ڪراچي ۾ملي يڪجهتي ڪائونسل جي اڳواڻن ۽ ٽرانسجينڊر اڳواڻن پاران اهم پريس ڪانفرنس
ڪراچي(رپورٽ ثناءُ ﷲ هڪڙو ) ملي يڪجهتي ڪائونسل جي اڳواڻن ۽ ٽرانسجينڊر اڳواڻن طرفان ٽرانسجينڊر بل بابت ڪراچي پريس ڪلب ۾ اھم پريس ڪانفرنس ڪئي وئي،پريس ڪانفرنس ۾ ملي يڪجهتي ڪائونسل سنڌ جو صوبائي صدر اسد الله ڀٽو، جنرل سيڪريٽري قاضي احمد نوراني،ٽرانسجينڊر اڳواڻ شهزادي راءِ ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي، تفصیل موجب پريس
ڪانفرنس ۾ اڳواڻن ٽرانسجينڊر بل بابت پيدا ٿيل صورتحال ۽ بل جي نقطن تي پنهنجي خيالن جو اظھار ڪيو، پريس ڪانفرنس ۾ اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ٽرانسجينڊر ايڪٽ قرآن و سنت کان متصادم آهي، ۽ ان جي موجودھ شڪل قانون فطرت کان سڀ کان وڏي بغاوت جي مترادف هوندو، پاڪستان م مسلمان هرگز اهڙي ڪنهن قانون کي برداشت نه ڪيو ويندو، انهن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته پروٽيڪشن آف رائيٽس آف ٽرانسجينڊر پرسن ايڪٽ – 2018 جي عنوان سان قانون پاس ڪيو ويو آهي، اهو سڌوسنئون ﷲ پاڪ ۽ ان جي رسول صلي الله عليه وسلم جي احڪامن سان بغاوت آهي، جنهن کي پاڪستان جي سڀني مذهبي جماعتون ۽ باشعور ماڻهن مسترد ڪري ڇڏيو آهي، خدانخواستہ ان جي موجودہ شڪل نافذ ڪئي وئي، ته اهوئي خرابيون جنم وٺنديون، جنهن جو اسان تصور به نه ٿا ڪري سگهون، موجوده قانون LGBT هم جنس پرستن کي قانوني تحفظ فراهم ڪيو وڃي ٿو، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي سفارشون جي مطابق هي قانون شريعت ۽ اسلامي احڪامن جي خلاف آهي، آئين پاڪستان جي آرٽيڪل 228 جي مطابق پاڪستان ۾ ڪوئي به غير اسلامي و غير شرعي قانون نافذ نه ڪيو ويندو، اسلام ڪنهن به جنس جي حقن جي لاءِ مخالف ناهي، بلڪي ان جي حقن جو ضامن آهي، اسان به چاهيون ٿا ته اهوئي ماڻهو جيڪي پيدائشي يا حادثاتي طور تي خنثی مشڪل آھين، انهن کي جملا حق ملڻ گهرجن،پر اختياري تبديلي جنس ۽ ان جي آڙ وٺي LGBT جي ايجندي جي تڪميل جي ڪنهن صورت ۾ اجازت نه ڏني ويندي، جن اراڪين اسيمبلي ۽ سينيٽ بلاتحقيق ان قانون جي حمايت ڪئي آهي، ڏٺو وڃي ته ڪافي عرصي کان پاڪستان ۾ قانون سازي ملڪي نظريئي کي ضرورت جي تحت نه بلڪي شخصي نظريئي ۽ NGO’S جي سفارشن تي مبني لگندي آهي، پاڪستان هڪ مشرقي و مذهبي رياست آهي، ۽ هتان جي تهذيب، ۽ تاريخ آهي،ريڪارڊ جي مطابق گزشتہ 3 برس ۾ نادرا کي جنس مٺائين جي تقريبن 29 هزار درخواستون موصول ٿيون، جنهن ۾ 16530 مردن پنهنجي جنس عورت ۾ تبديل ڪرائي جڏهن ته 15154 عورتون پنهنجي جنس مرد مان مٺائي آهي جڏهن ته خواجه سرآ جي مجموعي طور تي صرف 30 هزار درخواستون موصول ٿيون، جنهن ۾ 21 مرد جي طور تي ۽ 9 عورت جي طور تي اندراج جي درخواست ڏني، هنن مطالبو ڪندي چيو آهي ته سينيٽر مشتاق احمد خان جي طرفان جمع ٿيل ترميم ۽ سموري قوم جي مطالبي کي مدنظر رکندي هن قانون کي رد ڪيو وڃي، ۽ پاڪستان قوم کي اضطراب کان بچايو وڃي،ان موقعي تي ٽرانسجينڊر اڳواڻ شهزادي راءِ پهنجي موقف ۾ چيو ته رولس ۾ صاف لکيل آهي ته مرد کي اوهان مائي نه ٿا ڪري سگهو، ن مائي کي اوهان مرد ڪري ٿا سگهو، اسان ايڪس ڪارڊ جي طرف وڃي سگهون ٿا، جيڪي اسان پاڻ آهيون، توهان چيو ته هي LGBT جو بل آهي، معذرت سان توهان بل کي ورائي پڙهو ان ۾ ڪنهن قسم جي گنجائش ئي ناهي، سوشل ميڊيا جون ڳالهيون الگ آهن، توهان نادرا جو ذڪر ڪيو، نادرا جي ڊوڪيومينٽ مون وٽ آهن، نادرا جي ڊوڪيومينٽس ۾ ڪاٿي به ايئن ناهي لکيل، ڪنهن مرد مان مائي جو ڪارڊ ٺهرايو هجي، ۽ مائي مان مرد جو ڪارڊ ٺهرايو هجي، توهان چيو ته ايڪٽ تحت غلط ٿيو آهي، توهان ٻڌايو هتي ڪنهن جو به ميڊيڪل ٿيل آهي، الحمد لله اسان مسلمان آهيون، پاڪستان ۾ ميڊيڪل بورڊ ٺاھڻ جي ڳالھ پئي ڪئي وڃي، اسان وٺ ته اهوئي ٽيسٽ ب موجود ناهين جنهن سان خبر ڪئي وڃي يا ٽيسٽ ٿي سگهي
