ڪشمور ۾ مغوين جي لاءِ ٿيندڙ احتجاج تي حڪومت کي ڌيان ڏيڻ گھرجي

Spread the love

سنڌ صوبي ۾ ھڪ طرف ڌاڙيلن معصوم شھرين جي اغوا وارين وارداتن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آھي تھ وري ٻئي پاسي ملڪ جي عوام جيان شھري پيٽرول، بجلي، اٽي سميت ٻين سمورين عام واھپي جي شين ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافي تي نھ رڳوخودڪشيون ڪري رھيا آھن، پر پنھنجن معصوم ٻارڙن جي وڪري لاءِ مارڪيٽن ۾ ھوڪا ڏئي رھيا آھن. اھڙي حالت ۾ حڪومت جو ڪردار خاموش تماشائي بڻيل آھي.ڌاڙيلن جي ڪاررواين کان تنگ آيل ڪشمور واسين پاران گذريل ڏھاڙي اغوا ٿيل چئن اقليتي مغوين جي بازيابي لاءِ بين الصوبائي سرحد ڊيرا موڙ تي احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو ھنيو ويو، اھڙي ڌرڻي ۾ سول سوسائٽي جي مختلف تنظيمن سميت اقليت طبقي سان تعلق رکندڙ سک برادري ۽ پنجائت جي اڳواڻن شرڪت جي وڏي انگ شرڪت ڪئي، ڌرڻي ۾ اھڙن نعرن جي گونج ھئي تھ سنڌ اندر رھندڙ اقليتي برادري جي ماڻھن کي خاص طور تي نشانو بڻايو پيووڃي. ھتي اھا ڳالھھ بھ واضع ڪرڻ ضروري آھي تھ ميڊيا ۾ رپورٽ ٿيو آھي تھ ڪجھھ ڏھاڙا اڳ ڌاڙيلن پاران بلوچستان جي شھري کي اغوا ڪيو ويو ھو، جنھن جي بدلي وڏيرن ،سردارن، ڀوتارن پاران آيل دٻاءَ تي ڌاڙيلن انھيءَ مغوي کي نھ رڳو آزاد ڪيو پر متاثر ڌر کان معافي وٺڻ لاءِ سنڌ جي نالي واري شخصيت جي اڳواڻي ھيٺ ميڙ منٿ قافلو لاڳاپيل متاثر ڌر وٽ وڃڻ لاءِ روانو ٿيو، اھڙو قافلو ڌرڻي واري ھنڌ تان گذريو پر انھيءَ قافلي ڌرڻي وارن سان يڪجھتي جو اظھار بھ نھ ڪيو، جنھن مان ظاھر ٿئي ٿو تھ سنڌ م عام ماڻھو کان سواءِ اقليتي برادري جي ماڻھن کي ڪنھن سازش تحت تنگ ڪيو پيو وڃي. ريلي ۾ شامل سموريون محب وطن ڌرين جو اھو مطالبو ھو تھ ڪيترائي مھينا گذرڻ بعد پوليس مغوين کي بازياب ناھي ڪرائي سگھي. سندن چٽو موقف آھي تھ حڪومت خاص ڪري صوبي جي پوليس ڪشمور واسين خاص ڪري اقليت ڌر سان تعلق رکندڙ فردن کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام ثابت ٿي آھي ۽ علائقي جا معصوم شھري ڌاڙيلن جي رحم و ڪرم تي آھن. مظاھرين حڪومت کي چتاءُ ڏنو تھ حڪومت ڪچي مان ھٿياربندن جي روپ ۾ موجود خطرناڪ ڌاڙيلن جي خاتمي لاءِ ڀرپور آپريشن ڪري، جيستائين سندن جا مغوي بازياب نه ٿيندا تيستائين علائقي ۾ ڪاروبارکي بند رکيو ويندو. ان سلسلي ۾ ايس ايس پي ڪشمور مظاھرين سان ڳالھيون ڪندي مغوين جي جلد بازيابي جو يقين ڏياريو، اھڙي مامري تي لاڙڪاڻي ۾ مختلف سماجي، سياسي ۽ سڃاڻ ڌرين پاران جاڳرتا ريلي ڪڍي اھو اعلان ڪيو ويو آھي تھ مقامي شھري ڏوھاري ڪاررواين جي حوالي سان لاڙڪاڻي ضلعي کي ڪشمور، ڪنڌ ڪوٽ بڻجڻ نھ ڏيندا. ھتي سوال اھو ٿو پيدا ٿئي تھ سنڌ اندر اغوا رڳو معصوم غريب شھري ٿي رھيا آھن، جڏھن تھ وڏيرن، نوابن، سردارن، ڀوتارن کي اغوا ڇونھ ٿو ڪيو وڃي. اسان ھتي لاڙڪاڻي واسين جي اعلان جي آجيان ڪندي حڪومت کي صلاح ڏينداسين تھ رياست اندر پوليس پاران ھٿ وٺي ڏوھارين کي طاقتورڪيو ويو آھي، انھن ڏوھاريين معصوم شھرين لاءِ ڌرتي کي ٽامڻي بنائي ڇڏيو آھي، ان ڪري اھڙي ڪڌي ڪم ۾ ملوث ڏوھارين ۽ انھن جي سھولتڪارن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.

سيپٽمبر 6, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو