باربي جو ڪردار نڀائيندڙ اداڪارا کي ڪيترو معاوضو مليو؟

Spread the love

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ فلم باربي سڄي دنيا ۾ زبردست ڪاميابي ماڻي آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ گُڏيءِ جو ڪردار ادا ڪندڙ مارگوٽ روبي کي به رڪارڊ معاوضو ڏنو ويو آهي.

33 ورهين جي اداڪارا باربي جي پروڊيوسر به آهي ۽ هن مرڪزي ڪردار ادا ڪرڻ سميت باڪس آفيس بونس جي مد ۾ 5 ڪروڙ ڊالرز معاوضو ورتو آهي.

باربي جو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ کيس هڪ ڪروڙ 25 لک ڊالرز ڏنا ويا جڏهن ته ٻيو معاوضو باڪس آفيس ۾ نت نواز رڪارڊز ٺاهڻ تي مليو.

اها فلم سڄي دنيا ۾ هڪ ارب ڊالرز کان وڌيڪ بزنس ڪري چڪي آهي.

مارگوٽ روبي جي معاوضي ۾ وڌيڪ اضافي جو امڪان آهي ڇو جو فلم اڃا به باڪس آفيس تي سٺو بزنس ڪري رهي آهي.

پر پوءِ به هوءَ ڪنهن فلم لاءِ سڀ کان وڌيڪ معاوضو وٺندڙ اداڪار جو رڪارڊ پنهنجي نالي نه ڪري سگھندي جيڪو اڃا به 2014ع جي فلم گريوٽي ۾ ڪم ڪندڙ Sandra Bullock وٽ آهي.

Sandra Bullock کي ان فلم ۾ ڪم ڪرڻ عيوض 7 ڪروڙ ڊالرز ڏنا ويا هئا.

آگسٽ 17, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو