ولي بابر قتل ڪيس ۽ انصاف لاءِ ڊگهي جدوجهد
ماريا اسماعيل ڪراچي جي هڪ خانگي چينل جي رپورٽر ولي بابر جو قتل رڳو هڪ فرد جو قتل نه هو، پر اهو پاڪستان ۾ آزادي صحافت تي کليل حملو هو. ولي بابر کي 13 جنوري 2011ع تي ڪراچي جي لياقت آباد واري علائقي ۾ نشانو بڻايو ويو، جتي هو پنهنجي صحافتي ذميوارين جي ادائيگي لاءِ موجود […]
نئين ”عظيم راند“ جو مرڪز بلوچستان ۽ ٽن ملڪن جي سالميت
تحرير: ڪريم نواز موجوده عالمي نظام، جيڪو جمهوريت ۽ آفاقي انساني حقن جي مقدس لباس ۾ ملبوس آهي، هڪ انتهائي پيچيده ۽ ظالمانه تضاد پيش ڪري ٿو. هي نظام، جيڪو واحد طاقت جي زوال پذير ماڊل جي جهٽن ۾ هلندڙ آهي، اهڙو تماشو بيهاري ٿو، جيڪو ماضي جي رت سان لکيل سبقن تي ڄڻ ٺٺوليون ڪري […]
سُهيل آفريدي جو سنڌ جو دورو
تحرير: مجاهد بوزدار پاڪستان جي سياست هن وقت هڪ انتهائي نازڪ مرحلي مان گذري رهي آهي هڪ پاسي احتجاج ڌرڻن جي سياست جو زور ڏسڻ ۾ اچي ٿو جڏهن ته ٻي پاسي انتظامي برداشت، سياسي حڪمتِ عملي ۽ عوامي اميدن وچ ۾ ڇڪتاڻ نمايان نظر اچي ٿي اهڙي سياسي پسمنظر ۾ پاڪستان تحريڪِ انصاف جي مرڪزي […]
مخدوم محمد الزمان طالب الموليٰ جون ساروڻيون
نورسنڌي آئون جڏهن 7 ڪلاس جو شاگرد هئس، ان دور ۾ ريڊيو جو رواج عام هيو، ان وقت ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي مخدوم طالب الموليٰ جا مختلف فنڪارن جي آواز ۾ ڳائيل ڪلامن جي ڌُم هئي ۽ آئون اهي ڪلام شوق سان ٻڌندو هئس۔ مخدوم طالب الموليٰ جا ڪلام ٻڌڻ جي شوق ۾ مون کي پنهنجو […]
نادر خان جماليءَ جو بيگناھ قتل، ڇا ذميوارن کي سزا ملندي؟
جاويد احمد پنهور سنڌ ۾ جڏهن به ڪنهن نوجوان جو رت وهندو آهي، تڏهن اهو رڳو هڪ گهر جو ڏيئو نٿو وسامي، پر پوري سماج جي ضمير تي سوال اڀري اچي ٿو. دادو ضلعي سان تعلق رکندڙ نوجوان ۽ علائقي جو سڃاتل زميندار نادر خان جمالي به اهڙي ئي المناڪ انجام جو شڪار ٿيو، جنهن کي […]
معدني وسيلن جي جنگ ۽ عالمي سياست
شاهد گل سمون دنيا جي تاريخ ۾ معدني وسيلن هميشه قومن جي طاقت، سياست ۽ جنگين جو مرڪز رهيا آهن. سون، تيل، گئس، ڪوئلو، يورينيم، لٿيم، ناياب ڌاتون ۽ ٻيا قدرتي خزانا نه رڳو ملڪن جي معيشت کي هلائين ٿا پر عالمي طاقت جي توازن کي به سنڀالين ٿا. جديد دور ۾ جڏهن صنعتي ترقي، ٽيڪنالاجي، […]
نائين اليون واقعي کان وينزويلا جي صدر جي گرفتاري تائين
تحرير: اياز امير القاعده وارن کان ڪنهن پڇيو ته نيويارڪ جي ٽوئن ٽاورز تي جهاز ٽڪرائي توهان ڪهڙو مقصد حاصل ڪرڻ چاهيو هو؟ ٽي هزار يا ساڍا ٽي هزار ماڻهن جي موت مان ته ڪو به سياسي يا اسٽريٽجڪ مقصد نٿو نڪري. اسامه بن لادن ۽ خالد شيخ محمد جي سوچ ڇا هئي ته اهڙو ڪارنامو […]
جھوڪ جو عوامي انقلاب ۽ موجوده دور ۾ ان جي افاديت
تحرير: گل محمد منگي تاريخ جي مطابق زرعي دور ۽ جاگيرداري نظام اچڻ کانپوءِ دنيا جي اندر صرف ٽي اھڙا عظيم انسان پيدا ٿيا آھن جن پنھنجون جاگيرون غريب ۽ مسڪين ھارين ۾ ورھائي ڇڏيون. اھڙن عظيم انسانن ۾ پھريون نالو سنڌ جي سپوت شاھ عنايت شھيد جو آھي جنھن 1710ع ۾ پھريان ٺٽي شھر ۽ […]
علمي سرمايو: پاڪستان ۽ سنڌ جي صورتحال
تحرير: محمد احسان لغاري ذهني پيداواري صلاحيت جو تصور جديد معاشيات ۾ هاڻي اهو تسليم ڪيو ويو آهي ته ڪنهن ملڪ جي ترقيءَ جو دارومدار رڳو ان جي قدرتي وسيلن، سون، چاندي يا وڏن ڪارخانن تي ناهي، پر ان جي دولت ان ملڪ جي ماڻهن جي ذهنن ۾ لڪل آهي۔ ماڻهن جون فني صلاحيتون، ڄاڻ، […]
پي آءِ اي جي زوال جي پويان اصل سوال
تحرير: پروفيسر رحيم بخش سومرو پي آءِ اي هڪ رياستي ملڪيت وارو ادارو آهي جيڪو وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون ماڻهن جي ٽيڪسن سان قائم ڪن ٿيون. ادارن جي قيام جو مقصد حڪومت لاءِ منافعو پيدا ڪرڻ ۽ خانگي شعبي جي ادارن جي ھڪ ھٽي کي ختم ڪرڻ آهي. ان کان علاوه اهي ادارا ماڻهن کي سستي […]
