ۾ دهشتگرد ڪمانڊر عزيز الرحمان عرف قاري اسماعيل ۽ مخلص سميت چار دهشتگرد […]
موريطانيه ٻيڙي حادثي ۾ ملوث انساني سمگلر گرفتار
گوجرانوالا (ويب ڊيسڪ) ايف آءِ اي موريطانيه ٻيڙي حادثي ۾ ملوث انساني سمگلر کي گرفتار ڪري ورتو.ايف آءِ اي موجب، مظفر ڳڙهه ۾ ڪارروائي ڪري موريطانيه ٻيڙي حادثي ۾ ملوث انساني سمگلر عديل احمد کي گرفتار ڪيو ويو.ايف آءِ اي جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار عديل احمد گجرات واسي ريحان کان 40 لک رپيا […]
پي ٽي آءِ باني خيبرپختونخوا جي وڏي وزير کي پارٽي جي صوبائي صدارت تان هٽائي ڇڏيو
راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني عمران خان علي امين گنڊاپور کي پارٽي جي صوبائي صدارت تان هٽائي ڇڏيو.ذريعن موجب، عمران خان خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور کان پارٽي جي صوبائي صدر وارو عهدو واپس وٺي ڇڏيو آهي ۽ سندس جاءِ تي جنيد اڪبر کي پارٽي جو نئون صوبائي صدر مقرر ڪيو […]
شاهد خاقان عباسي جو وفاقي حڪومت بابت وڏو بيان
لنڊن (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته وفاقي حڪومت جي ڪارڪردگي تحريڪ انصاف جي حڪومت کان به بُري آهي.لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته ”عوام پاڪستان“کي زبردست موٽ ملي آهي ، پارٽي جي مقبوليت تيزي سان وڌي رهي آهي.هن وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت جي ڪارڪردگي تحريڪ […]
