ملير: علائقي واسين پاران فحش حرڪتون ڪندڙ جوابدار خلاف ڪارروائي جي اپيل
ملير (ذوالفقار علي نصيراڻي) گهگهر BISP ويڊيو اسڪينڊل ڪجهه ڏينهن پهريان ڀائي جان عرف شير محمد ٻرڙو اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي ايس ايڇ او نند لال ۽ يوسي گهگهر جي چيئرمين حاجي اڪبر ڪلمتي، وائس چيئرمين ستار جوکيو، ڪائونسلر غلام رسول ڪلمتي، سينئر صحافي حق نواز سومرو، ذوالفقار علي نصيراڻي، مولوي عبدالجبار، مولوي عبدالماجد ندیم چاچڙ ۽ ٻين اڳيان اسٽيل ٽائون ٿاڻي تي بينظير انڪم سپورٽ سينٽر ۾ فحش حرڪت ڪندڙ جوابدار بدرالدین پٺاڻ کي پيش ڪرڻ جي 3 ڏينهن جي مهلت ورتي هئي
پر ڪيترائي ڏينهن گذرڻ باوجود ڀائي جان ٻرڙو جوابدار پيش نه ڪري سگهيو آهي ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته ڀائي جان ٻرڙو خاموشي اختيار ڪري معاملو رفع دفع ڪرڻ چاهي ٿو
علائقي جي ماڻهن آئي جي سنڌ، ايس پي ملير ۽ ٻين اعلي عملدارن کي ڪارروائي ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.
آگسٽ 24, 2023