ماهرا خان به لابس تي تنقيد ڪندڙن کان بچي نه سگهي، هڪ ٻئي کي ورنديون
لاهور( شوبز نيوز ) سپر اسٽار ماهرا خان ايڊٽ ٿيل وڊيو تي تنقيد ڪندڙ عورت کي دلچسپ جواب ڏيندي لکيو ته هوءَ جيڪو ڪندي آئي آهي، اهو ئي ڪندي رهندي. ماهرا خان ٽوئيٽر تي تنقيد ڪندڙ صحافي ۽ ليکڪ رافعا زڪريا کي جواب ڏيندي لکيو ته پاڻ جيڪو ڪري ٿي اهو ڪندي رهي جڏهن ته اداڪارا کي جيڪو ڪرڻو هوندو اهو ڪندي. رافعا زڪريا هم ايوارڊز جي وائرل وڊيو ۾ ماهرا خان تي تنقيد ڪندي لکيو ته هاڻي اداڪارا اهي چارئي جوڙا ٻوڏ متاثرن کي عطيو ڪندي. هن لکيو ته پاڪستاني اداڪار ٽورنٽو ۾ هم ايوارڊز شو جي نالي تي هڪ ننڍي علائقي ۾ ريڊ ڪارپيٽ تي مشهور شخصيتون ٿيڻ جو ڊرامو ڪري رهيا آهن. هن وڌيڪ لکيو ته ايوارڊ شو ۾ هم ايوارڊز کي ئي فائدو پهتو. ماهرا کيس جواب ڏيندي لکيو ته پاڪستاني شوبز شخصيتون جيڪو ڪجهه به ڪن پر ڪير به ان تي خوش نه ٿيندو. هن چيو ته متاثرن جي مدد سميت ٻيا فلاحي ڪم ڪندي آهي جيڪا ڪندي رهندي. اداڪارا چيو ته کيس ڏيکارڻ لاءِ فلاحي ڪم ڪري سگهي ٿي پر وري تنقيد ٿيندي ته شوبز اداڪار ڏيکاوي لاءِ فلاحي ڪم ڪندا آهن. هن چيو ته تنقيد ڪندڙ پنهنجو ڪم جاري رکن جڏهن ته هوءَ پنهنجو ڪم ڪندي رهندي.
آڪٽوبر 1, 2022