شهيد مزدور اڳواڻ عثمان غني  

Spread the love

حبيب الدين جنيدي

                         مزدور تحريڪ ۽ ان حوالي سان جدوجهد ۽ جيل جي قيد ڪاٽڻ جي تڪليفون کڻڻ وارن اڳواڻن جي وڏي تعداد اڄ به اسان جي معاشري ۾ موجود آهي پر ان راهه ۾ جان جو نذرانو پيش ڪرڻ وارا بينڪنگ انڊسٽري جي واحد اڳواڻ شهيد عثمان غني جي اڄ 26هين ورسي آهي. عثمان غني 1948ع ۾ ڪراچي ۾ پيدا ٿيو. هن اين جي وي هاءِ اسڪول مان ميٽرڪ جڏهن ته گريجوئيشن ڪراچي يونيورسٽي مان ڪئي ۽ مسلم ڪمرشل بينڪ جي ملازمت اختيار ڪئي. هو شروع ۾ ئي انقلابي ۽ مظلوم مزدور طبقي جي حمايت ۾ انتهائي پرجوش خيال رکندو هو. هي سوچ ان کي مزدور تحريڪ ۽ پيپلز پارٽي ۾ وٺي آئي ۽ 1972 ۾ مسلم ڪمرشل بينڪ لميٽيڊ جي سي بي اي يونين جو مرڪزي صدر چونڊجي ويو ۽ ان طرح ڏسندي ئي ڏسندي ان جو شمار ملڪ جي ممتاز مزدور اڳواڻن ۽ پ پ پ جي جيالن قائدين ۾ ٿيڻ لڳو. مزدور تحريڪ ۾ عثمان غني شهيد کي هڪ فائيٽر ۽ قربانيون ڏيڻ وارن قائدين ۾ ڪيو ويندو هو جڏهن ته جمهوريت جي بحالي لاءِ پڻ هن شهيد بينظير ڀٽو جي قيادت ۾ جدوجهد ڪئي ۽ قيد ڪاٽڻ جون مشڪلاتون خوش دلي سان برداشت ڪيون. راقم الحروف جي معلومات جي مطابق عثمان غني جو شمار انهن مزدورن اڳواڻن ۾ ٿيندو آهي ته جنهن محنت ڪندڙ جي حقن جي تحفظ جي لاءِ ڪيترائي دفعا جيل ڪاٽي ۽ هو ان تحريڪ جا واحد اڳواڻ هئا جنهن کي قتل پڻ ڪيو ويو. عثمان غني مسلم ڪمرشل بينڪ ۽ ٻين بينڪس جي ملازمن جي حقن لاءِ پڻ مثالي جدوجهد ڪئي ۽ ڪڏهن به اصولن تي سمجهوتو نه ڪيو ۽ اها ئي وجه آهي ته بينڪ ملازم اڄ به ان کي پنهنجو هيرو قرار ڏيندا آهن.

شهيد عثمان غني کي آخري بار نواز شريف جي دور حڪومت ۾ نجڪاري پاليسي ۽ مسلم ڪمرشل بينڪ جي پرائيويٽائزيشن جي خلاف تحريڪ 1991ع جي شروع ۾ گرفتار ڪيو ويو، هن گرفتاري ۽ جيل ۽ قيد بند ۾ رقم الحروف کي پڻ ان جي گڏجڻ جو شرف حاصل ٿيو هو.

مزدورن ۽ ٽڪرا، ٽڪرا ٿيل طبقي لاءِ پنهنجي زندگي وقف ڪرڻ واري هن عظيم مزدور اڳواڻ کي عوام دشمنن ۽ ڏوهارين ماڻهن 17 سيپٽمبر 1995ع جي صبح جو هڪ منحوس لمحي ۾ ان وقت شهيد ڪري ڇڏيو ته جڏهن هو اباڻي رهائش گاهه مان پنهنجي آفيس واقع هيڊ آفيس ايم سي بي بينڪ لاءِ روانو ٿئي ئي پيو ته چنيسر ڳوٺ ڪالا پل تي ان جي ڪار تي فائرنگ ڪري ان کي شهيد ڪري ڇڏيو. (انالله و انا اليه راجعون)

عثمان غني کي اسان کان جدا ٿيندي ڇويهه سال گذري چڪا آهن پر ان جي ياد اڄ به لکن جي تعداد ۾ دلين ۾ تازا آهي ته شهيد هاڻي اسان جي درميان موجود ناهي پر ان جو پٽ سعيد غني پنهنجي عظيم پيءُ جي نقش قدم تي هلندي اڄ پڻ مظوم طبقي جي حقن جي تحفظ لاءِ ميدان عمل ۾ موجود آهن، هو ماشاء الله هن وقت صوبائي وزير محنت ۽ پ پ پ ڪراچي ڊويزن جي صدر جي حيثيت سان فرائض انجام ڏئي رهيا آهن ۽ حڪومتي ريڪارڊ شاهد آهن ته هن پنهنجي دور وزارت ۾ محنت ڪندڙ طبقي جي مفادن جي تحفظ لاءِ مثالي قانون سازي ڪرائي جنهن جو سلسلو پڻ جاري آهي. اسان ان نوجوان سياستدان جي روشن مستقبل لاءِ دعاگو آهيون. 

سيپٽمبر 17, 2022

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو